سنڌ اسيمبليءَ نئين مالي سال لاءِ 3.45 کرب رپين جي بجيٽ منظوري ڏئي ڇڏي

سنڌ اسيمبليءَ نئين مالي سال لاءِ 3.45 کرب رپين جي بجيٽ منظوري ڏئي ڇڏي

Posted on: 27 Jun 2025   Tags:

ڪراچي (25 جون): سنڌ جي وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه مالي سال 2025-26 لاءِ بجيٽ ڪاٿن تحت هڪ جامع رليف پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي جنهن جو مقصد معاشي سرگرمين ۾ بهتري آڻڻ، متاثر ٿيندڙ شعبن کي سهارو ڏيڻ ۽ عوام تي مالي بوجھ کي گهٽائڻ آهي. فنانس بل ۾ تجويز ڪيل رليف کان علاوه ڪيترائي اهم رعايتي نوٽيفڪيشن ۽ موجوده قاعدن ۽ قانونن ۾ ترميمن ذريعي اڳ ۾ ئي حتمي شڪل اختيار ڪري چڪيون آهن. انھن قدمن ۾ ٽيڪس ۽ غير ٽيڪس ٻئي شعبا شامل آھن ۽ انهن جو هدف زراعت، ٽرانسپورٽ، صحت، تعليم ۽ ننڍن ڪاروبارن جهڙن اهم شعبن کي سهارو ڏيڻ آهي.

رليف جا اهم قدم:

زرعي شعبي ۾ رليف: ڪپھھ فيس جو خاتمو: ڪپھھ جي پيداوار ۾ 30.7 سيڪڙو سخت گهٽتائي ۽ زرعي ترقي جي سست رفتاري (0.56 سيڪڙو) کي نظر ۾ رکندي حڪومت ھارين کي سهارو ڏيڻ لاءِ ڪپھھ فيس ختم ڪئي آهي.

پاڻي جي نيڪال سيز جو خاتمو: خراب موسمي حالتن ۽ گهٽ پوک جي اثر کي گهٽائڻ لاءِ پاڻي جي نيڪال سيز کي ختم ڪيو ويو آهي. هن سال اهم فصلن جهڙوڪ ڪڻڪ ۾ 8.9 سيڪڙو، کنڊ ۾ 3.9 سيڪڙو، مڪئي ۾ 15.4 سيڪڙو ۽ چانورن ۾ 1.4 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي.

مختلف ريونيو چارجز ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي:

موٽئيشن فيس، تصديق ٿيل نقول (Certified Copies)، سيلز سرٽيفڪيٽ، سالوينسي سرٽيفڪيٽ، ۽ هيرشپ سرٽيفڪيٽ ۾ 50 سيڪڙو رعايت ڏني وئي آهي.

ڪمرشل گاڏين لاءِ سالياني فليٽ ٽيڪس:

ڪمرشل گاڏين جو ساليانو ٽيڪس رڳو 1000 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي جيڪو ٽرانسپورٽ ۽ لاجسٽڪس آپريٽرن لاءِ وڏو رليف آهي.

فنانس بل 2025-26 تحت وڏيون قانونسازي سڌارا:

وڏي وزير پاران تجويز ڪيل 7 اهم قانونن ۾ ترميمون يا منسوخي جيڪي اسمبلي پاران منظور ٿيون آهن جن ۾ 1. اسٽامپ ايڪٽ 1899، 2. موٽر وهیکل ايڪٽ 1939، 3. سنڌ انٽرٽينمينٽ ڊيوٽي ايڪٽ 1958 (منسوخ)، 4. سنڌ موٽر وهیکل ٽيڪسيشن ايڪٽ 1958، 5. سنڌ فائنانس ايڪٽ 1964 – سيڪشن 11 (پروفیشنل ٽيڪس ختم)، 6. سنڌ سيلز ٽيڪس آن سروسز ايڪٽ 2011 ۽ 7. سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013 – سيڪشن 95 (لوڪل سيز ختم) شامل آھن.

عوام کي سڌو فائدو ڏيڻ وارا قدم:

اسٽامپ ڊيوٽي ۾ گهٽتائي: ٿرڊ پارٽي موٽر انشورنس تي اسٽامپ ڊيوٽي صرف 50 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.

موٽر سائيڪل انشورنس تي ڇوٽ: 2025-26 کان ٻه پيل گاڏين (موٽر سائيڪلن) کي لازمي انشورنس جي شرط کان آزاد ڪيو ويو آهي.

