پيپلز پارٽي حڪومت هر شهري کي بهتر، محفوظ ۽ تيز سفر جي سهولت فراهم ڪندي، وڏي وزير پاران ڪراچي ۾ ميگا ترقياتي رٿائن جو جائزو
پيپلز پارٽي حڪومت هر شهري کي بهتر، محفوظ ۽ تيز سفر جي سهولت فراهم ڪندي، وڏي وزير پاران ڪراچي ۾ ميگا ترقياتي رٿائن جو جائزو
Posted on: 19 Dec 2025 Tags:ڪراچي (14 ڊسمبر 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آچر ڏھاڙي صبح جو شهر جو اوچتو دورو ڪيو ۽ ڪراچيءَ ۾ ھلندڙ ڪيترن ئي ميگا ترقياتي ۽ ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر رٿائن جي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو، جن ۾ شاھراھھ ڀٽو، ڪورنگي ڪازوي برج جنڪشن، ملير نديءَ تي پل، ملير ۾ فلائي اوورز ۽ بي آر ٽي ريڊ لائن ۽ گرين لائن جا ڪورڊور شامل آهن. وڏي وزير سان گڏ صوبائي مڪاني ادارن وارو وزير سيد ناصر حسين شاهه، سيڙپڪاري بابت خاص صلاحڪار سيد قاسم نويد ۽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وھاب پڻ موجود هئا. وڏي وزير ھلندڙ ڪمن جو معائنو ڪيو ۽ لاڳاپيل کاتن ۽ رٿائن جي عملدارن کان تفصيلي بريفنگ حاصل ڪئي. دورانِ دوري ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ڪراچيءَ جون ترقياتي رٿائون رڳو تعميراتي سرگرميون نه آهن پر شهر جي معاشي ترقي، ٽرئفڪ ۾ سڌارو ۽ زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڊگھي مدي وارا سيڙپڪاري آهن. هن چيو ته اهي رٿائون ڪراچيءَ کي جديد، مقابلي واري ۽ رهڻ لائق شهر بڻائڻ لاءِ ضروري آهن. معيار، شفافيت ۽ مقرر وقت تي ڪنهن به قسم جي سمجھوتو نھ ڪيو ويندو. ڪورنگي ڪازوي برج جنڪشن (شاھراھھ ڀٽو): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ شاھراھھ ڀٽو تي ڪورنگي ڪازوي برج جنڪشن رٿا جو دورو ڪيو جتي سندس رٿا جي ڊزائن ۽ اڳڀرائيءَ بابت آگاهه ڪيو ويو. 1.89 ارب رپين جي قيمت واري ھيءَ ميگا رٿا سنڌ حڪومت جي مڪاني ادارن واري کاتي هيٺ مڪمل ٿي رھي آھي. رٿا ۾ چار لوپس ۽ چار سلپ روڊ شامل آهن، جن جي ڪل ڊيگھھ 2.7 ڪلوميٽر آهي، جڏهن ته مکيا روڊ جي ڊيگھھ 741.656 ميٽر آهي. سلپ روڊز جي ڪل ڊيگھھ 1,427.160 ميٽر آهي. وڏي وزير کي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ٻڌايو ته رٿا تي ڪم پھرين آڪٽوبر 2025ع تي شروع ٿيو ۽ اڃا تائين 40 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. وڏي وزير تعميراتي ڪم تي تيزي آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ملير نديءَ تي هجڻ سبب ڪورنگي ڪازوي چوماسيءَ جي موسم ۾ گهڻو ڪري پاڻي هيٺ اچي ويندو آهي، جنهن سبب شديد ٽرئفڪ جا مسئلا پيدا ٿين ٿا. رٿا جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ٽرئفڪ جي رواني بهتر ٿيندي ۽ شهرين کي ڊگھي مدي وارو آرام ملندو. هن تعمير دوران حفاظتي انتظامن ۽ متبادل رستن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته جاري ڪم دوران شهرين جي سهولت کي يقيني بڻايو وڃي. وڏي وزير چيو ته ھيءَ رٿا ڪورنگي، قيوم آباد ۽ ويجهڙن علائقن ۾ ٽرئفڪ جام ۾ نمايان گهٽتائي آڻيندي ۽ صنعتي ۽ تجارتي سرگرمين کي ھٿي ملندي. ملير ندي تي اين فائيو پل (مرغي خانو وٽ): وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مرغي خاني جي ويجهو ملير ندي تي اين فائيو پل جي تعمير جو پڻ معائنو ڪيو. هيءَ رٿا ترقياتي پروگرام 2024-25 25 هيٺ مڪمل ٿي رھي آھي. 2.9216 ارب رپين جي لاڳت سان ھيءَ رٿا 20 مارچ 2025ع تي شروع ٿيو ۽ 20 مارچ 2026ع تائين مڪمل ٿيڻ جو شيڊول آهي. پل جي ڪل ڊيگھھ 457 ميٽر ۽ ڪيري وي جي ويڪر 15 ميٽر هوندي، جڏهن ته ان ۾ ريمپس، سروس روڊز، ميڊين، فٽ پاتھ ۽ جديد پل جو ڍانچو شامل هوندو. وڏي وزير هدايت ڏني ته اھڙيون انفراسٽرڪچر رٿائون ڪراچي جي ٽرئفڪ مسئلن جي حل لاءِ ضروري آهن. ڪنهن به قسم جي دير برداشت نه ڪئي ويندي ۽ رٿا مقرر وقت ۾ مڪمل ٿيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته هيءَ پل خاص طور تي ملير ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي رهواسين لاءِ محفوظ، تيز ۽ مؤثر سفر جي سهولت فراهم ڪندو. خالد بن وليد روڊ فلائي اوور (ڀينس ڪالوني): ملير جي دوري دوران وڏي وزير ريلوي لائن تي ڀينس ڪالوني وٽ خالد بن وليد روڊ فلائي اوور جي تعمير جو جائزو ورتو. هيءَ رٿا CLICK فيز ٽو هيٺ مڪمل ڪئي پئي وڃي ۽ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) ان تيعملدراآمد ڪري رهي آهي. خالد بن وليد روڊ فلائي اوور 682 ميٽر ڊگهو ۽ 20.65 ميٽر ويڪرو آھي ۽ مهراڻ هاءِ وي کي نيشنل هاءِ وي اين فائيو سان ڳنڍيندو. فائي اوور جي ٻنهي پاسن تي ٻه ٻه قطارون هونديون، هر قطار جي جي ويڪر 3.65 ميٽر هوندي. رٿا ۾ ريمپس، 1,418 ميٽر ڊگهو ايٽ گريڊ روڊ، پارڪنگ لينز ۽ فٽ پاتھ پڻ شامل آهن. رٿا جي گڏيل لاڳت 1.6218 ارب رپيا آهي. مالي پيش رفت 48 سيڪڙو ۽ فزڪل پيش رفت 58 سيڪڙو ٿي چڪي آهي. وڏي وزير کي ميئر ڪراچي مرتضيٰ وھاب ٻڌايو ته سڀ 20 ۽ 50 ميٽر جا گرڊرز نصب ٿي چڪا آهن ۽ ٻنهي پاسن تي ايم ايس اي ديوار جو ڪم ھلندڙ آهي. وڏي وزير چيو ته هي فلائي اوور شهري آمدورفت بهتر ڪرڻ ۽ ڪراچي کي وڌيڪ رهڻ لائق شهر بڻائڻ واري اسان جي وڏي نظريي جو حصو آهي. رٿا جي مڪمل ٿيڻ جي اميد جنوري 2026ع تائين آهي. بي آر ٽي ريڊ لائن: سنڌ جي وڏي وزير ملير ڪينٽ کان نمائش چورنگي تائين بي آر ٽي ريڊ لائن ڪورڊور جو معائنو ڪيو ۽ ان کي سنڌ حڪومت جي سڀ کان اهم ۽ اسٽريٽيجڪ عوامي ٽرانسپورٽ رٿائن مان هڪ قرار ڏنو. هن چيو ته بي آر ٽي ريڊ لائن جو مقصد ڪراچي جي شهرين کي تيز، محفوظ، باعزت ۽ ماحول دوست سفر جي سهولت فراهم ڪرڻ آهي. هيءَ رٿا روزاني سفر ۾ انقلاب آڻيندي. سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ريڊ لائن ٻه لاٽس تي ٻڌل آهي. لاٽ ون ملير هالٽ کان نمائش تائين 9.65 ڪلوميٽر ڊگهو آهي، جڏهن ته لاٽ ٽو 12.85 ڪلوميٽر ڊگهو آهي. لاٽ ون ۾ ست جديد بس اسٽيشنز، ٽي انڊر پاسز، ٻه فلائي اوورز، ٻه بس ڊيپوز، پاڻيءَ جي نيڪال جي نظام، لينڊسڪيپنگ ۽ خاص بي آر ٽي انفراسٽرڪچر شامل آهي. لاٽ ون جي ڪل لاڳت 13.79 ارب رپين کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته مجموعي اڳڀرائي 36.01 سيڪڙو ڪئي وئي آهي. دير جا سبب شديد مينهن، يوٽيليٽيز جي منتقلي ۽ ڊيزائن ۾ تبديليون ٻڌايا ويا. وڏي وزير ڪم کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ترقياتي رٿائون ترت مڪمل ڪيون وڃن تھ جيئن شهرين کي گهٽ ۾ گهٽ ڏکيائي ٿئي. مقامي آبادي ۽ واپارين کي سهولت فراهم ڪئي وڃي ۽ ماحولي ۽ حفاظتي معيار تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. گرين لائن: سنڌ جي وڏي وزير ايم اي جناح روڊ تي گرين لائن رٿا هيٺ ھلندڙ ترقياتي ڪمن، بشمول بس اسٽاپس، ٽڪيٽنگ سسٽم ۽ انڊر پاس سهولتون جو پڻ جائزو ورتو. ٽرانس ڪراچي جي سي اي يو فواد سومري وڏي وزير کي بريفنگ ڏني. سيد مراد علي شاھھ چيو ته ايم اي جناح روڊ ڪراچيءَ جو مصروف ترين روڊن مان هڪ آهي. گرين لائن تي ڪم انتهائي تيزي سان مڪمل ڪيو وڃي، پر حفاظت ۽ ٽرئفڪ جي رواني کي يقيني بڻايو وڃي. دورانِ دوري جي پڄاڻي تي وڏي وزير ٻيهر زور ڀريو ته سنڌ حڪومت ڪراچيءَ لاءِ جديد انفراسٽرڪچر فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته اهي رٿائون رڳو روڊ، فلائي اوورز يا بس ڪورڊورز نه آهن پر ڪراچيءَ جي خوشحالي جي ضمانت آهن. پيپلز پارٽي حڪومت شهري کي بهتر، محفوظ ۽ تيز سفر جي سهولت فراهم ڪندي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سڀني لاڳاپيل کاتن، ڪنسلٽنٽس ۽ ڪنٽريڪٽرز کي هدايت ڪئي ته گڏيل رابطا مضبوڀ ڪيا وڃن، نگراني جو نظام بهتر بڻايو وڃي ۽ جديد ٽيڪنالاجي ۽ اسمارٽ ميئنجمنٽ ٽولز ذريعي رٿائن کي وقت سر ۽ اعليٰ معيار سان مڪمل ڪيو وڃي.
Back