سعودي عرب جي 95هين قومي ڏھاڙي تي وڏي وزير جي شرڪت، ڀائپيءَ وارن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو عزم

سعودي عرب جي 95هين قومي ڏھاڙي تي وڏي وزير جي شرڪت، ڀائپيءَ وارن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو عزم

Posted on: 24 Sep 2025   Tags:

ڪراچي (22 سيپٽمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سعودي عرب جي 95هين قومي ڏھاڙي جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي۔ تقريب مقامي هوٽل ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سعودي قونصل جنرل محمد ن۔ م۔ السباعِي، مختلف ملڪن جا سفارتي نمائندا، اعليٰ سول ۽ فوجي عملدار ۽ معزز مهمان شريڪ ٿيا۔ وڏي وزير سعودي قونصل جنرل محمد ن۔ م۔ السباعِي کي گلدستو پيش ڪيو ۽ ان کي قومي ڏينهن جي مبارڪباد ڏني۔ هن پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي عوام پاران پڻ سعودي قيادت ۽ عوام کي دلي مبارڪباد پيش ڪئي۔ تقريب کي خطاب ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ڳانڍاپا دنيا ۾ پنهنجي مثال پاڻ آهن۔ هن چيو ته 1951ع جي معاهدي سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جو نئون دور شروع ٿيو ۽ تازو دفاعي معاهدو مسلم امت جي تحفظ لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهي۔ وڏي وزير سعودي قونصل جنرل ۽ سعودي عوام کي ٻيهر قومي ڏينهن جي مبارڪباد پيش ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا ۽ ٻنهي ملڪن جا تعلقات وڌيڪ هٿي وٺندا۔

Back