سنڌ ۽ بلوچستان ۾ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ سھڪار وڌائڻ تي اتفاق

سنڌ ۽ بلوچستان ۾ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ سھڪار وڌائڻ تي اتفاق

Posted on: 25 Jul 2025   Tags:

ڪراچي (21 جولائي): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بلوچستان جي لائيو اسٽاڪ واري وزير سردارزاده مير فيصل جمالی سان وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي صوبن ۾ لائيو اسٽاڪ جي واڌاري لاءِ تعاون وڌائڻ ۽ چوپائي مال جي بهتر نسلن جي ڏي وٺ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات دوران سنڌ جي فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ واري وزير محمد علي ملڪاڻي پڻ موجود هو. ان شراڪتداري تحت جيڪب آباد ۾ چپائي مال جي نمائش ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنهن ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه پاڻ شرڪت ڪندو ۽ بلوچستان جي وڏي وزير کي به دعوت ڏيندو. مراد علي شاهه ٻنهي صوبن جي لائيو اسٽاڪ کاتن ۾ گڏيل تحقيقي ڪوششن تي زور ڏنو ۽ سنڌ جي ٿري گابي، ريڊ سنڌي، ڪنڊي مينھن، ڪوهستاني اٺ ۽ مختلف نسلن جون ٻڪريون نمايان ڪيون جڏهن ته بلوچستان جي مشهور نسلن جهڙوڪ رکلي گابي، ڀاگني ڳئون ۽ ڪوچي اٺن کي پڻ متعارف ڪرائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو ته جيئن ٻنهي صوبن جا مال پالڻ وارا ۽ واپاري مستفيد ٿي سگهن.

هڪ الڳ ملاقات ۾ وڏي وزير سنڌ مراد علي شاهه، يو اي اي جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزعابي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. سفير وڏي وزير کي شاهراءِ ڀٽو جي تعمير تي مبارڪباد ڏني ۽ يقين ڏياريو ته جلد ئي يو اي اي جا سيڙپڪار سنڌ جو دورو ڪندا ته جيئن مختلف منصوبن جو جائزو وٺي سگهن. ٻنھي اڳواڻن سنڌ ۾ عورتن جي بااختياري لاءِ گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو جن ۾ صحت، روزگار ۽ تعليم جا شعبا شامل آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته جلد يو اي اي جي سيڙپڪاري بابت هڪ اهم اجلاس پڻ گهرايو ويندو.

وڏي وزير مراد علي شاهه، ضلع دادو جي ميهڙ واري علائقي ۾ ڌامراؤ برانچ تي ٿيل شگاف جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل ادارن کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته ماڻهن جون حياتيون ۽ ملڪيت محفوظ بڻائڻ لاءِ ترت قدم کنيا وڃن. سيڪريٽري آبپاشي ظريف کِيڙو وڏي وزير کي آر ڊي 67 تي مرمتي ڪم جي باري ۾ بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته مشينري ۽ ٻيو سامان پهچايو ويو آهي ۽ ڪم تيزيءَ سان جاري آهي.

Back