سنڌ ڪابينا عوامي ٽرانسپورٽ، پوليسنگ، ڪڻڪ جي اگهه ۾ رعايت، ٿر ڪوئلي، آئي ٽي ٽاور ۽ سماجي تحفظ سميت جامع ترقياتي پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي
سنڌ ڪابينا عوامي ٽرانسپورٽ، پوليسنگ، ڪڻڪ جي اگهه ۾ رعايت، ٿر ڪوئلي، آئي ٽي ٽاور ۽ سماجي تحفظ سميت جامع ترقياتي پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي
Posted on: 19 Dec 2025 Tags:ڪراچي (16 ڊسمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا اجلاس ۾ عوامي ٽرانسپورٽ، پوليسنگ، ڪڻڪ جي اگھ ۾ رعايت، ٿر ڪوئلي سان لاڳاپيل رابطي وارا منصوبا، داخلي آڊٽ ۾ سڌارا، سماجي تحفظ ۽ شهر ۾ آئي ٽي ٽاور جي قيام سميت هڪ جامع مالي ۽ ترقياتي پيڪيج جي منظوري ڏني وئي. اجلاس اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪابينا ۾ بلديات جي وزير سيد ناصر حسين شاهه پاران پيش ڪيل ناڻي بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس جي منٽن جي به توثيق ڪئي. اهم منظوريُن ۾ ڪابينا نان-اي ڊي پي اسڪيم تحت عوامي ٽرانسپورٽ بسون خريد ڪرڻ ۽ هلائڻ لاءِ 96 ڪروڙ 44 لک رپين، عوامي آگاهي لاءِ فلمن، ڊرامن ۽ دستاويزي پروگرامن جي تياري لاءِ هڪ ارب رپين جڏهن ته سنڌ پوليس جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ هٿيارن ۽ گولا بارود جي خريداري لاءِ 5 ارب 84 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏني. ڪابينا راندين جي مختلف ايونٽن لاءِ به فنڊز منظور ڪيا جن ۾ آءِ ايم سي او اوور فورٽيز ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ سهڪار، ٿرپارڪر ۾ ايس او ايس چلڊرنز وليج لاءِ گرانٽس، سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي هيٺ پروجيڪٽ امپليمينٽيشن يونٽ جو قيام، نون قائم ٿيل ڪاليجن ۾ اساميون پيدا ڪرڻ، سنڌ جيل خانہ جات لاءِ گاڏين جي خريداري ۽ ثقافتي سرگرمين جي مدد، جن ۾ ڏهين ادب فيسٽيول جو انعقاد شامل آهي. ان کان علاوه ملير ۾ پاڻي جي فراهمي لاءِ هنگامي اسڪيمن، ڪورنگي ڪاز وي تي اضافي ريمپ جي تعمير، صدر ۾ واقع سرڪاري گرلز اسڪول جي مرمت ۽ سينگار، ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ ٻئي جوائنٽ دولتِ مشترڪه پارلياماني ايسوسيئيشن ايشيا ۽ دولتِ مشترڪه پارلياماني ايسوسيئيشن ڏکڻ اوڀر ايشيا علائقائي ڪانفرنس جي انعقاد لاءِ به فنڊز منظور ڪيا ويا. وڏي وزير سڀني کاتن کي هدايت ڪئي ته فنڊز جو وقت سر استعمال يقيني بڻايو وڃي ۽ شفافيت توڙي مالي نظم و ضبط تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. ڪڻڪ جي جاري اگھ ۾ نظرثاني: سنڌ ڪابينا ڪڻڪ جي جاري پاليسي 2025-26 ۾ نظرثاني جي منظوري ڏني جنهن تحت سرڪاري ڪڻڪ فوري طور فلور ملن، چڪين ۽ واپارين کي 8 هزار رپيا في 100 ڪلوگرام ٻوري جي جاري اگھ تي مهيا ڪئي ويندي جيڪا اڳ 9 هزار 500 رپيا في 100 ڪلوگرام هئي. هن فيصلي جو مقصد مارڪيٽ ۾ استحڪام پيدا ڪرڻ آهي. وڏي وزير چيو ته وقت سر جاري ٿيڻ سان ڪڻڪ جو معيار برقرار رهندو، اسٽوريج جي جاءِ خالي ٿيندي ۽ عوام لاءِ اٽي جي قيمتن کي مناسب سطح تي رکڻ ۾ مدد ملندي. ڪڻڪ جي قيمتن تي سخت نگراني لاءِ هڪ ذيلي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي جيڪا ضرورت پوڻ تي سرڪاري ڪڻڪ جي جاري نرخ ۾ وڌيڪ تبديلي