سنڌ ۾ چوماسي جي تيارين لاءِ وڏي وزير جي صدارت هيٺ اعليٰ سطح اجلاس، نالن جي صفائي، ريسڪيو تيار، ٻوڏ خطري تي الرٽ

سنڌ ۾ چوماسي جي تيارين لاءِ وڏي وزير جي صدارت هيٺ اعليٰ سطح اجلاس، نالن جي صفائي، ريسڪيو تيار، ٻوڏ خطري تي الرٽ

Posted on: 12 Jul 2025   Tags:

ڪراچي ( 11 جولاءِ 2025 ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ پوري صوبي ۾ مون سون برساتن جي تياري جو جائزو وٺڻ ۽ انتظام بھتر بڻائڻ لاءِ ھڪ اعليٰ سطح اجلاس جي صدارت ڪندي لاڳاپيل ادارن کي تيار رھڻ جي ھدايت ڪئي .اجلاس وزير اعليٰ ھائوس ۾ ٿيو، جنھن ۾ صوبائي وزيرن؛ شرجيل انعام ميمڻ ، ناصر حسين شاھھ، سعيد غني، ڄام خان شورو، ضياءُ الحسن لنجاز، محمد بخش مھر ، محمد علي ملڪاڻي، ميئر ڪراچي مرتضٰي وھاب، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، صوبائي سيڪريٽريز، چيف ميٽرولوجسٽ عامر حيدر، ڊزاسٽر مينيجمنٽ، واٽر بورڊ، ڪي اليڪٽرڪ، سالڊ ويسٽ مينيجمنٽ بورڊ ۽ ڪور فائيو جي نمائندن شرڪت ڪئي .

موسم جي اڳڪٿي: موسميات کاتي اڳ ڪٿي ڪئي آھي تھ ڏکڻ پاڪستان ۾ معمول کان اڳ  ھوا جو گھٽ دٻاءٌ ٺھي رھيو آھي جنھن ڪري جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ برسات معمول کان وڌيڪ وسڻ جو امڪان آھي. اتر سنڌ ۾  10سيڪڙو وڌيڪ مينھن وسڻ جو امڪان آھي جڏھن تگ ڏکڻ سنڌ ۾20کان 30 سيڪڙو وڌيڪ مينھن وسڻ جو امڪان  آھي.

ٻوڏ جو خطرو: اجلاس ۾ ٻڌايو ويو تھ سنڌ جي ھيٺائين واري علائقن ۾ ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي سگھي ٿي خاص طور تي جابلو وھڪرن مان پاڻيءَ وھڻ جي ڪري متاثر ٿي سگھي ٿي. وڏي وزير سڀني اختيارين کي ھدايت ڪئي تھ ھو ھنگامي صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙن، برساتي نالن جي صفائي مڪمل ڪئي وڃي، پمپنگ اسٽيشن جي جاچ پڙتال ڪئي وڃي،  ريسڪيو ٽيمن کي تيار رکيو وڃي ۽ ادارن وچ ۾ رابطن کي يقيني بڻايو وڃي 

ڪراچي ۾ نالن جي صفائي: وڏي وزير کي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو تھ نالن جي صفائي جو عمل 20 جون 2025 کا شروع ڪيو ويو آھي جيڪو 15 سيپٽمبر تائين جاري رھندو ، ان دوران سموريون رنڊڪون ۽ ڪلورٽس کي صاف ڪيو ويو آھي. طارق روڊ، ڪي پي ٽي، سب ميرين ۽ مھراڻ انڊر پاسز کي ترجيحي بنيادن تي صاف ڪري رھيا آھيون جڏھن تھ ايمرجنسي ريسپانس ٽيمون سڄي شھر ۾ ھاءِ الرٽ آھن .اجلاس ۾ نشاندھي ڪئي وئي تھ ڪراچي کي 45 ملي ميٽر في ڪلاڪ کان وڌيڪ برسات برداشت ڪرڻ لاءِ درڪار انفرااسٽڪچر موجود نھ آھي خاص طور تي ضلعي ڪورنگي ۾ پلاسٽڪ، ڪچري ۽ غير قانوني اڏاوتن سبب نالا بند ھجڻ جون شڪايتون آھن .

