سنڌ ڪابينا وسيع سڌارن جي منظوري ڏني: ٻوڏ جي رد عمل، مالي خودمختياري، نئين جيل، ٽرانسپورٽ جي حفاظت، ثقافتي توسيع
سنڌ ڪابينا وسيع سڌارن جي منظوري ڏني: ٻوڏ جي رد عمل، مالي خودمختياري، نئين جيل، ٽرانسپورٽ جي حفاظت، ثقافتي توسيع
Posted on: 24 Sep 2025 Tags:ڪراچي (23 سيپٽمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هڪ اهم ڪابينا اجلاس جي صدارت ڪندي صوبي ۾ ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ کاتن ۾ مربوط ڪوششن کي ساراهيو. اجلاس ۾ مالي نظام، سڌارن، عدالتي عمل، ثقافتي واڌاري، زراعت جي نگراني، ٽيڪسيشن سڌارن ۽ روڊن جي حفاظت بابت وڏين سڌارن جي منظوري ڏني وئي۔ اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي۔ ٻوڏ سان منهن ڏيڻ ۽ ريليف وارا اپاءَ: وڏي وزير ڪابينا کي ٻوڏ بابت آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته سنڌ گذريل ڇهن هفتن کان خطري هيٺ رهي آهي۔ پهرين لهر 24 آگسٽ تي گڊو بئراج وٽ 5 لک 34 هزار ڪيوسڪ، سکر وٽ 4 لک 81 هزار ۽ ڪوٽڙي وٽ 2 لک 73 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ٿي۔ ٻي لهر 15 سيپٽمبر تي 6 لک 35 هزار ڪيوسڪ تائين پهتي۔ جيتوڻيڪ ماهرن 11 لک ڪيوسڪ تائين خطري جي اڳڪٿي ڪئي هئي پر وقت سر قدمن سان صورتحال تي ضابطو آندو ويو۔ 528 منصوبا بند رليف ڪيمپن مان رڳو 17 ڪيمپون فعال ٿيون جتي 1 لک 92 هزار 122 ماڻهن کي سهولتون ڏنيون ويون۔ صحت کاتي 145 ميڊيڪل ڪيمپن ۾ 1 لک 34 هزار 240 مريضن جو علاج ڪيو جڏهن ته لائيو اسٽاڪ ڊپارٽمينٽ 16 لک ڍورن کي ويڪسين ڏني۔ وڏي وزير آبپاشي واري وزير جام خان شورو، سيڪريٽري آبپاشي ظريف کھيڙو، صوبائي وزيرن، ايم پي ايز ۽ ضلعي انتظاميه کي گرائونڊ تي موجود رھڻ ۽ گڏيل ڪوششن تي ساراهيو۔ هن خبردار ڪيو ته موسمياتي تبديلي سبب ايندڙ سال مون سون وڌيڪ شديد ۽ وقت کان اڳ ٿي سگهي ٿو تنهنڪري موسمي حقيقتن مطابق تياري لازمي آهي۔ مالي سڌارا ۽ ھيٺئين سطح تي اختيارن جي منتقلي: سندھ فنانشل رولز 2023 ۽ ڊليگيشن آف فنانشل پاورز رولز ۾ ترميمون منظور ڪيون ويون جن تحت بقايائن جي دعوائن جي جاچ کي کاتن تائين منتقل ڪيو ويو ته جيئن تاخير ختم ٿئي۔ البت 10 سالن کان وڌيڪ پراڻيون دعوائون اڃا به ناڻي کاتي جي منظوري سان ٿينديون۔ هڪ اهم قدم طور 34 هزار 106 اسڪولن کي مالي خودمختياري ڏني وئي آهي جنهن تحت هيڊ ماسٽر هاڻ سڌو آپريشنل فنڊز تائين رسائي حاصل ڪري سگهندا۔ مٽياري ۽ سکر ۾ پائلٽ لينڊ ڊجيٽائيزيشن پروگرام تحت مختيارڪار کي به 2 لک رپين تائين خرچ ڪرڻ جا مالي اختيار ڏنا ويا آهن۔ وڏي وزير چيو ته هي سڌارا اڳين قدمن جيان آهن جن سان ايس ايچ اوز کي اختيار ڏنا ويا هئا ۽ هن سان ھيٺئين سطح تي سهولتون وڌيڪ بهتر ٿينديون۔ سڌارا ۽ عدالتي قدم: ڪابينا ضلع ٺٽو ۾ نئين تعمير ٿيل ضلعي جيل ۽ سڌارو مرڪز جنهن ۾ 250 قيدين جي گنجائش آهي، کي سنڌ پريزنز اينڊ ڪوريڪشنل سروسز تحت نوٽيفاءِ ڪرڻ جي منظوري ڏني ته جيئن جيلن ۾ رش گهٽجي۔ تيرنھن دهشتگردي ٽوڙ عدالتن کي منشيات سان لاڳاپيل ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ خاص عدالتن طور ٻيهر نامزد ڪيو ويو جڏهن ته ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن ججن ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽن کي عارضي طور اهي اختيار ڏنا ويا جيستائين مستقل عدالتون قائم نه ٿين۔ ثقافت ۽ سياحت جو دائرو وڌائڻ: ڪابينا ثقافت، سياحت، نوادرات ۽ آرڪائيوز کاتي جي اختيارن ۾ اضافو ڪيو۔ هاڻ اهو کاتو عالمي سطح تي سنڌي ثقافت جي واڌاري، سياحتي خدمتن جي ضابطن، پيشيوراڻي تربيت، قلمي نسخن جي ڊجيٽائيزيشن، آثار قديمه جي حفاظت ۽ ٻولي کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ ذميوار هوندو۔ ان سان گڏ سنڌي ٻولي اٿارٽي، سنڌ ٽورازم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن ۽ سنڌ بورڊ آف فلم سينسرز به انهيءَ کاتي جي حوالي ڪيا ويا۔ زراعت ۽ ٽيڪسيشن سڌارا: ڪابينا 9 ڪروڙ 99 لک 60 هزار رپين جي لاڳت سان 10 موبائل ٽيسٽنگ وينز جي خريداري جي منظوري ڏني جيڪي انسپيڪشن لاءِ موبائل ٽيسٽنگ يونٽس اسڪيم تحت حاصل ڪيون وينديون۔ انهن ذريعي ماپن ۽ وزن جي درستگي ۽ فوري جانچ جو عمل بهتر بڻايو ويندو۔ روزاني معائنو 10–12 کان وڌائي 30–35 تائين ڪيو ويندو ۽ ضلعي ٽيمون ڊپٽي ڪمشنرن جي ماتحت ڪم ڪنديون۔ ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ: ٽيڪس جو دائرو وڌائڻ لاءِ سنڌ ريوينيو بورڊ (SRB) کي ايف بي آر، پي آر اي ايل ۽ ايس اي سي پي سان ڊيٽا شيئرنگ ۽ ڪمپني رجسٽريشن ڳنڍڻ لاءِ ايم او يو تي صحيح ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي۔ ان کان علاوه نون ترميمي نوٽيفڪيشنن جي منظوري ڏني وئي جيئن ڪلاسيفڪيشن ڪوڊز کي ريونيُو تي اثر وجهي بغير هموار بڻايو وڃي۔ ٽرانسپورٽ سيفٽي: ڪابينا سنڌ ۾ 10 ھيوي وهيڪل فٽنيس سينٽرن جي قيام جي تجويز منظور ڪئي۔ انهن مان پنج ڪراچي ۾ ۽ هڪ هڪ هر ڊويزنل هيڊڪوارٽر ۾ قائم ٿيندا۔ جديد يورپي ٽيسٽنگ اوزارن جي مدد سان هي قدم ٽرانسپورٽ سيڪيورٽي کي جديد رخ ڏيندو، حادثن ۾ گهٽتائي آڻيندو ۽ قانون تي عملدرآمد کي يقيني بڻائيندو۔ وڏي وزير ٽرانسپورٽ کاتي کي هدايت ڪئي ته دلچسپي رکندڙ پروفيشنل پارٽين کان درخواستون طلب ڪيون وڃن ۽ مڪمل ميرٽ تي ڀرتي ڪئي وڃي۔ موسمياتي تبديليءَ جي حقيقتن موجب لچڪدار پاليسي، مالي خودمختياري، عدالتي سڌارا، ثقافتي واڌارو، زراعت جي نگراني، ٽيڪس جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ روڊن جي حفاظت جھڙا قدم کڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شفاف طرز حڪمراني، ھيٺئين سطح تي اختيارن جي منتقلي ۽ پائيدار ترقي لاءِ پنهنجو پڪو عزم جو اظهار ڪيو۔
Back