بابت سفارشون ڪابينا کي پيش ڪندي. داخلي آڊٽ جو ضابطي وارو فريم ورڪ: سنڌ ڪابينا سنڌ پبلڪ فنانس ايڊمنسٽريشن ايڪٽ 2020 تحت داخلي آڊٽ جي ضابطي واري فريم ورڪ جي منظوري ڏني جنهن جو مقصد سرڪاري کاتن ۾ مالي نظم و ضبط، شفافيت ۽ حڪمراني کي مضبوط بڻائڻ آهي. ڪابينا ناڻي کاتي ۾ چيف انٽرنل آڊٽ آفيسرن جي ڪيڊر جي قيام ۽ سڀني انتظامي کاتن جي سيڪريٽريٽ سائڊ تي 45 چيف انٽرنل آڊٽ آفيسرن جون اساميون منظور ڪيون، جيڪي ڪنٽريڪٽ يا مارڪيٽ بيسڊ معاوضي تي هونديون ۽ خزاني کاتي جي انتظام هيٺ ڪم ڪنديون. پي پي پي منصوبن تي سيلز ٽيڪس ڇوٽ: ڪابينا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) منصوبن لاءِ سنڌ سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ بابت معاملي تي غور ڪيو ڇاڪاڻ تہ 30 جون 2025 تي عام ڇوٽ جي مدي جو خاتمو ٿي چڪو آهي. ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو ته ڇوٽ ختم ٿيڻ سبب منصوبن جي لاڳت ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ معاهدن ۾ “قانون ۾ تبديلي” وارين شقن سبب سنڌ حڪومت جون مالي ذميواريون وڌي ويون آهن.انفراسٽرڪچر ۽ عوامي خدمتن جي فراهمي ۾ پي پي پي منصوبن جي اهميت کي نظر ۾ رکندي ڪابينا فيصلو ڪيو ته پهرين جولاءِ 2025 کان 30 جون 2030 تائين سڀني پي پي پي منصوبن کي بنا فرق سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ نه ڏني ويندي. البت ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته هر منصوبي جي بنياد تي الڳ الڳ جائزو وٺڻ کانپوءِ سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ ڏني وڃي سگهي ٿي. هي معاملو ناڻي بابت ڪابينا ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويو آهي، جيڪا مالي اثرن جو جائزو وٺي ايندڙ ڪابينا اجلاس ۾ سفارشون پيش ڪندي. ٿر ريلوي منصوبي لاءِ فنڊز: سنڌ ڪابينا اسلام ڪوٽ کان ڇوڙ تائين ريلوي لائين، بن قاسم کان پورٽ قاسم ڊبل ٽريڪ ۽ ڪوئلو اَن لوڊنگ سهولت واري منصوبي لاءِ صوبائي حڪومت جي حصي طور 6 ارب 60 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني. هي منصوبو سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت وچ ۾ وزارتِ ريلوي ذريعي پنجاهه، پنجاهه سيڪڙو شراڪت سان گڏيل منصوبي طور جاري آهي. ڪابينا نوٽ ڪيو ته هن منصوبي جو مقصد ٿر جي ڪوئلي کي پاڪستان جي مختلف بجلي گهرن ۽ صنعتي صارفين تائين پهچائڻ کي آسان بڻائڻ آهي. وڌيڪ فيصلو ڪيو ويو ته ڪابينا جي هڪ ڪميٽي منصوبي واري هنڌ جو دورو ڪري اڳڀرائي جو جائزو وٺندي ۽ رپورٽ پيش ڪندي. ڊي سي پينشن اسڪيم لاءِ پينشن فنڊ مينيجرز سان معاهدو: ڪابينا سنڌ ڊيفائنڊ ڪنٽريبيوشن پينشن اسڪيم 2024 لاءِ پينشن فنڊ مينيجرز جي تجويز ڪيل معاهدي جي منظوري ڏني جيڪو پهرين جولاءِ 2024 يا ان کان پوءِ ڀرتي ٿيندڙ سڀني ملازمن تي لاڳو ٿيندو. هي معاهدو سنڌ حڪومت پاران خزاني کاتي وسيلي سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان ۾ رجسٽرڊ پينشن فنڊ مينيجرز سان ڪيو ويندو جيڪو رضاڪارانه پينشن سسٽم رولز 2005 ۽ سنڌ ڊيفائنڊ ڪنٽريبيوشن پينشن اسڪيم رولز 2025 مطابق هوندو. هن اسڪيم تحت پينشن فنڊ مينيجرز چار ذيلي فنڊز—مني مارڪيٽ، ڊيٽ، ايڪويٽي انڊيڪس ۽ ايڪويٽي—جو انتظام ڪندا. ان سان گڏ قدرتي موت