سعودي ڪاروباري وفد جو سنڌ جي دوري دوران وڏو اڳڀرائي وارو قدم, وڏي وزير پاران سعودي سيڙپڪارن کي زراعت، توانائي ۽ انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري جي دعوت

سعودي ڪاروباري وفد جو سنڌ جي دوري دوران وڏو اڳڀرائي وارو قدم, وڏي وزير پاران سعودي سيڙپڪارن کي زراعت، توانائي ۽ انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري جي دعوت

Posted on: 17 Oct 2025   Tags:

ڪراچي (9 آڪٽوبر): سنڌ جي معيشت ۾ هڪ اهم ۽ مثبت اڳڀرائي ان وقت ڏسڻ ۾ آئي جڏهن سنڌ جي وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه پنهنجي آفيس ۾ سعودي-پاڪ گڏيل ڪاروباري ڪائونسل جي چيئرمين شهزاده منصور بن محمد آل سعود ۽ 30 ميمبرن تي ٻڌل هڪ اعليٰ سطحي ڪاروباري وفد جو ميزباني ڪئي۔ هي دورو پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن ۽ گڏيل اقتصادي هدفن جي گهراين کي اجاگر ڪري ٿو۔ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت سعودي عرب سان ڊگهي مدي واري اقتصادي سهڪار کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي۔ هن سعودي سيڙپڪارن کي زراعت، لائيو اسٽاڪ، معدنيات ۽ مائننگ، انفراسٽرڪچر، توانائي، ۽ خوراڪ جي تحفظ (فوڊ سيڪيورٽي) جي شعبن ۾ سيڙپڪاري لاءِ دعوت ڏني۔ هن چيو ته سنڌ پاڪستان جو پهريون صوبو آهي جنهن پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (PPP) جي مضبوط ماڊل تحت ڪيترائي اهم انفراسٽرڪچر ۽ سماجي شعبن جا منصوبا ڪاميابي سان مڪمل ڪيا آهن۔ سيد مراد علي شاهه زور ڏنو ته حڪومت کان ڪاروبار تائين (G2B) ۽ ڪاروبار کان ڪاروبار تائين (B2B) لاڳاپا ٻنهي ملڪن ۾ جدت، ڪارڪردگي، ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي کي هٿي ڏيندا۔ ٻنهي ڌرين اتفاق ڪيو ته ترجيحي شعبن ۾ گڏيل ورڪنگ گروپس قائم ڪيا ويندا ته جيئن هدفن تائين موثر ۽ پائيدار ترقي حاصل ٿي سگهي۔ شهزاده منصور بن محمد آل سعود سنڌ حڪومت جي مهمان نوازيءَ تي ٿورائتو ٿيو ۽ ڪراچي ۽ سنڌ ۾ سيڙپڪاري جي وسيع موقعن ۽ سازگار ڪاروباري ماحول جي تعريف ڪئي۔ هن اعلان ڪيو ته مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ سب-ڪميٽيون قائم ڪيون وينديون، جيڪو سعودي-پاڪ اقتصادي لاڳاپن ۾ هڪ نئين دور جي شروعات آهي۔ شهزاده منصور بن محمد آل سعود چيو اسان جي بزنس ڪائونسل ڪا نئين ناهي، اسان جي وچ ۾ ٻه طرفي واپار جي ڊگهي تاريخ آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم جي تازي سعودي عرب دوري دوران اسان سيڙپڪارن جو وفد ساڻس گڏ آندو ته جيئن نون سيڙپڪاري موقعن تي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي۔ هن چيو اسان گڏجي معيشت کي مضبوط ڪنداسين۔ پاڪستان سڄي علائقي لاءِ واپار جو دروازو آهي ۽ سياحت جي لحاظ کان به انتهائي اهم ملڪ آهي۔ اسان هر شعبي جا سيڙپڪار گڏ آندا آهن جيڪي هتي سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن۔ پاڪستان ۾ نجي شعبي ۾ خانگي ڪاريءَ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي ۽ اسان ان کي پنهنجي لاءِ هڪ سونهري موقعو سمجهون ٿا۔ شهزاده منصور وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ اقتصادي سهڪار وڌائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪيو ويندو ته جيئن ٻنهي ملڪن کي فائدو ملي سگهي۔ سندھ ۾ سيڙپڪاريءَ جا موقعا: سعودي وفد کي ڏنل تفصيلي پريزنٽيشن ۾ سنڌ جي سيڙپڪاريءَ جي امڪانن ۽ جاري منصوبن بابت ڄاڻ ڏني وئي۔ سنڌ جيڪو لڳ ڀڳ 6 ڪروڙ ماڻهن جو گهر آهي، پاڪستان جي GDP، صنعت ۽ ٽيڪس آمدني جو اهم مرڪز آهي۔ توانائيءَ جي شعبن، ڪوئلو، شمسي، هوا ۽ گئس سان گڏ زراعت، فوڊ پروسيسنگ، لاجسٽڪس، انڊسٽريل زونز ۽ ايڪو ٽورزم جا موقعا به نمايان طور پيش ڪيا ويا۔ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ڪامياب منصوبن ۽ عالمي ادارن جهڙوڪ ورلڊ بئنڪ، ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ (ADB)، شنگھائي اليڪٽرڪ، اينگرو ۽ مڪنزي سان شراڪتن جو حوالو ڏيندي چيو ويو ته سنڌ هڪ قابلِ اعتماد ۽ سيڙپڪار دوست صوبو آهي۔ في الحال سنڌ جي سيڙپڪاريءَ جي پورٽ فوليو جو اندازو 5 ارب آمريڪي ڊالر کان وڌيڪ آهي جنهن ۾ ٽيڪنالاجي، پاڻيءَ جو انتظام، انفراسٽرڪچر، ۽ مهمان نوازيءَ جا شعبا شامل آهن۔ اهم منصوبن ۾ سنڌ اينگرو ڪوئل مائننگ ڪمپني، پاڪستان جي پهرين اوپن پِٽ لِگنائٽ مائن، سِنو سنڌ ريسورسز لميٽيڊ (ٿر بلاڪ-1 منصوبو)، نبيسر-وجيهير واٽر سپلاءِ پروجيڪٽ، اين اي ڊي ٽيڪنالاجي پارڪ، ۽ سياحت جا منصوبا جهڙوڪ هاڪس بي بيچ ريزورٽ ۽ ڪينجهر ليڪ ريزورٽ شامل آهن۔ وڏي وزير حڪومت جي سيڙپڪاريءَ جي عمل کي آسان بڻائڻ، زمينن جي رڪارڊ جي ڊجيٽائيزيشن، ۽ سيڙپڪارن کي مڪمل سهولت فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو۔ هن چيو ته وفاقي ادارن سان ويجهو رابطو رکيو ويندو ته جيئن ڪاروبار دوست ماحول ۽ منصوبن تي موثر عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي۔ هي اعليٰ سطحي ملاقات سنڌ ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ، واپار کي وڌائڻ ۽ نون گڏيل منصوبن جي شروعات لاءِ هڪ اهم قدم آهي۔ اهو تعاون سعودي ويزن 2030 ۽ سنڌ جي ترقي پسند، متحرڪ ۽ شامل ڪندڙ مستقبل جي ويزن سان مطابقت رکي ٿو۔ وڏي وزير سان گڏ صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه، سعيد غني، مخدوم محبوب الزمان، جام خان شورو، جام اڪرم ڌاريجو ۽ مڪيش چاوله پڻ موجود هئا۔ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون: ان موقعي تي ٻن اهم مفاهمتي يادداشتن (MoUs) تي دستخط ڪيا ويا، جيڪي K-Electric جي ملڪيت جي ڍانچي ۽ مستقبل جي سهڪار واري فريم ورڪ ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آهن۔ پهريون MoU KES پاور لميٽيڊ ۾ شيئرز جي خريد ۽ وڪري بابت هو، جڏهن ته ٻيو MoU K-Electric Limited ۽ Trident Energy Ltd جي وچ ۾ طئي ٿيو جنهن جو مقصد پاڪستان جي توانائي شعبي ۾ اسٽريٽجڪ سهڪار ۽ سيڙپڪاريءَ جا موقعا ڳولڻ آهي۔ اهي معاهدا پاڪستان جي توانائي مارڪيٽ ۾ بين الاقوامي سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد ۽ بجليءَ جي پيداوار، ترسيل ۽ تقسيم جي ڍانچي ۾ سڌارن لاءِ نئين عزم جي عڪاسي ڪن ٿا۔

Back