شڪارپور ريلوي ڌماڪو رياست تي حملو آهي: مراد علي شاهه جو نوٽيس
شڪارپور ريلوي ڌماڪو رياست تي حملو آهي: مراد علي شاهه جو نوٽيس
Posted on: 01 Aug 2025 Tags:ڪراچي (28 جولائي): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شڪارپور ويجهو جمر واھ ڀرسان ريلوي ٽريڪ تي ٿيل ڌماڪي جو فوري نوٽيس وٺندي هدايت جاري ڪئي ته زخمين کي ترت طبي امداد فراهم ڪئي وڃي۔ اهو واقعو صبح 10 وڳي 20 منٽن تي پيش آيو جنهن جي نتيجي ۾ جعفر ايڪسپريس جون ٽي بوگيون پٽڙيءَ تان لهي ويون. ابتدائي اطلاعن موجب ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا پر خوشقسمتيءَ سان ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو۔ ريسڪيو ٽيمون ۽ پوليس فورس واقعي واري هنڌ تي فوري طور تي پهچي ويون ۽ امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون. واقعي کانپوءِ ريلوي ٽريفڪ عارضي طور معطل ڪئي وئي جنهن سبب ٻين ٽرين سروسز پڻ متاثر ٿيون۔ وڏي وزير واقعي جي مڪمل جاچ جي هدايت ڪندي چيو ته ذميوارن کي هرگز بخشو نه ويندو. هن ان واقعي کي رياست تي حملو قرار ڏيندي ڏوھارين خلاف سخت قانوني ڪارروائي جو پڪو عزم ظاهر ڪيو۔
Dr. Ziauddin Ahmed Road, Karachi, Pakistan
009299202051
09:00 A.M to 05:00 P.M
2026 © Chief Minister's Secretariat