ڪراچي ۾ 39 ڏينهن وارو عالمي ثقافتي ميلو، 142 ملڪن جي فنڪارن جي شرڪت سنڌ لاءِ وڏو اعزاز آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي ۾ 39 ڏينهن وارو عالمي ثقافتي ميلو، 142 ملڪن جي فنڪارن جي شرڪت سنڌ لاءِ وڏو اعزاز آهي: مراد علي شاهه

Posted on: 19 Dec 2025   Tags:

ڪراچي (07 ڊسمبر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته آھی تہ ڪراچي ۾ 39 ڏينهن جو عالمي ثقافتي ميلو، جنهن ۾ 142 ملڪن جي 1000 کان وڌيڪ فنڪارن جي شرڪت صوبي لاءِ هڪ وڏو اعزاز آهي. بهترين ميزباني سنڌ جي ثقافت جو هڪ قديم ورثو آهي. هي شاندار تقريب سنڌ ۽ پاڪستان جي بي مثال ثقافتي ڪاميابي کي ظاهر ڪري ٿي. سنڌ جي وڏي وزير اها ڳالهه آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي اختتامي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته سنڌي ثقافتي ڏينهن ۽ عالمي ثقافتي ميلو هن تقريب کي هڪ متحرڪ جشن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. وڏي وزير خاص مهمانِ طور تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۽ ان جي صدر محمد احمد شاهه کي مبارڪباد پيش ڪندي ان کي پاڪستان جي ثقافتي تاريخ ۾ هڪ. قابل ذڪر ڪارنامو قرار ڏنو. وڏي وزير پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڪراچي 142 ملڪن جي هڪ هزار کان وڌيڪ فنڪارن کی ڀليڪار ڪري دنيا لاءِ پنهنجا در کولي ڇڏيا آهن. هي رڳو هڪ تقريب نه هڪ سنگ ميل آهي جو سنڌ جي امن، رواداري ۽ مهمان نوازي جي پائيدار جذبي کي اجاگر ڪندو آهي. مراد علي شاهه چيو ته اها وڏي دلچسپ ڳالهه آهي جو جنهن ڏينهن سنڌي ڪلچر ڊي ملهائي پئي وڃي، ساڳئي ڏينهن ورلڊ ڪلچر فيسٽيول جون تقریبوں شان سان اختتام پذير ٿيون، جيڪو هڪ خوشگوار اتفاق آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ثقافتي ڏينهن ۽ عالمي فن جي گڏيل رونق هن ڏينهن کي تاريخي يادگار بڻائي ڇڏيو آهي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته هي ڌرتي وڏن شاعرن، اديبن، مصورن ۽ موسيقارن کي جنم ڏنو آهي جيڪي سنڌ جي حسن، محبت ۽ فڪر جو معتبر تسلسل آهن. انهن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، شيخ اياز، اي آر ناگوري، مسرت مرزا، محمد جمن ۽ عابده پروين جهڙا هو آئيڪن طور آهن، جنهن امن ۽ پيار جو پيغام ڌرتيءَ تي پهچايو. هن چيو ته سنڌ هميشه امن ۽ آهنگي جي ٻولي ٻولي آهي آهي ۽ هي عالمي فيسٽيول به امن ۽ محبت جي پيغام جي گونج آهي. وڏي وزيرٰ آرٽس ڪائونسل جي انتظامي قيادت کي ساراهيندي چيو ته آرٽس ڪائونسل اهو ڪارنامو ڪري ڏيکاريو آهي جنهن جيڪو ناممڪن سمجهيو ويندو هو. هن وڌيڪ چيو ته 140 کان وڌيڪ ملڪن مان فنڪارن کي گڏ ڪرڻ ڏاڍو ڏكيائي وارو ڪم هو، پر احمد شاهه ثابت ڪيو ته وژن ۽ عزم سان ڪا به ڳالهه ناممڪن نه آهي. تقريب ۾ صوبائي وزير، سفارتڪار، سفير، قونصل جنرل، سرڪاري عملو ۽ فنڪار، ثقافتي وفد ۽ ميڊيا جا نمائندا موجود هئا. تقريب ۾ وڏي وزير جي آجيان، ريڊ ڪارپيٽ، تلاوتِ قرآنِ پاڪ، قومي ترانو، ميلي جو شوريل، صدر آرٽس ڪائونسل محمد احمد شاهه جو خطاب ۽ شرڪت ڪندڙ فنڪارن ۽ ساٿ ڏيندڙ ادارن لاءِ ايوارڊز جي ورهاست شامل هئي۔ وڏي وزيرعالمي ميلي کي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ تي سمورن پرڏيهي مشنز، پرهي فنڪارن ۽ مقامي فنڪارن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ صوبائي سطح تي ثقافتي سرگرمين جي واڌ ويجهه لاءِ سرڪار جي عزم جو ٻيهر اظهار ڪيو. هن چيو ته اسان گڏجي دنيا کي ڏيکاري ڇڏيو آهي ته ڪراچي هڪ عالمي ثقافتي شهر آهي ۽ سنڌ امن، جدت ۽ تخليقي صلاحيتن جي ڌرتي آهي. پروگرام تارين جي گونج سان پورو ٿيو، ٻڌندڙن ورلڊ ڪلچر فیسٽيول 2025 جي ڪاميابي ۽ سنڌي ڪلچر ڊي جي عظمت ٻنهي کي ڀرپور نموني ملهائي ڇڏيو.

Back