شديد برساتون عالمي موسمياتي تبديلي جو نتيجو آهن، حڪومت ذميواري نڀائي رهي آهي، ميئر ۽ صوبائي وزير ميدان ۾ سرگرم رهيا، وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه
شديد برساتون عالمي موسمياتي تبديلي جو نتيجو آهن، حڪومت ذميواري نڀائي رهي آهي، ميئر ۽ صوبائي وزير ميدان ۾ سرگرم رهيا، وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه
Posted on: 21 Aug 2025 Tags:ڪراچي (20 آگسٽ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته تازيون برساتون مقامي نه پر عالمي موسمياتي تبديليءَ جو تسلسل آهن جن جا اثر دنيا جي ٻين ملڪن وانگر پاڪستان ۽ خاص طور ڪراچيءَ تي به نمايان ٿي رهيا آهن۔ هن چيو ته غير معمولي برساتن باوجود انتظاميه فوري طور پاڻي جي نيڪالِ کي يقيني بڻايو ۽ شهر رات دير تائين صاف ڪيو ويو۔ مراد علي شاهه واضح ڪيو ته حڪومت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري رهي آهي، پر شهرين، نجي ادارن ۽ ميڊيا کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جيئن عوام کي برسات دوران وڌيڪ تڪليفن کي منهن نه ڏيڻو پوي۔ ڪراچيءَ ۾ جاري برسات دوران وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ سعيد غني سان گڏ شهر جي هنگامي دوري تي روانو ٿيا۔ دوري جو آغاز وڏي وزير شاهراهه فيصل کان ڪيو جتي هن برساتي پاڻيءَ جي صورتحال جو جائزو ورتو۔ هن هدايت ڪئي ته سمورا شهري ادارا ۽ انتظاميا مڪمل الرٽ رهن ۽ نيڪالِ آب سان گڏ عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ڪا به کوٽ برداشت نه ڪئي ويندي۔ دوري دوران وڏي وزير فريئر هال به پهتا جتي ميئر ڪراچي هن کي برساتي صورتحال ۽ جاري ڪمن بابت بريفنگ ڏني۔ وڏي وزير نرسري نالي جو معائنو به ڪيو ۽ نيڪالِ آب جي وهڪري جو جائزو ورتو۔ ان موقعي تي ميئر ڪراچي نالن جي صفائي ۽ پاڻي نيڪال بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني۔ وزيراعليٰ چيو ته صوبائي وزير، بلدياتي ادارا ۽ لاڳاپيل کاتا ميدان ۾ سرگرم رهن ۽ شهرين کي رليف ڏيڻ لاءِ مڪمل قدم کنيا وڃن۔ هن شهرين کي اپيل ڪئي ته غير ضروري طور گهرن کان ٻاهر نه نڪرن ته جيئن ٽرئفڪ ۽ ٻين مسئلن ۾ گهٽتائي اچي۔
ميڊيا ٽاڪ:
