سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ تياريون: وڏي وزير جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس، نون رٿائن جو تفصيلي جائزو
سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ تياريون: وڏي وزير جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس، نون رٿائن جو تفصيلي جائزو
Posted on: 13 May 2025 Tags:ڪراچي (12 مئي)؛ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي صدارت هيٺ وزيراعلىٰ هائوس ۾ هڪ اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ مالي سال 2025-26 لاءِ صوبائي بجٽ جو حصو بڻجندڙ سالياني ترقياتي پروگرام (اي ڊي پي) تجويزن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ وزير منصوبابندي ۽ ترقيات سيد ناصر حسين شاھ، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھ، چيئرمين پي اينڊ ڊي بورڊ نجم احمد شاھ، پرنسپل سيڪريٽري وزيراعلىٰ آغا واصف، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، سيڪريٽري منصوبابندي زبير چنا ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاھ اعلان ڪيو ته نئين سالياني ترقياتي پروگرام ۾ ڪيتريون ئي ترقياتي اسڪيمون شامل ڪيون وينديون جن ۾ پاڻي جي فراهمي، نيڪال آب، سج جي توانائي، صنعتي ۽ زرعي ترقي هوندي.هن زور ڏنو ته ٻوڏ متاثر اسڪولن جي نئين سر تعمير هيٺ ترقياتي منصوبا ترجيح هوندا. وڏي وزير هدايت ڪئي ته رٿابندي ۽ ترقي کاتي پنهنجي سڀني جاري ۽ ڄاڻايل اسڪيمن جي منصوبابندي احتياط سان ڪري، جاري ۽ مڪمل ٿيندڙ اسڪيمن کي ترجيح ڏني وڃي ۽ نون تجويزن جي منظوري کان اڳ انهن جو مڪمل جائزو ورتو وڃي. هلندڙ سال جي ترقياتي پروگرام تي روشني وڌندي مراد علي شاھ چيو ته گذريل سال (2024-25) جو سالاني ترقياتي پروگرام 493 ارب روپيا هو جن مان 55 ارب روپيا ضلع وار اے ڊي پي تحت رکيا ويا. مراد علي شاھ وڌيڪ ٻڌايو ته موجوده مالي سال دوران 4644 ترقياتي اسڪيمون جاري آهن جن مان اميد آهي ته 1812 اسڪيمون جون 2025 جي آخر تائين مڪمل ڪري ڇڏيون وينديون. هن چيو ته کاتن کي جاري ترقياتي اسڪيمن جي وقت سر مڪمل ٿيڻ تي مڪمل ڌيان رکڻ گهرجي. منصوبابندي ۽ ترقيات کاتي کي هدايت ڏني ته اهي پنهنجي وسيلن ۽ منصوبن کي ان حساب سان ترتيب ڏين. اجلاس جي پڄاڻي ان اتفاق تي ٿي ته مالي سال 2026-27 جي بجٽ ۾ شامل ڪرڻ کان اڳ سڀني نئين ڄاڻايل اسڪيمن جو تفصيل سان جائزو ورتو ويندو ته جيئن انهن جي اهميت، عملدرآمد ۽ امڪاني اثرن کي يقيني بڻائي سگهجي.
Back