سنڌ ڪابينا تعليم، ثقافت، سيڪيورٽي، زراعت ۽ انفراسٽرڪچر بابت اهم فيصلا منظور ڪري ڇڏيا
سنڌ ڪابينا تعليم، ثقافت، سيڪيورٽي، زراعت ۽ انفراسٽرڪچر بابت اهم فيصلا منظور ڪري ڇڏيا
Posted on: 15 Feb 2026 Tags:ڪراچي (13 جنوري): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ تعليم، ثقافت، سيڪيورٽي، زراعت، ماحولياتي قدمن، انفراسٽرڪچر ۽ سماجي تحفظ بابت وسيع پيماني تي مالي، انتظامي ۽ پاليسي فيصلن جي منظوري ڏني وئي۔ ڪابينا سڀني کاتن کي هدايت ڪئي ته فيصلن تي وقت سر عملدرآمد، شفافيت ۽ ماپ جوڳا نتيجا يقيني بڻايا وڃن۔ وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خصوصي معاونن، چيف سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي۔ ڪابينا گذريل اجلاس جي ڪارروائي (منٽس) جي به توثيق ڪئي۔ اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعليٰ سنڌ چيو ته حڪومت جي ترجيح رڳو منظوريون نه پر عملي نتيجا آهن۔ هن زور ڏنو ته عوامي وسيلا عوامي خدمتن ۽ زندگي جي معيار ۾ واضح بهتري جي صورت ۾ نظر اچڻ گهرجن۔ وڏي وزير هدايت ڪئي ته ڪابينا پاران منظور ڪيل هر رپيو شفاف نموني خرچ ڪيو وڃي ۽ ان جي سخت نگراني ڪئي وڃي۔
تعليم، ثقافت ۽ ورثو
ناڻي بابت ڪابينا ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪندي بلدياتي وزير سيد ناصر حسين شاهه ڪابينا کي مختلف سفارشن بابت آگاهه ڪيو۔ ڪابينا اين اي ڊي يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، ڪراچي جي گرلز هاسٽل ۾ ٻي ماڙ جي تعمير لاءِ 190.211 ملين رپين جي منظوري ڏني۔ وزيراعليٰ چيو ته شاگردياڻين لاءِ رهائشي سهولتن ۾ واڌ اعليٰ تعليم ۾ عورتن جي داخلا وڌائڻ لاءِ انتهائي ضروري آهي۔ ثقافتي ورثي جي تحفظ لاءِ ڪابينا سکر جي سينٽ سيورز چرچ ۽ حيدرآباد جي سينٽ ٿامس ڪيٿڊرل چرچ جي مرمت ۽ بحالي لاءِ 109.5 ملين رپين (ٽوٽل لاڳت جو 50 سيڪڙو) جي منظوري ڏني، جڏهن ته باقي رقم ايندڙ مالي سال ۾ فراهم ڪئي ويندي۔ وڏي وزير چيو ته سنڌ جو ورثو سڀني برادرين جو گڏيل اثاثو آهي ۽ ان جو تحفظ عزت ۽ وقار سان ڪيو وڃي۔
ڪابينا ڪراچي لٽريچر فيسٽيول لاءِ 30 ملين رپيا ۽ سنڌ آرڪائيوز کي مضبوط ڪرڻ لاءِ 100 ملين رپين جي منظوري پڻ ڏني، جنهن ۾ ناياب مسودن جي اشاعت، پراڻن اخبارن جو تحفظ، رڪارڊ جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ اورل هسٽري ۽ آرڪائيوئل گيلري جو قيام شامل آهي۔
ترقياتي منصوبا، رستا ۽ مقامي اسڪيمون