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته هي برساتون، جيڪي ڪالهه کان جاري آهن، مقامي مسئلو نه پر عالمي موسمياتي تبديليءَ جا نتيجا آهن۔ هن چيو ته ڪلائيميٽ چينج سبب سڄي دنيا متاثر ٿي رهي آهي۔ تازو خيبرپختونخوا ۽ گلگت بلتستان ۾ هڪ وڏو سانحو پيش آيو جتي 400 کان وڌيڪ قيمتي جانيون ضايع ٿي ويون۔ وڏي وزير ياد ڏياريو ته گذريل مهينن ۾ چين، نيويارڪ، هيؤسٽن ۽ ٻين ملڪن ۾ به غير معمولي برساتن ۽ ٻوڏن سبب ماڻهن کي شديد مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو۔ هن چيو ته پاڪستان به هن تبديليءَ کان محفوظ ناهي، راولپنڊي ۽ لاهور ۾ تازين برساتن نتيجي ۾ وڏو نقصان ٿيو، پورو لاهور ٻڏي ويو۔ وزيراعليٰ چيو ته هي سڀ موسمياتي تبديليءَ جا واضع مثال آهن جن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي۔ سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪراچيءَ ۾ ڪالهه شديد برسات رڪارڊ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ مختلف علائقن ۾ اربن فلڊنگ جي صورتحال پيدا ٿي۔ هن چيو ته ڪراچي ۾ صرف 3 کان 4 ڪلاڪن ۾ لڳ ڀڳ 160 کان 170 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي، جڏهنتہ 12 ڪلاڪن ۾ مجموعي برسات 185 کان 200 ملي ميٽر تائين پهتي۔ هن واضح ڪيو ته ايتري برسات جڏهن به ٿيندي آهي ته فلڊنگ ناگزير هوندي آهي۔ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ان ئي دوران ڀارت جي شهر ممبئي ۾ به سخت برسات ٿي، جتي 200 ملي ميٽر مينهن رڪارڊ ڪيو ويو۔ هن چيو ته اها ڳالهه به اهم آهي ته ممبئي جي سراسري برسات ڪراچيءَ کان لڳ ڀڳ ڏهه ڀيرا وڌيڪ آهي ۽ هن وقت ممبئي به مينهن سبب ٻڏل آهي۔ سيد مراد علي شاهه چيو ته هيءَ غيرمعمولي برسات ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته آبهوا جي تبديلي جا اثر صرف هڪ شهر يا ملڪ تائين محدود ناهن پر سڄي دنيا متاثر ٿي رهي آهي۔ هن زور ڏنو ته مستقبل ۾ برساتن ۽ اربن فلڊنگ کي منهن ڏيڻ لاءِ مؤثر منصوبابندي ۽ جديد نيڪالِ آب جو نظام لازمي آهي ته جيئن شهرين کي مينهن دوران مشڪلاتن کان بچائي سگهجي۔ وڏي وزير چيو آهي ته ڪراچيءَ ۾ شديد برسات باوجود شهر مان پاڻيءَ جي نيڪالي رات دير تائين مڪمل ٿي وئي۔ هن چيو ته ميڊيا ۽ عوام طرفان چيو ويو ته انتظاميه تيار نه هئي، پر مون پاڻ رات ٻارهين کان ساڍا ٻارهين تائين شهر جا مختلف علائقا گهميا ۽ ڏٺم ته اهي روڊ، جتي برسات کان پوءِ فوري طور پاڻي بيٺو هو، صبح تائين صاف ٿي ويا هئا۔ وزيراعلیٰ سنڌ وڌيڪ چيو ته نالا صاف هئا ۽ نيڪال جو نظام سرگرم رهيو۔ هن چيو ته جيڪڏهن نالا بند هجن ها ته پاڻي ڏينهن تائين بيٺل رهي ها، پر اهڙو نه ٿيو۔ ڪراچي هڪ گهڻ آباد شهر آهي، تنهن ڪري ڪجهه ڪلاڪن جي شديد برسات کان پوءِ عارضي طور پاڻي گڏ ٿيڻ فطري ڳالهه آهي۔ هن ياد ڏياريو ته 2020 ۾ به اهڙي برسات دوران صورتحال ڪيتري وڌيڪ خراب هئي۔ وزيراعلیٰ سنڌ چيو ته ان وقت برسات کان ڪيترن ڪلاڪن پوءِ به روڊ بند رهيا ۽ 24 ڪلاڪن تائين پاڻي ڇتن تائين بيٺل رهيو۔ ان جي مقابلي ۾ هن ڀيري نيڪالي وڌيڪ تيز ۽ مؤثر رهي آهي۔ سيد مراد علي شاهه چيو ته حڪومت تنقيد کي خراب نٿي سمجهي۔ هن چيو ته اهو اسان جو ڪم آهي ته شهرين جا مسئلا حل ڪريون۔ تنقيد ٿئي ٿي ته ان جو مطلب آهي عوام اسان کان اميد رکي ٿو، ۽ اسان پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻنداسين۔ وڏي وزير چيو آهي ته تازين برساتن دوران انتظاميه لڳاتار روڊن تي موجود رهي ۽ نيڪاليءَ جي عمل کي تيز ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو۔ هن چيو ته مان پاڻ رات ٻارهين وڳي تائين مختلف علائقن ۾ موجود رهيس ۽ انتظاميه سان گڏ صورتحال جو جائزو وٺندو رهيس۔ ڪالهه به ۽ اڄ به اهلڪار موقعي تي موجود رهيا۔ جيڪڏهن انتظاميه موجود نه هجي ها ته پاڻي ڪيترن ڏينهن تائين بيٺل رهي ها، پر چار پنج ڪلاڪن ۾ روڊ صاف ٿي ويا۔ وڏي وزير چيو ته ڪڏهن ڪڏهن ميڊيا تي پراڻا منظر ڏيکاري اهو تاثر ڏنو ويندو آهي ته شهر اڃا ٻڏل آهي۔ هن چيو ته مونکي حيرت آهي ته ڪي چينل ڪالهه جو منظر اڄ ڏيکارين ٿا۔ اهو ئي سبب آهي جو عوام کي گمراهه ڪندڙ تاثر ملي ٿو۔ مان پاڻ شارع فيصل تي بيٺو آهيان ۽ سڀ ڏسي رهيا آهن ته انتظاميه هتي موجود آهي ۽ ڪم ڪري رهي آهي۔ هن چيو ته صوبائي وزير ۽ ٻيا ذميوار آفيسر به روڊن تي هئا۔ هن چيو ته شرجيل انعام مينهن پاڻ ميڊيا تي چيو ته هو مينهن دوران ٻاهر موجود آهي ۽ ڪم جي نگراني ڪري رهيو آهي، تنهن ڪري اهو چوڻ درست ناهي ته انتظاميه نظر نه اچي رهي آهي۔ وڏي وزير چيو ته حڪومت تنقيد کي مثبت نموني ۾ وٺي ٿي۔ هن چيو ته اها حڪومت جي ذميواري آهي ته شهرين کي رليف فراهم ڪري۔ ان ڪري مون رات ئي ميٽنگ گهرائي ايندڙ ڏينهن جي ممڪن تيز برسات لاءِ اڳواٽ تياري جي هدايت ڏني۔ وزيراعلیٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته تازين برساتن ۽ ممڪن وڌيڪ تيز برسات جي پيشِ نظر صوبائي حڪومت عام موڪل جو فيصلو عوام جي تحفظ کي نظر ۾ رکندي ڪيو۔ هن چيو ته اسان پهريان اسڪول بند ڪيا ۽ پوءِ عام موڪل جو اعلان ڪيو ته جيئن شهري غير ضروري طور روڊن تي نه نڪرن۔ پر اڄ رڳو اڌ ڪلاڪ جي برسات کان پوءِ ڏسي سگهجي ٿو ته وڏي تعداد ۾ گاڏيون آفيسن مان نڪري گهرن ڏانهن وڃي رهيون هيون۔ جيڪڏهن برسات وڌيڪ تيز ٿي وڃي ها ته اهي سڀ ماڻهو روڊن تي ڦاسي پون ها ۽ پوءِ سارو الزام انتظاميه تي اچي وڃي ها۔ وڏي وزير چيو ته برسات جو پاڻي منٽن ۾ نٿو نڪري سگهي ۽ اهڙي حالت ۾ شهرين جو گهرن ۾ رهڻ ئي بهتر آهي۔ هن چيو ته اسان جي ذميواري آهي ته قدم کڻون، پر هر شهري جي به ذميواري آهي ته هو حڪومت جي فيصلي تي عمل ڪري ته جيئن ڏکي حالتن ۾ ڪنهن کي مشڪلاتن کي منهن نه ڏيڻو پوي۔ هن واضح ڪيو ته حڪومت تنقيد کان نه ٿو گهٻرائي پر شهرين کي به پنهنجون ذميواريون سمجهڻيون پونديون۔ وزيراعلیٰ سنڌ چيو ته جڏهن حڪومت ڪو فيصلو ڪري ٿي ته ان تي عملدرآمد سڀني جي ذميواري آهي۔ جيڪڏهن شهري تعاون نه ڪندا ته صرف انتظاميه تي بار وجهڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو۔ وڏي وزير چيو آهي ته گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ صرف ٻن کان ٽن ڪلاڪن جي برسات دوران شهر ۾ پاڻي گڏ ٿي ويو، گاڏيون بند ٿي ويون ۽ ڪيترن شهرين کي پنهنجون گاڏيون روڊن تي ڇڏي پيادل وڃڻو پيو۔ هن چيو ته اها صورتحال ان ڪري پيدا ٿي جو سڀ هڪ ئي وقت روڊن تي نڪري آيا۔ اسان ان وقت ميڊيا ذريعي عوام کي اپيل ڪئي هئي ته جيڪو جتي آهي اهو اتي ئي بيهي رهي، ڀلي آفيس ۾ هجي يا ٻار اسڪول ۾، ڪجهه ڪلاڪ بيهڻ وڌيڪ بهتر آهي، ان جي ڀيٽ ۾ جو ماڻهو روڊن تي ڦاسي وڃن يا سندن گاڏيون خراب ٿي وڃن۔ وزيراعلیٰ سنڌ چيو ته بدقسمتي سان ميڊيا هن پيغام کي ڀرپور نموني ۾ اجاگر نه ڪيو۔ هن چيو ته ميڊيا گهڻو ڪري ان وقت برسات جا منظر ڏيکارڻ ۾ مصروف رهيو ته ڪٿي پاڻي بيٺو آهي، گاڏيون ٻڏي رهيون آهن۔ اهو به ميڊيا جو ڪم آهي پر ساڳئي وقت عوام کي رهنمائي ڪرڻ به ميڊيا جي ذميواري آهي ته هو احتياط ڪن ۽ غير ضروري طور ٻاهر نه نڪرن۔ هن چيو ته حڪومت پنهنجي ذميواري نڀائي رهي آهي پر شهرين ۽ ميڊيا ٻنهي کي ذميواريءَ جو ثبوت ڏيڻو پوندو۔ وزيراعلیٰ سنڌ چيو ته اسان سڀني کي اهو احساس ڪرڻو پوندو ته برسات دوران بي احتياطي وڌيڪ مسئلا پيدا ڪري ٿي۔ جيڪڏهن اسان سڀ تعاون ڪريون ته نقصان گهٽجي سگهي ٿو۔ وزيراعلیٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گذريل ڏينهن ٿيل شديد برسات دوران صوبائي ۽ بلدياتي ادارا، ميئر ڪراچي، وزير بلديات، ڊپٽي ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر سڀ فليڊ ۾ موجود هئا ۽ نيڪاليءَ جي ڪم جي نگراني ڪري رهيا هئا۔ سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته حاليه برساتن ۾ حڪومت پنهنجي تياريون مڪمل رکيون ۽ انتظاميه فيلڊ ۾ موجود رهي، جنهن سبب شهر جي گهڻن ئي علائقن مان پاڻي نيڪالي ممڪن ٿي سگهي. هن چيو ته ڪجهه کوٽايون ضرور ٿيون، پر اهو چوڻ ته حڪومت ڪجهه نه ڪيو، سراسر ناانصافي آهي. جيڪڏهن حڪومت ڪجهه نه ڪري ها ته 5 کان 6 ڪلاڪن ۾ شارع فيصل ۽ ٻين وڏين شاهراهن تي ٽريفڪ ڪيئن بحال ٿئي ها؟ وڏي وزير چيو ته 12 انڊرپاسز مان 11 صاف ڪيا ويا آهن ۽ صرف 2 کان 3 تي ڪم جاري آهي. هن سوال ڪيو جيڪڏهن نالا صاف نه ڪيا وڃن ها ته پاڻي ڪيئن وهي وڃي ها؟. سيد مراد علي شاهه چيو ته مخالف ڌريون تنقيد ڪن ٿيون، پر حقيقتن کي به تسليم ڪرڻ گهرجي. اسان مڃون ٿا ته کوٽايون ٿيون آهن ۽ انهن تي ڪارروائي به ٿي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته بلدياتي ادارا ۽ عملي جي محنت سان شهرين کي فوري رليف مليو. برسات الله تعاليٰ طرفان آهي، اسان جو ان تي اختيار ناهي، پر اسان پنهنجو ڪم ڪيو آهي ۽ ان ڪري شهر وڏي حد تائين صاف آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته جيڪڏهن خانگي ادارا ۽ شهري به پنهنجون ذميواريون نڀائن ها ته مسئلا گهٽ ٿين ها. هن چيو ته حڪومت اڳواٽ ئي اسڪول بند ڪيا هئا ۽ عام موڪل جو اعلان ڪيو هو، پر ڪيترن ئي خانگي آفيسن هدايتن تي عمل نه ڪيو. جڏهن برسات شروع ٿي ته هزارين گاڏيون روڊن تي اچي ويون ۽ ٽريفڪ جام ٿي ويو. وڏي وزير چيو ته ميڊيا کي به ذميواري نڀائڻي گهرجي هئي ته هو عوام کي آگاه ڪري ته غيرضروري طور ٻاهر نه نڪرندا. جيڪڏهن ماڻهو ٿوري دير لاءِ آفيسن ۾ ويهي رهن ها ته اهي منظر سامهون نه اچن ها جتي هزارين گاڏيون ڦاٿل هيون. سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته شهر جي نظام کي اثرائتي حڪمت عملي ۽ بااختيار ادارن جي ذريعي هلائڻو پوندو. مان روڊن تي ويهي سڌي ريت سڀ مسئلا حل نٿو ڪري سگهان، ان لاءِ هڪ اثرائتي اٿارٽي ضروري آهي. هن ياد ڏياريو ته واٽر بورڊ صوبائي حڪومت وٽ هو، پر ان کي ميئر حوالي ڪيو ويو آهي، ساڳيءَ ريت ٻين ادارن ۾ به ميئر کي نمائندگي ڏني وئي آهي. وڏي وزير چيو ته ماضي ۾ ادارا رڳو فنڊز جي گهر ڪندا هئا، پر موجوده ميئر فنڊز گهرڻ بدران پنهنجا وسيلن ۾ اضافو ڪيو آهي ۽ عملي طور ڪم ڪيو آهي، جيڪو ساراهه جوڳو رويو آهي. جڏهن ڪو ادارو يا نمائندو پنهنجي ذميواري سنجيدگي سان نڀائي ٿو ته حڪومت کي به دل سان ان جي مدد ڪرڻ ۾ خوشي ٿيندي آهي. هن آخر ۾ چيو ته سنڌ حڪومت ۽ بلدياتي نمائندا گڏجي عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ مستقبل ۾ به شهرين جي سهولت لاءِ ادارن کي وڌيڪ بااختيار بڻايو ويندو.
