پوليو مهم شروع، 1 ڪروڙ 5 لک ماڻهن کي ڦڙا پياريا ويندا، وڏو وزير مراد علي شاھ
پوليو مهم شروع، 1 ڪروڙ 5 لک ماڻهن کي ڦڙا پياريا ويندا، وڏو وزير مراد علي شاھ
Posted on: 18 Feb 2026 Tags:ڪراچي (30 جنوري): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه صوبائي پوليو ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت ڪندي تازن انگن اکرن ۽ مهم جي تيارين جو جائزو ورتو، 2 فيبروري کان شروع ٿيندڙ پوليو مخالف مهم لاءِ هدف مقرر ڪيا ۽ صوبي مان پوليو جي خاتمي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. اجلاس ۾ موجوده وبائي صورتحال، مهم جي ڪارڪردگي ۽ 2 کان 8 فيبروري 2026 تائين ٿيندڙ نيشنل ايميونائيزيشن ڊيِز (NIDs) جي انتظامن تي غور ڪيو ويو. مهم دوران مجموعي طور 1 ڪروڙ 5 لک ماڻهن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا جن ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جا 89 لک ٻار شامل آهن. مهم 30 ضلعن جي 1490 يونين ڪائونسلن ۾ هلائي ويندي جنهن لاءِ 80 هزار کان وڌيڪ فرنٽ لائن ورڪر مقرر ڪيا ويندا، جڏهن ته 21 هزار کان وڌيڪ سيڪيورٽي اهلڪار جن ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ عورت پوليس ڪانسٽيبلز شامل آهن، حفاظتي ذميواريون نڀائيندا. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاه، آءِ جي پوليس جاويد عالم اوڍو، ڪمشنر حسن نقوي، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ وسيم شمشاد، سيڪريٽري تعليم زاهد عباسي، سيڪريٽري ٽو سي ايم راهيم شيخ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان، سيڪريٽري صحت، سي اي او پي پي ايڇ آءِ ڊاڪٽر جاويد جگراني، ايمرجنسي آپريشن سينٽر (EOC) جي ڪوآرڊينيٽر شهريار ميمڻ، ڊي جي هيلٿ ڊاڪٽر وقار، ڪراچي ڊويزن جا سڀ ڊپٽي ڪمشنر، ۽ روٽري انٽرنيشنل، ڊبليو ايڇ او ۽ يونيسف جا نمائندا شريڪ ٿيا. ٻين ڊويزنن جا ڪمشنر، ڊي آءِ جيز، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پيز وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شامل ٿيا. وڏي وزير پوليو جي خاتمي کي قومي ذميواري قرار ڏيندي چيو ته گڏيل ڪوششن سان همٿ افزا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. هن چيو پوليو جو خاتمو اسان جي قومي ذميواري آهي ۽ سنڌ حڪومت هن مقصد لاءِ سڀ ضروري قدم کڻي رهي آهي. اهم انگن اکرن جو ذڪر ڪندي وڏي وزير ٻڌايو ته پاڪستان ۾ 2024ع دوران پوليو جا 74 ڪيس رپورٽ ٿيا، 2025ع ۾ 31 ڪيس سامهون آيا جڏهن ته 2026ع ۾ هينئر تائين ڪو به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو. سنڌ ۾ 2024ع ۾ 23، 2025ع ۾ 9 ڪيس هئا ۽ 2026ع ۾ هينئر تائين ڪو به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو. هن خبردار ڪيو اهي انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته پوليو ڪنٽرول ۾ آهي پر وائرس اڃا موجود آهي، ۽ لاپرواهي سان اهي ڪاميابيون ضايع ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته آبادي جي اچ وڃ پوليو وائرس جي ڦهلاءَ جو سبب بڻجي ٿي پر ٻارن جي ويڪسين ذريعي مضبوط مدافعتي قوت ئي سڀ کان اثرائتو بچاءُ آهي. هن وڌيڪ چيو اسان صرف مستقل ويڪسينشن ذريعي پنهنجن ٻارن ۾ مضبوط قوتِ مدافعت پيدا ڪري وائرس کي شڪست ڏئي سگهون ٿا. اي او سي جي ڪوآرڊينيٽر شهريار ميمڻ اجلاس کي ماحولياتي نگراني بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ جي سڀني ڊويزنن مان سيمپلز ورتا پيا وڃن. 29 ماحولياتي نگراني وارن هنڌن مان 11 جا نتيجا مثبت، 5 منفي جڏهن ته 13 جا نتيجا اڃا اچڻا آهن. وڏي وزير صوبي جي ڪيترن علائقن ۾ وائرس جي موجودگي کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏيندي چيو اهو انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي ته سنڌ جي ڪيترن حصن ۾ پوليو وائرس موجود آهي. والدين کي گهرجي ته هر مهم ۾ پنهنجن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا ضرور پيارين. 