ورڪس کاتي جي شعبي ۾ ضلعي مٽياري ۾ بيگو ڪاڪا کان ايگرو راهو تائين ٽي ڪلوميٽر ڊگهي لنڪ روڊ جي بحالي جي منظوري ڏني وئي، جنهن لاءِ مالي سال 2025-26 دوران 33.785 ملين رپيا جاري ڪيا ويندا۔ ان کان علاوه ضلعن سجاول ۽ شڪارپور ۾ رستن جي تعمير ۽ مرمت جا ڪيترائي منصوبا، جن ۾ شڪارپور جي شري کٽ واري دربار جي تزئين و آرائش پڻ شامل آهي، کاتي اندر بچت هيٺ منظور ڪيا ويا۔ وڏي وزير پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ۽ خزاني جي کاتن کي هدايت ڪئي ته منصوبن جي مدت ۽ معيار تي سخت نظر رکي وڃي۔ هن خبردار ڪيو ته دير ۽ لاڳت ۾ واڌ ڪنهن به صورت برداشت نه ڪئي ويندي۔
سيڪيورٽي ۽ گورننس
اندروني سيڪيورٽي بابت ڪابينا صوبائي انٽيليجنس فيوژن اينڊ ٿريٽ اسيسمينٽ سينٽر (PIFTAC) کي فعال بڻائڻ لاءِ اصولي طور 1.24 ارب رپين جي منظوري ڏني۔ هن پيڪيج ۾ سامان، عملي، سار سنڀال ۽ گاڏين جا خرچ شامل آهن، جڏهن ته گاڏين جي خريداري جو معاملو ڪابينا ڪميٽي براءِ ڪفائت شعاري آڏو پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي۔ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سيڪيورٽي ادارن کي مضبوط ڪرڻ ضروري آهي، پر هر خرچ مالي نظم و ضبط ۽ واضح جواز سان هئڻ گهرجي۔
ڪابينا صوبي ۾ سوين منصوبن تي ٻڌل پائيدار ترقياتي هدفن (SDGs) اسڪيمون لاءِ فنڊز جي جاري ٿيڻ ۽ تصديق جي طريقيڪار جي منظوري پڻ ڏني۔ ان کان علاوه سنڌ لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي نون مقرر ٿيل آفيسرن جي ٻن هفتن جي انڊڪشن ٽريننگ لاءِ 140 ملين رپيا منظور ڪيا ويا۔
شوگر سيڪٽر جي ڊي ريگوليشن
ڪابينا کي وفاقي حڪومت پاران 2026 تائين پاڪستان جي شوگر سيڪٽر جي مڪمل ڊي ريگوليشن جي منصوبي بابت بريفنگ ڏني وئي۔ سنڌ، جيڪو 16 ضلعن ۾ قائم 38 شوگر ملن ذريعي قومي سطح تي 26 سيڪڙو ڪمند پيدا ڪري ٿو، مرحليوار تبديلي جي ضرورت تي زور ڏنو۔ وڏي وزير هدايت ڪئي ته آبادگارن (ڪسانن) جي مفادن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي، جنهن لاءِ ٽئين ڌر ذريعي وزن، شفاف ۽ وقت سر ادائيگيون ۽ گهٽ پيداوار وارن ممنوعه قسمن بابت اڳواٽ اطلاع لازمي هجي۔ هن چيو ته ڪارڪردگي ۾ واڌ آبادگارن جي نقصان جي قيمت تي نه هئڻ گهرجي، ۽ اگهن ۾ لاٿ چڙهاءُ کي سنڀالڻ لاءِ حفاظتي قدم ضروري آهن۔ ان حوالي سان هڪ وزارتي ڪميٽي قائم ڪئي وئي جيڪا ايندڙ ڪابينا اجلاس ۾ تفصيلي سفارشون پيش ڪندي۔
ڪڻڪ جي مدد ۽ سيلابي بحالي