سوال ۽ جواب
هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته ورلڊ بئنڪ 2020ع ۾ ڪراچي لاءِ 1.6 ارب ڊالر جو پيڪيج منظور ڪيو هو، جنهن مان هن وقت تائين 100 ملين ڊالر خرچ ٿي چڪا آهن۔ هن چيو ته اهو تاثر ڏيڻ درست ناهي ته اسان کي ٻه ارب رپيا ملي ويا آهن۔ حقيقت اها آهي ته ورلڊ بئنڪ فنڊ مرحليوار ڏئي ٿو ۽ هر مرحلي سان گڏ واضح پلان ۽ ڪارڪردگي ڏيکارڻ لازمي آهي۔ اهي فنڊ اهڙيءَ طرح ناهن ملندا جو بس پئسا ڏنا وڃن۔ وڏي وزير چيو ته پهرين مرحلي ۾ 100 ملين ڊالر خرچ ٿيا، جن ذريعي واٽر بورڊ جي ظرفيت وڌائي وئي، واٽر بورڊ کي ٽوڙي واٽر ڪارپوريشن جوڙيو ويو ۽ پرائيويٽ سيڪٽر جا ماهر شامل ڪيا ويا۔ جڏهن اهي سڌارا مڪمل ٿيا ته ٻيو مرحلو شروع ٿيو جنهن ۾ وڌيڪ 600 ملين ڊالر شامل آهن۔ وڏي وزير ڪجهه مبصرن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته بدقسمتي سان هر ڪو ماهر بڻجي ٿو ۽ انگ اکر غلط پيش ڪري ٿو۔ حقيقت اها آهي ته هن وقت تائين 100 ملين ڊالر يعني لڳ ڀڳ 28 کان 30 ارب رپيا استعمال ٿي چڪا آهن، ۽ اهي انگ اکر ئي صحيح آهن جيڪي سرڪاري طور تي موجود آهن۔ هن چيو ته سنڌ حڪومت شفاف نموني سان فنڊ استعمال ڪري رهي آهي ۽ شهرين کي وڌيڪ سهولتون ڏيڻ لاءِ ورلڊ بئنڪ ۽ ٻين ادارن سان گڏجي قدم کنيا پيا وڃن۔
هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ مختلف جماعتن جا چيئرمين ۽ ٽائون ايڊمنسٽريشن موجود آهن، جن ۾ جماعت اسلامي جا 13 ٽائون چيئرمين به شامل آهن۔ پر افسوس آهي ته اهي ئي ماڻهو حڪومت تي الزام لڳائي رهيا آهن ته ڪراچي کي تباهه ڪيو ويو آهي۔ هن چيو ته مان ڪنهن تي تنقيد نه ٿو ڪرڻ چاهيان، پر اها گذارش ضرور ڪندس ته هر ڪو پنهنجو پنهنجو فرض پورو ڪري۔ ميڊيا تي بيان ڏيڻ آسان آهي پر اصل امتحان ميدان ۾ آهي۔ وڏي وزير چيو ته 2020 ۽ 2022 جي سخت برساتن ۾ ڊسٽرڪٽ مونسپل ڪارپوريشن (ڊي ايم سي) ساوٿ جي مشينري ۽ عملي کي روڊن تي متحرڪ ڏٺو ويو هو، پر هن ڀيري گهٽ نظر آيا۔ هن چيو ته جڏهن گذريل رات ۽ اڄ گڏجاڻيون ٿيون ته اهو سوال اڀريو ته ٽائونز جي قيام کان پوءِ انتظامي ورهاست جي ڪري ڪارڪردگي متاثر ڇو ٿي؟ هن چيو ته تنقيد ڪرڻ سڀ جو حق آهي، پر صرف تنقيد سان مسئلا حل نه ٿيندا۔ حڪومت پنهنجو فرض ادا ڪري رهي آهي، اسان تنقيد ٻڌڻ لاءِ تيار آهيون، پر سڀني کي گهرجي ته پنهنجو فرض قبول ڪن ۽ عملي قدم کڻن۔ وزيراعلیٰ چيو ته شهرين کي رليف ڏيڻ لاءِ صوبائي حڪومت هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي پر مڪاني سطح تي نمائندن ۽ ادارن کي به متحرڪ ٿيڻ ضروري آهي۔
هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته برسات دوران سنڌ حڪومت جا وزير سعيد غني، شرجيل انعام ميمڻ ۽ ناصر حسين شاهه سميت ٻيا ذميوار روڊن تي موجود هئا ۽ صورتحال جي نگراني ڪري رهيا هئا۔ پر سوال اهو آهي ته ايتري وڏي تعداد ۾ بلدياتي نمائندا ۽ عملو ڪٿي هو؟ اها به سندن ذميواري آهي ته هو عوام ۾ موجود هجن۔ وڏي وزير چيو ته مان هميشه مثبت سوچ سان مسئلا حل ڪرڻ جو قائل آهيان، پر اها حقيقت آهي ته ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ برسات جا اثر مڪمل طور ختم ڪرڻ فوري ممڪن ناهي۔ هن چيو ته ميڊيا تي ويهي چوڻ آسان آهي ته عملو نظر نٿو اچي، پر اصل حقيقت اها آهي ته مان پاڻ ٻن ڪلاڪن تائين شهر ۾ گهمندو رهيس ۽ صورتحال کي پنهنجي اکين سان ڏٺو۔ اهو ايترو وڏو شهر آهي، هر هنڌ هڪ ئي وقت ٽيمون پهچائڻ ممڪن ناهي۔ وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ برساتي نظام بين الاقوامي معيار مطابق ڊزائن ڪيل آهي۔ عام طور تي آگسٽ ۾ اوسط برسات 2 کان 3 ملي ميٽر ٿيندي آهي، جڏهن ته 30 ملي ميٽر وڏي برسات سمجهي ويندي آهي۔ پر جڏهن 100 ملي ميٽر في ڪلاڪ برسات پوي ته ڪو به شهر ان کي فوري سنڀالي نٿو سگهي۔ اهڙو نظام ٺاهڻ لاءِ سڄو شهر ٻيهر کوٽڻو پوندو، جنهن لاءِ اربين ڊالر ۽ ڪيترائي سال گهربل آهن۔ وڏي وزير چيو ته اهو رڳو پاڪستان ۾ نه پر دنيا جي هر شهر ۾ ٿيندو آهي ته غير معمولي برسات ۾ پاڻي گڏ ٿي ويندو آهي۔ اهو ئي ڊيزاسٽر مينيجمينٽ جو اصول آهي ته توهان مڃو ٿا ته وڏي برسات ۾ پاڻي بيهندو، ۽ ان کان پوءِ نيڪال جو بندوبست ڪيو ويندو۔ هن شهرين کان اپيل ڪئي ته سخت برسات دوران گهرن مان غير ضروري طور تي نه نڪرن ته جيئن ٽريفڪ جام ۽ ٻيون مشڪلاتون گهٽ ٿين۔ اسان ڪالهه به چيو هو ته شهري هڪ ڏينهن گهرن ۾ رهن، پر ماڻهو وري به نڪتا ۽ ٽريفڪ جا مسئلا وڌي ويا۔ وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ روڊ ڪٽڻ جي معاملي تي مختلف ادارن جي پنهنجي پنهنجي اجازت ڏيڻ واري پاليسي شهرين کي ڏکيائي ۾ وجهي ڇڏيو آهي۔ هن سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته اها ئي بنيادي وڄہ آهي جنهن جي ڪري شهر جون سڙڪون بار بار کنڊر جو منظر پيش ڪن ٿيون۔ وڏي وزير چيو ته هينئر صورتحال اها آهي ته ڪنٽونمينٽ بورڊ، ڪي ڊي اي، ڪائونسلز يا ڪي ايم سي سڀ پنهنجي پنهنجي اجازت جاري ڪن ٿا ۽ ان جو ڪو به مربوط نظام ناهي۔ اسان اڳ به اهو مسئلو اٿاريو هو ۽ اڄ وري پنهنجي ناراضگي ظاهر ڪئي آهي ته جيڪڏهن هر ادارو پنهنجي مرضي سان اجازت ڏيندو رهندو ته شهر جي انفراسٽرڪچر کي نقصان ٿيندو۔ هن تجويز ڏني ته هڪ مرڪزي اٿارٽي قائم ڪئي وڃي جيڪا روڊ ڪٽڻ جي اجازت ڏيڻ جا سڀ معاملا گڏ ڪري ۽ ان تي باقاعدي نگراني رکي۔ وڏي وزير چيو ته اهو به يقيني بڻايو وڃي ته جنهن ادارو کي روڊ ڪٽڻ جي اجازت ڏني وڃي، ساڳيو ادارو ڪم معيار سان مڪمل ڪري، جيئن شهرين کي بار بار تڪليف نه ٿئي۔ سيد مراد علي شاهه چيو ته اهي اهڙا مسئلا آهن جن کي مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ ضروري آهي۔ جيڪڏهن اسان روڊ ڪٽڻ ۽ ٻيا بلدياتي ڪم مربوط نه ڪنداسين ته شهرين کي هميشه اهي مشڪلاتون اينديون۔
Back