سالڊ ويسٽ مينيجمنٽ: سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمنٽ بورڊ وارن وڏي وزير کي ٻڌايو ھتھ برسات دوران ھنگامي صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ اضافي مشينري ۽ عملي کي مقرر ڪري رھيا آھيون. عملي کي برسات کان بچاءَ لاءِ لباس ۽ ضروري اوزار ڏنا ويا آھن تھ جيئن پاڻي جو نيڪال بھتر نموني ٿي سگھي. عوام ۾ آگاھي پيدا ڪرڻ لاءِ ھڪ وسيح مھم جاري آھي تھ جيئن ٻوڏ واري صورت ۾ احتياتي اپاءَ وٺي سگھجن. بورڊ ان ڳالھھ کي پڻ يقيني بڻايو آھي تھ ان دوران باقائدا صفائي ۽ ڪچري کي اڇلائڻ لاءِ بنا رنڊڪ ڪم جاري رکيو ويندو.

سنڌ ۾ ٻوڏ کي منھن ڏيڻ لاءِ اپاءَ: آپاشي کاتي ڄاڻايو آھي تھ سنڌو درياھھ جي ھيٺائين واري علائقن خاص طور تي ڊيلٽا وارن علائقن ۾ٻوڏ واري صورتحال دوران درياءَ ۾ پاڻي جي سطح، مقدار ۽ وھڪرو تمام گھڻو وڌي ويندو آھي جنھن جي ڪري اتي گھڻين ڏکيائين کي منھن ڏيڻو پوندو آھي. ٻوڏ جي بنيادي ذريعن ۾ سنڌو درياھھ، جبلو نندين ۽ وھڪرن مان ايندڙ پاڻي ۽ چوماسي جون برساتون شامل آھن . موسميات کاتي پاڪستان پاران 2025 جي لاءِ جاري ٿيندڙ موسمي جائزي مطابق ڪجھھ علائقن ۾ معمول کان وڌيڪ برساتون وسڻ جو امڪان ظاھر ڪيو ويو آھي، جيڪا ٻوڏ واري صورتحال خاص طور تي سنڌ، پنجاب، آزاد ڪشمير ۽ خيبرپختونخواھھ جي شھري علائقن ۾ وڌيڪ خراب صورتحال پيدا ٿي سگھي ٿي. گھڻو مينھن جابلو ندي نالن واري علائقن ۽ وڏن شھرن ۾ (فليش فلڊ) جو سبب ٿي سگھي ٿو. ڏکڻ سنڌ جي دريائي علائقن جنھن ۾ منڇر ڍنڍ ۽ حمل ڍنڍ شامل آھن جيڪي ھڪ اھم پاڻي جي نيڪال جو نظام ڏئي رھيون آھن، جيتوڻيڪ ماضي ۾ ٻوڏ جو رڪارڊ اھو ظاھر ڪري ٿو تھ وڏي ٻوڏ دوران منڇر ڍنڍ جي گنجائش اڪثر ناڪافي ثابت ٿيندي آھي .پاڻي جي گڏ ٿيڻ ۽ زمين ۾ سم ۽ ڪلر جي مسئلن کي منھن ڏيڻ لاءِ اسڪارپ (سالين ڊرينيج اينڊ ريڪليميشن پروجيڪٽ) منصوبا شروع ڪيا ويا آھن جنھن ۾ مختلف پاڻي جي نيڪال جا انتظام شامل آھن، ان جو مقصد جر  جي سطح گھٽائڻ ۽ لوڻاٺ کي محدود ڪرڻ آھي .چوماسي جي برساتن دوران پوري علائقي ۾ اڻ ڳڻت پمپنگ اسٽيشنز تيار آھن جيئن ھنگامي صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ بھتر اپاءَ ثابت ٿي سگھجن، ان ۾ نالن جي کاٽي (ڊي سلٽنگ) ۽ بنيادي ڍانچي جي مرمت شامل آھن . سن 2022ع ۾ ٻوڏ کانپوءِ بحالي جي ڪوششن ۾ اھم ڍانچي جيئن درياھھ جي ڪنارن جي مرمت ۽ پلين جي بحالي تي خاص ڌيان ڏنو ويو آھي  تھ جيئن مقامي معيشت کي سھارو ڏئي سگھجي ۽ ايندڙ خطرن کي بھتر طور تي منھن ڏئي سگھجي .جيئن 2025ع جي چوماسي جي برساتن طرف وقت وڌي رھيو آھي ٻوڏ کان بچاءَ جي انفرااسٽڪچر ۾ مسلسل سيڙپڪاري حڪومت جي پھرين ترجيح بڻيل آھي تھ جيئن ايندڙ نقصان کي گھٽ ۾ گھٽ ڪري سگھجي .

Back