يا معذوري جي صورت ۾ 10 لک رپيا ۽ حادثاتي موت جي صورت ۾ 20 لک رپين جي انشورنس ڪوريج فراهم ڪئي ويندي، جڏهن تہ رقم ۾ ساليانو 10 سيڪڙو اضافو پڻ شامل هوندو. جيلن ۾ وائرليس ڪميونيڪيشن سسٽم: ڪابينا گهرو کاتي (جيل خانہ جات) پاران سنڌ جيلن لاءِ وائرليس ڪميونيڪيشن سسٽم جي خريداري جي تجويز قومي مفاد ۽ سيڪيورٽي خدشن جي بنياد تي منظور ڪري ورتي. ڪابينا نوٽ ڪيو ته خريداري جي تفصيلن کي عوام آڏو آڻڻ جيلن جي سيڪيورٽي لاءِ خطري جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ٻڌايو ويو ته وڏي وزير جي منظوري سان 2025-26 لاءِ هن مد ۾ 20 ڪروڙ رپيا اڳ ئي جاري ڪيا ويا آهن. ڪابينا هن سسٽم جي خريداري لاءِ نيشنل ريڊيو اينڊ ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪارپوريشن جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي پڻ اجازت ڏئي ڇڏي. آئي ٽي ٽاور لاءِ تاريخي عمارت جي خريداري: سنڌ ڪابينا ڪراچي جي ايم اي جناح بندر روڊ تي واقع محفوظ ڪيل تاريخي عمارت، حبيب انشورنس ڪمپني / حبيب بينڪ لميٽيڊ فارن ايڪسچينج بلڊنگ کي سنڌ آئي ٽي ٽاور جي قيام لاءِ خريد ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. هي فيصلو تفصيلي جاچ پڙتال کان پوءِ ڪيو ويو جنهن ۾ بورڊ آف ريونيو پاران ملڪيت جي تصديق ۽ ماليت جو تعين (مجموعي قيمت هڪ ارب 50 ڪروڙ رپيا)، اين اي ڊي يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پاران عمارت جي ڍانچي جي سلامتي جو سرٽيفڪيٽ، ۽ ثقافت کاتي پاران ورثي جي قانونن مطابق جائزو شامل هو. ڪابينا حتمي خريداري قيمت جي منظوري ڏني ۽ سائنس ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي کاتي توڙي سنڌ آئي ٽي ڪمپني کي هدايت ڪئي ته آئي ٽي ٽاور جي استعمال ۽ انتظام لاءِ تفصيلي منصوبا تيار ڪيا وڃن. هي ٽاور ڊجيٽل جدت، انڪيوبيشن، تربيت ۽ سرڪاري آئي ٽي آپريشنز جو مرڪز بڻجندو. سنڌ سيف سٽيز اٿارٽي ايڪٽ ۾ ترميمون: ڪابينا سنڌ سيف سٽيز اٿارٽي ايڪٽ 2019 ۾ ترميمون تجويز ڪري منظور ڪيون آهن جن جو مقصد اٿارٽي جي ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ ۽ نگراني جي نظام کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ آهي. ترميمن ۾ “مينجمينٽ ڪميٽي” جي اصطلاح کي “ايگزيڪيوٽو ڪميٽي” سان تبديل ڪرڻ، ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي جوڙجڪ ۽ اختيارن جي وضاحت، ايڪٽ جي دائري کي پوري سنڌ تائين وڌائڻ، ۽ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر، کاتو ۽ حڪومت جهڙين اصطلاحن جي تعريفن کي اپڊيٽ ڪرڻ شامل آهي. تجويز ڪيل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۾ انسپيڪٽر جنرل پوليس، ڊائريڪٽر جنرل سيف سٽيز اٿارٽي، خزانو کاتو، اطلاعات کاتو، گهرو کاتو جا نمائندا، ڊپٽي ڪمشنرز، سپرنٽنڊنٽس آف پوليس، چيف آپريٽنگ آفيسر ۽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽرز شامل هوندا. ڪابينا هن معاملي کي باقاعده قانون سازي لاءِ صوبائي اسيمبلي سنڌ ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت پڻ ڏئي ڇڏي آهي. ٿر ڪول اينڊ انرجي بورڊ ايڪٽ ۾ ترميمون: ڪابينا ٿر ڪول اينڊ انرجي بورڊ (ترميمي) بل 2025 جي منظوري ڏني ۽ ان کي غور و فڪر لاءِ صوبائي اسيمبلي سنڌ ڏانهن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو. انهن ترميمن جو مقصد ٿر ڪول اينڊ انرجي بورڊ جي قانوني ۽ ضابطي واري ڪردار کي قومي ريگيوليٽرز جي طرز تي مضبوط بڻائڻ، ٿر ڪول ٽيرف ڊيٽرمنيشـن رولز 2014 سان هم آهنگي پيدا ڪرڻ، ۽ مينيجنگ ڊائريڪٽر جي مقرري ۽ مدتِ ملازمت جي طريقيڪار کي وڌيڪ مؤثر بنائڻ آهي. ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو ته نظرثاني ڪيل مسودي بل سان ٿر ڪول ۽ توانائي واري شعبي ۾ شفافيت، ٽيرف جي تعين ۽ باهمي هم آهنگي ۾ بهتري ايندي. ايس آر بي چيئرمين کي ٻن سالن جي واڌ: ڪابينا سنڌ ريونيو بورڊ جي چيئرمين ڊاڪٽر واصف ميمن کي ٻن سالن جي توسيع ڏيڻ جي منظوري ڏني جيڪا سندن شاندار ڪارڪردگي ۽ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ نمايان بهتري جي اعتراف طور ڏني وئي آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ڊاڪٽر واصف ميمڻ جي دور ۾ ٽيڪس اوڳاڙي ۾ 140 سيڪڙو واڌ ٿي آهي جيڪا سخت نفاذ، بهتر تعميل ۽ ادارياتي سڌارن جو نتيجو آهي. فيصلي موجب ڊاڪٽر واصف ميمڻ جي چيئرمين سنڌ ريونيو بورڊ طور مدت ڊسمبر 2025 کان وڌائي ڊسمبر 2027 تائين ڪئي وئي آهي. هيومن رائٽس ڪميشن ۾ عدالتي ميمبرن جي مقرري: ڪابينا پهرين ڊسمبر 2025 تي ٿيل اجلاس ۾ سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن ۾ ٽن عدالتي ميمبرن جي مقرري جي توثيق ڪئي. قانون، پارلياماني معاملن ۽ فوجداري استغاثي واري وزير، وزيراعليٰ جي انساني حقن بابت خاص مددگار ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ تي ٻڌل ڪابينا ذيلي ڪميٽي رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشنز ججز جي ست رڪني پينل جو جائزو ورتو ۽ خالي اسامين لاءِ جن نالن جي سفارش ڪئي، تن ۾ اقبال حسين ميتلو، آنند رام ڊيسراني ۽ احمد لقمان ميمڻ شامل آهن. ڪابينا انهن مقررين جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن سان ڪميشن ۾ عدالتي نمائندگي وڌيڪ مضبوط ٿي وئي آهي. ايم نائن کان اين فاءِو لنڪ روڊ منصوبي لاءِ رليف: ڪابينا ايم نائن کان اين فائيو لنڪ روڊ منصوبي جي ڪنسيشن معاهدي ۾ ترميمن جي منظوري ڏني جيئن پهرين آپريشنل سال کان اڳ ۽ پوءِ پيش ايندڙ رليف ايونٽس کي شامل ڪري سگهجي ۽ نقصانن جي صحيح حساب ۽ تصديق کي يقيني بڻايو وڃي. ان کان علاوه ڪابينا ايم نائين انٽرچينج جي مڪمل ٿيڻ ۾ دير سبب پهرين جولاءِ 2024 کان 30 جون 2025 تائين جي عرصي لاءِ وائيبلٽي گيپ فنڊ مان ڪنسيشنائر کي 57 ڪروڙ 34 لک 20 هزار رپين جي ادائيگي جي پڻ منظوري ڏني. سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي جي سي اي او جي مقرري: ڪابينا سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر طور عرفان علي سوڍڙ (پاڪستان ايڊمنسٽرٽو سروس، گريڊ 19) جي مقرري جي بعد از منظوري ڏئي ڇڏي. عرفان علي سوڍڙ جي مقرري جنهن جو نوٽيفڪيشن سروسز، جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن ڊپارٽمينٽ 10 نومبر 2025 تي جاري ڪيو هو، سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي ايڪٽ 2022 (ترميم ٿيل 2023) مطابق آهي. سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي سڄي صوبي ۾ سماجي تحفظ جي منصوبن جي تياري، نفاذ ۽ نگراني جي ذميوار آهي.
Back