ڪابينا فلڊ ايمرجنسي ريهبليٽيشن فنڊ (FERC) ۾ 6.1 ارب رپين جي واڌ جي منظوري ڏني، جنهن کانپوءِ فنڊ 27.6 ارب رپين تائين پهچي ويو۔ هي واڌ ڪرنسي ۾ لاٿ چڙهاءَ سبب اڳ ۾ رهجي ويل آبادگارن کي شامل ڪرڻ لاءِ ڪئي وئي آهي۔ ان سان گڏ 56 ارب رپين جي سنڌ ويٽ گروئرز سپورٽ پروگرام جو به آغاز ڪيو ويو آهي، جنهن تحت آبادگارن کي في ايڪڙ 22 هزار رپيا ڏنا ويندا۔ وڏي وزير زراعت کاتي کي هدايت ڪئي ته سيلابي امداد بابت سڀئي 8,105 التوا ۾ پيل شڪايتون 2025 جي پڄاڻي تائين حل ڪيون وڃن۔ هن چيو ته امداد ۾ دير عوامي اعتماد کي نقصان پهچائي ٿي ۽ ان جو فوري ازالو ضروري آهي۔
ماحولياتي قدم ۽ ڪاربن فنانس
هڪ اهم فيصلي تحت ڪابينا سنڌ ڪلائيميٽ چينج فنڊ ۽ سنڌ ڪلائيميٽ چينج بورڊ جي قيام جي منظوري ڏني۔ هي فنڊ بنيادي طور ڪاربن ڪريڊٽس جي وڪرو مان حاصل ٿيندڙ خالص آمدني تي 12 سيڪڙو ڪوري اسپانڊنگ ايڊجسٽمينٽ فيس ذريعي قائم ڪيو ويندو۔ وزيراعليٰ سنڌ واضح ڪيو ته سنڌ پنهنجي آئيني ۽ مالي حقن تي ڪو به سمجهوتو نه ڪندي ۽ اهڙي ڪنهن به پاليسي کي رد ڪيو ويندو جيڪا صوبي جي استعمال نه ٿيل ماحولياتي فنڊن جي ٻيهر ورڇ جي اجازت ڏئي۔ هن چيو ته سنڌ پنهنجي حصي جو تحفظ ڪندي ۽ ماحولياتي مالي وسيلا سڌو سنئون ڪمزور ۽ متاثر ٿيل آبادين جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪيا ويندا۔
صحت، فلاح ۽ انفراسٽرڪچر
شوڪت خانم ميموريل ٽرسٽ:
ڪابينا شوڪت خانم ميموريل ٽرسٽ کي هڪ سال لاءِ انفراسٽرڪچر سيس کان ڇوٽ ڏني جيئن غير منافع بخش ڪينسر اسپتال طور ان جي خدمتن کي سهولت ملي ۽ حياتي بچائيندڙ طبي سامان جي درآمد ممڪن بڻجي۔
حيدرآباد – سکر موٽروي (M-6):
انفراسٽرڪچر شعبي ۾ ڪابينا حيدرآباد–سکر موٽروي (M-6) لاءِ زمين جي حاصلات جي مد ۾ 1.13 ارب رپين کان وڌيڪ رقم جي جاري ٿيڻ جي توثيق ڪئي۔ ان کان علاوه سنڌ پبلڪ ريسورسز فار انڪلو سِو ڊولپمينٽ (SPRID) پروگرام لاءِ 100 ملين ڊالر جي ورلڊ بينڪ ڳالهين واري پيڪيج جي منظوري ڏني وئي۔ ڪابينا 11هين نيشنل فنانس ڪميشن (NFC) جي ٽرمز آف ريفرنس جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ آزاد قانوني فرم جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو۔
ريسڪيو 1122:
ريسڪيو 1122 جي خدمتن جي دائري کي وڌائڻ لاءِ 192.745 ملين رپين جي اضافي منظوري ڏني وئي جڏهن ته صوبائي ملازمن جي هيلٿ انشورنس پروگرام جي تجديد ڪندي ڪُل فنڊ 550 ملين مان وڌائي 650 ملين رپيا ڪيا ويا۔
اجلاس جي پڄاڻي تي وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه ٻيهر زور ڏنو ته منظور ڪيل قدمن تي تيزي، ايمانداري ۽ جوابدهي سان عملدرآمد ڪيو وڃي۔ هن سڀني کاتن کي هدايت ڪئي ته اڳڀرائي بابت باقاعده رپورٽون وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ کي جمع ڪرايون وڃن۔ وزيراعليٰ چيو اسان کي ڪاغذي ڪارروائي نه پر زميني سطح تي نتيجا گهرجن.