انٽرٽينمينٽ ڊيوٽي جو خاتمو: سڀني تفريحي شعبن جهڙوڪ سينما، ٿيٽر، آرٽ ڪائونسلن، واٽر پارڪس، ۽ ثقافتي تقريبن کي ٽيڪس کان مڪمل طور تي آزاد ڪيو ويو آهي جنهن سان عوام کي سستي تفريح ۽ ثقافت کي ھٿي ملندي.

موٽر وهیڪل ۽ پروفیشنل ٽيڪس ۾ وڏيون گهٽتائيون:

ڪمرشل گاڏين لاءِ موٽر وهیڪل ٽيڪس سالانو 1000 رپين تائين گھٽايو ويو آهي. پروفیشنل ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي جنهن سان لڳ ڀڳ 5 ارب رپين جو رليف ملندو جنهن ۾ سرڪاري ۽ نجي ملازم، تعليمي ۽ طبي ادارا، بيڪريون، جيولري سينٽر، ٽرانسپورٽرز، ڪلينڪس، بيوٽي سيلونز شامل آهن.

سندھ سيلز ٽيڪس (SST) سڌارا:

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته قومي مالي معاهدي (NFP) 2024 تحت وفاقي حڪومت ۽ IMF سان ٿيل معاهدن موجب سنڌ سيلز ٽيڪس نظام کي پازيٽو لسٽ کان نيگيٽو لسٽ ۾ منتقل ڪري رهيو آهي جنهن جو مطلب آهي ته سڀني خدمتن تي ٽيڪس لاڳو ٿيندو سواءِ انهن جي جيڪي خاص طور تي ڇوٽ ڏنل آهن.

نيگيٽو لسٽ ۾ شامل نيون مستثني خدمتون:

مسافر ٽرانسپورٽ (روڊ تي)، سماجي نگهداشت جون خدمتون، لائبريريون، آرڪائيوز، نيوز ايجنسيون، صفائي جون خدمتون، زرعي اسٽوريج ۽ انشورنس، مذهبي/زرعي استعمال لاءِ ملڪيت جي ليز ۽ ويٽرنري ۽ تحقيق ۽ ترقي جون خدمتون شامل آهن.

مکيه خدمتن لاءِ گهٽ ٿيل شرحن ۾ آن لائن ٽيڪسي سروسز: 5 سيڪڙو، بس اسٽيشن خدمتون: 5 سيڪڙو، انشورنس (موٽر گاڏيون): 5 سيڪڙو، تعليمي خدمتون (في شاگرد 5 لک رپين کان مٿي): 3 سيڪڙو، صحت جون خدمتون (في سيشن 3000 رپين کان مٿي): 3 سيڪڙو، مال برداري جون خدمتون: 8 سيڪڙو (ڪجهه مخصوص شين لاءِ 3 سيڪڙو) شامل آھن.

ننڍن ڪاروبارن لاءِ ٽيڪس کان ڇوٽ:

سالانو ڪاروباري آمدني 4 ملين رپين کان گھٽ ڪاروبار هاڻي SST کان مستثنيٰ آهن. ريسٽورنٽ ۽ ڪيٽررز لاءِ ڇوٽ جي حد 2.5 ملين رپين کان وڌائي 5 ملين رپيا ڪئي وئي آهي جنهن سان سالياني 400 ملين رپين جو رليف ملندو.

ڪجهه خدمتن لاءِ SST شرح ۾ گهٽتائي (10 سيڪڙو کان 8 سيڪڙو): بيوٽي پارلرز، سيڪيورٽي خدمتون، فرنچائز/IPR خدمتون، راندين جا سينٽر ۽ صفائي جون خدمتون.

ٿرڊ پارٽي موٽر انشورنس تي ٽيڪس ۾ گهٽتائي:

15 سيڪڙو کان گھٽائي 5 سيڪڙو ڪئي وئي آهي ته جيئن انشورنس جي ڪوريج وڌي.

ھارين لاءِ سهائتا:

لوڪل سيز ختم ڪرڻ سان زرعي پيداوار جا خرچ گھٽندا ۽ نفعي ۾ واڌ ٿيندي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت جا هي وڏا رليف وارا قدم هڪ ترقي پسند، عوام دوست مالي پاليسي جي عڪاسي ڪن ٿا جيڪي اقتصادي حوصلا افزائي، رجعت پسند ٽيڪسن ۾ گهٽتائي ۽ اهم شعبن جهڙوڪ زراعت، ٽرانسپورٽ، ۽ ننڍن ڪاروبارن کي بااختيار بڻائڻ کي ترجيح ڏين ٿا. ھن چيو تھ "مالي سال 2025-26 جو بجيٽ صوبائي مضبوطی، مساوات ۽ پائيدار ترقي ڏانھن هڪ اهم قدم آهي."

Back