2 کان 8 فيبروري 2026 تائين ٿيندڙ ايندڙ پوليو مهم جو اعلان ڪندي وڏي وزير ضلعي انتظاميا کي سخت هدايتون جاري ڪيون: مهم دوران ڪو به ٻار ويڪسين کان محروم نه رهڻ گهرجي. ڊپٽي ڪمشنر يونين ڪائونسل سطح تي مانيٽر مقرر ڪن ته جيئن مڪمل ڪوريج يقيني بڻائي سگهجي. ميڊيا جي ڪردار تي زور ڏيندي وڏي وزير چيو ته هو اڳ ۾ ئي ميڊيا هائوسز کي ٻه خط لکي چڪو آهي ۽ جلد هڪ ٻيو خط به لکندو. هن چيو مان ميڊيا ادارن کان درخواست ٿو ڪريان ته هر نيوز بليٽن جي شروعات پوليو آگاهي جي چند لفظن سان ڪئي وڃي. هن قومي مهم جي ڪاميابي لاءِ ميڊيا جو ساٿ انتهائي اهم آهي. مراد علي شاه زور ڏنو ته پوليو جي خاتمي لاءِ والدين، سماج، ميڊيا ۽ حڪومت سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو جيڪڏهن اسان سڀ گڏجي ڪم ڪنداسين ته پنهنجن ٻارن کي معذوري کان بچائي سگهنداسين ۽ پاڪستان لاءِ صحتمند مستقبل يقيني بڻائينداسين. اجلاس ۾ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ويو ته بهتر مهمي حڪمتِ عملي، مضبوط نگراني ۽ اثرائتي ڪميونٽي شموليت سان سنڌ پوليو فري بڻجڻ جي صحيح رستي تي آهي. وڏي وزير صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته مهم کان اڳ تربيت ۽ مائڪرو پلاننگ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي، وڌيڪ هچڪچاهٽ ۽ انڪار وارن علائقن ۾ ڪميونٽي انگيجمنٽ وڌائي وڃي، ۽ ڪراچي کان سواءِ 22 ضلعن ۾ مهم کي ٽي ڏينهن ۽ هڪ فالو اپ ڏينهن تي ٻڌل شيڊول موجب هلائجي. وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ويو ته سندس هدايتن تي مائڪرو پلان جي تياري، جنهن ۾ ٻه ڏينهن جو واڪ ٿرو مشق شامل آهي، مهم جي معيار کي بهتر بڻائيندي. صوبائي ايمرجنسي آپريشن سينٽر (PEOC) 15 ضلعن ۾ مهم کان اڳ ٽيڪنيڪل سهائتا فراهم ڪئي. تربيت جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ آءِ اي سي مواد ۽ وڊيوز ورهايون ويون جڏهن ته حقيقي وقت ۾ خامين جي سڃاڻپ ۽ سڌاري لاءِ نالج اسيسمينٽ ڊيش بورڊ متعارف ڪرايو ويو. سپورٽ سينٽرز ۽ تربيت وارا هنڌ به بحال ڪيا ويا. اهو فيصلو ڪيو ويو ته هڪ گڏيل ڊجيٽل، سوشل ۽ ماس ميڊيا آگاهي حڪمتِ عملي اختيار ڪئي ويندي. مهم دوران رڳو ويڪسينشن تي ڌيان ڏنو ويندو ۽ ڪيچ اپ سرگرمين ۾ واڌ نه ڪئي ويندي. هچڪچاهٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ “سنگل ناڪ اسٽرٽيجي” اختيار ڪئي ويندي، ڊيٽا رپورٽنگ کي منظم ڪيو ويندو، ۽ ضلعي ڊيٽا پيڪس ۽ ترجيحي خط استعمال ڪيا ويندا. “ون مانيٽر – ون يو سي” حڪمتِ عملي تحت ذميواري ۽ تسلسل يقيني بڻايو ويندو. نگراني جو نظام سهائتا، فيڊ بيڪ ۽ جوابدهي تي ٻڌل هوندو، شروعاتي اي آر ايمز جي همٿ افزائي ڪئي ويندي ۽ ضلعن ۾ اي آر ايم ٽيمپليٽس کي معياري بڻايو ويندو. ڪميونٽي آگاهي کي اعلانن ۽ ميدان واري سرگرمين ذريعي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو. صوبائي ايمرجنسي آپريشن سينٽر جي ڪور ٽيم مهم کان پوءِ جائزي ۽ سهائتا لاءِ ضلعي ايمرجنسي آپريشن سينٽرز جا دورا ڪيا. ڪراچي ايڪشن پلان (KAP) لاءِ ضلعي ترجيحن جي حتمي ترتيب ڏيڻ واسطي گهڻ ڌرِي ورڪشاپ پڻ منعقد ڪئي وئي. ڪراچي بلاڪ ۾ رهجي ويل ٻارن جي پروفائيلنگ ۽ علائقائي چئلينجن جي ميپنگ شروع ڪئي وئي آهي ته جيئن يونين ڪائونسل سطح تي ٻيهر منصوبا بندي ڪري سگهجي. زيور ڊوز ٻارن کي هدف بڻائڻ لاءِ گڏيل اي پي آءِ ۽ پي اي آءِ فالو اپ سرگرميون به شروع ڪيون ويون آهن. وڏي وزير پوليو جي خاتمي ۾ سهڪار تي ڊبليو ايڇ او، يونيسف، روٽري انٽرنيشنل ۽ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن سميت سڀني ساٿين جو ٿورائتو ٿيو.