شديد برساتن کان پوءِ نيڪاليءَ جا ڪم تيز، ادارا الرٽ، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ پهرين ترجيح آهي: وزيراعليٰ سنڌ
شديد برساتن کان پوءِ نيڪاليءَ جا ڪم تيز، ادارا الرٽ، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ پهرين ترجيح آهي: وزيراعليٰ سنڌ
Posted on: 21 Aug 2025 Tags:ڪراچي (20 آگسٽ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هنگامي اجلاس جي صدارت ڪندي برساتن کان پوءِ پاڻي جي نيڪال جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ جاري ڪم جي نگراني لاءِ لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير چيو ته موسميات کاتي جي اڳڪٿي مطابق وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي تنهنڪري هر سطح تي تيار رهڻ لازمي آهي. هن چيو ته اڱاري تي شديد برسات کان پوءِ پيدا ٿيل اربن فلڊنگ جي صورتحال مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ انتظاميا شهرين کي رليف ڏيڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمن، سعيد غني، مخدوم محبوب الزمان، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، سيڪريٽري بلديات وسيم شمشاد، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو، ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه، سي اي او واٽر بورڊ احمد صديقي ۽ ٻيا آفيسر شريڪ ٿيا. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته برسات سبب شهر جا ڪيترائي روڊ تلاءُ جو منظر پيش ڪرڻ لڳا پر برسات رڪجڻ کان پوءِ فوري طور نيڪال شروع ڪيو ويو. وڏي وزير چيو ته اسان جي پهرين ترجيح عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ۽ جلدي سان معمولات زندگي جي بحالي آهي. هن ريسڪيو ٽيم جي ساراهه ڪئي جن برسات دوران فاسٽ يونيورسٽي ملير ۾ ڦاٿل 40 شاگردن کي باحفاظت ڪڍيو. انتظاميا موجب گل بائي، ماڙيپور، سينٽرل زون، گلشن، عائشه منزل، شاهراهه پاڪستان ۽ گلبرگ جهڙن اهم هنڌن تان پاڻي ڪڍيو ويو آهي. ساڳيءَ ريت ڪمشنر آفيس، هاءِ ڪورٽ، سنڌ سيڪريٽريٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي اڱڻ تان به پاڻي نيڪال ڪيو ويو آهي جڏهن ته آرٽس ڪائونسل جي اڱڻ ۾ ڪم جاري آهي. ڪراچي پوليس ۽ ٽريفڪ پوليس مشڪل حالتن باوجود ٽريفڪ کي روان رکي اثرائتو ڪردار ادا ڪيو. انهن هنڌن ۾ ڪيپري سينما، شاهراهه لياقت، ايم اي جناح روڊ، بهادرآباد ۽ ٻيا وڏا چوڪ شامل هئا. پي ڊي ايم اي شهر ۾ 26 ڊي واٽرنگ پمپ لڳايا آهن جيڪي ڏکڻ، سينٽرل، اولهه ۽ اوڀر ضلعن جي انڊر پاسن ۽ ھيٺائين علائقن مان پاڻي ڪڍي رهيا آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه شهرين کي يقين ڏياريو ته سڀئي کاتا ۽ ادارا رابطن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ته جيئن موجوده ۽ امڪاني برساتن جا اثر گهٽ کان گهٽ ڪري سگهجن. هن عوام کي اپيل ڪئي ته محتاط رهن ۽ سرڪاري هدايتن تي عمل ڪن.
Back