ڪراچي کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ جي اولين ترجيح آهي، وڏو وزير
ڪراچي کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ جي اولين ترجيح آهي، وڏو وزير
Posted on: 23 Nov 2025 Tags:ڪراچي (10 نومبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ريڊ لائن جو ڪم جاري آهي ۽ K-4 منصوبي تحت پاڻي جي پائپ لائين اڳ ۾ ئي انهيءَ روٽ تي وڇائي پئي وڃي ته جيئن روڊ کي بار بار کوٽڻ جي ضرورت نه پوي. هن چيو ته K-4 منصوبو ڪراچي جي ڊگهي مدي وارن پاڻيءَ جي مسئلن جي حل لاءِ هڪ اهم قدم آهي. وڏي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪراچي جي ماڻهن کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي سڀ کان اولين ترجيح آهي. K-4 منصوبو تحت عزيز ڀٽي پارڪ کان اردو يونيورسٽي تائين تعميرات جاري آهن جن مان صرف 300 ميٽر جو حصو عارضي طور بند آهي. وڏي وزير هدايت ڪئي آهي ته عوام جي سهولت لاءِ متبادل روٽ مهيا ڪيا وڃن. هن چيو ته جڏهن عزيز ڀٽي پارڪ کان اردو يونيورسٽي تائين جو حصو مڪمل ٿيندو ته روڊ بحال ڪئي ويندي ۽ ڪم ايندڙ مرحلي ڏانهن وڌايو ويندو. 9.6 ۽ 7.2 انچ قطر واريون پائپ لائينون عزيز ڀٽي پارڪ کان حسن اسڪوائر تائين وڇايون پيون وڃن جيڪي مستقبل ۾ شهر جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪنديون. وڏي وزير چيو ته ريڊ لائن جو ڪم به جاري آهي ۽ پائپ لائن اڳواٽ روٽ تي وڇائي پئي وڃي ته جيئن بار بار کوٽڻ سبب مسئلا پيدا نه ٿين. هي پائپ لائن بحريه ٽائون ۾ تعمير هيٺ پاڻي صاف ڪرڻ واري پلانٽ کان گل بائي تائين پهچندي. عارضي روڊ بند ڪرڻ سبب ٽريفڪ ۾ ڪجهه رڪاوٽ جو امڪان آهي. وڏي وزير ٽريفڪ پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته شهرين جي رهنمائي ڪن ۽ صبح ۽ شام جي وقت ٽريفڪ رواني کي يقيني بڻائين. وڏي وزير زور ڏنو ته هر مرحلي تي عوامي سهولت يقيني بڻائجي ۽ شهرين کان اپيل ڪئي ته متبادل روٽن جو استعمال ڪن. هن چيو ته هي عارضي تڪليفون مستقبل ۾ ڊگهي مدي وارن فائدي جو سبب بڻبيون. K-4 منصوبو تڪڙي رفتار سان مڪمل ڪيو ويندو ۽ واٽر بورڊ کي مقرر وقت ۾ ڪم مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جاري ترقياتي ڪم سبب پيش ايندڙ ڪنهن به تڪليف لاءِ معذرت ڪري ٿي ۽ ڪراچي کي جديد سهولتن سان ليس شهر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.
Back