سنڌ ۾ CRMS موبائل ايپ جو افتتاح، پيدائش ۽ فوتگي رجسٽريشن هاڻي ڊجيٽل

سنڌ ۾ CRMS موبائل ايپ جو افتتاح، پيدائش ۽ فوتگي رجسٽريشن هاڻي ڊجيٽل

Posted on: 19 Dec 2025   Tags:
وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان سول رجسٽريشن نظام جي ڊجيٽلائيزيشن جو آغاز
ڪراچي (28 نومبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اربع ڏينهن سول رجسٽريشن مينيجمينٽ سسٽم (CRMS) موبائل ايپليڪيشن جو افتتاح ڪيو جيڪا پيدائش، فوتگين، شادي ۽ طلاق جي رجسٽريشن جون خدمتون هڪ مربوط، ڪاغذن کان پاڪ ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل پليٽ فارم ذريعي ماڻهن تائين پهچائيندي. وڏي وزير ٻڌايو ته اليڪٽرانڪ سول رجسٽريشن اينڊ وائيٽل اسٽيٽسٽڪس (E-CRVS) جو وسيع نظام جيڪو 471.254 ملين رپين جي بجيٽ سان منظور ڪيو ويو آهي، 30 ضلعن ۽ 769 صحت مرڪزن تي لاڳو ڪيو ويندو. هن چيو ته سرڪاري ۽ نجي اسپتالن ۾ 85 سيڪڙو پيدائش جي ڊجيٽل رجسٽريشن يقيني بڻائي ويندي۔ هن وڌيڪ چيو ته اميونائزيشن، بيمارين جي نگراني ۽ مريضن جي سڃاڻپ وارو نظام به CRMS سان ڳنڍيو ويندو جنهن کي هن ڊجيٽل سنڌ ڏانهن وڌندڙ سفر ۾ هڪ وڏو سنگ ميل قرار ڏنو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت شفافيت، ڪارڪردگي ۽ عوامي سهولت لاءِ سرڪاري عملن جي مڪمل ڊجيٽلائيزيشن لاءِ پرعزم آهي۔ هن چيو هي لانچ ڪاغذي نظام کان ٽيڪنالاجي تي ٻڌل حڪمراني ڏانهن اسان جي تبديليءَ جو اهم قدم آهي۔ CRMS موبائل ايپ شفافيت، ڪارڪردگي، رسائي ۽ عوامي اعتماد وڌائيندي، جيڪا ڊجيٽل گورننس ۾ سنڌ جي اڳواڻي جو ثبوت آهي۔ وڏي وزير ٻڌايو ته سنڌ ڪابينا جا سڀ ڪاروباري ڪم اڳ ئي مڪمل طور ڊجيٽل ٿي چڪا آهن پر پيدائش ۽ فوتگين جي رجسٽريشن جي شرح سالن کان گهٽ رهي آهي جنهن جو هڪ وڏو سبب اهو هو ته گھٽ آمدني وارا ماڻهو نادرا جي فيس برداشت نٿي ڪري سگهيا۔ هن چيو هي رڪاوٽ ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته پيدائش ۽ فوتگين جي رجسٽريشن لاءِ سموري نادرا فيس صوبائي حڪومت ڀريندي۔ هن وڌيڪ چيو ته هن سڌاري ۾ نادرا مڪمل سهڪار ڪيو آهي۔ نادرا جي تعاون سان تيار ڪيل CRMS موبائيل ايپ ڊگھين قطارن، ڪاغذي ڪاروهنوار ۽ بيجا دير جو خاتمو ڪندي۔ ان ذريعي شهري خاص ڪري ڏورانهن ۽ محروم علائقن جا ماڻهو بنا ڪنهن سرڪاري آفيس تي ويل پنهنجي اهم واقعن جي رجسٽريشن ڪرائي سگهندا۔ هي نظام صوبائي ڊيٽابيس سان ڳنڍيل، صحيح ۽ واحد ڊجيٽل رڪارڊ فراهم ڪندو۔ وڏي وزير چيو ته وقت سر ۽ صحيح سول رجسٽريشن هاڻي حقيقي وقت جي مردم شماريءَ جا انگ اکر مهيا ڪندي جنهن سان حڪومتي رٿابندي ثبوتن جي بنياد تي وڌيڪ موثر ٿيندي۔ هن چيو ته آن لائن ايڊريس تبديل ڪرڻ جهڙا قدم وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪا آهن۔ سيد مراد علي شاهه اعلان ڪيو ته سنڌ ۾ جلد پيدائش جي فوري رجسٽريشن لازمي قرار ڏني ويندي۔ هن چيو اڄ کان پنجن سالن بعد هر ٻار جي اسڪول پلاننگ به هن ڊيٽا جي بنياد تي ٿيندي ۽ اسپتالن کي هدايت ڪئي ته هر نون ڄاول ٻار جي رجسٽريشن فوري طور ڪرائي وڃي۔ هن زور ڏنو ته يونين ڪائونسل سطح تي عملدرآمد هن سڌاري جو اهم ترين مرحلو آهي ۽ يو سي نمائندن جي ڪارڪردگي رجسٽريشن جي شرح بنياد تي جانچي ويندي۔ وڏي وزير صحت شعبي ۾ هن نئين نظام جي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته هي نظام اميونائزيشن، بيمارين جي نگراني ۽ مريض جي سڃاڻپ جي انتظام ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندو۔ مربوط ڊيٽا اليڪٽرانڪ ايميونائيزيشن رجسٽري جهڙن پروگرامن کي مدد ڏيندو ۽ ٿليسيميا جهڙين بيمارين لاءِ هدفن وارا قدم ممڪن ڪندو۔ هن ٻڌايو ته جامع E-CRVS نظام جيڪو 471.254 ملين رپين جي بجيٽ سان منظور ٿيو آهي، 30 ضلعن ۽ 769 صحت مرڪزن ۾ سرڪاري ۽ نجي اسپتالن ۾ 85 سيڪڙو پيدائش جي ڊجيٽل رجسٽريشن يقيني بڻائيندو۔ سيد مراد علي شاهه نادرا سان صوبائي حڪومت جي مضبوط ڀائيواري کي ساراهيندي چيو ته قومي سطح تي PakID جهڙا حل مهيا ڪري نادرا اعليٰ معيار قائم ڪيو آهي۔ هن چيو ته سنڌ حڪومت ڊجيٽل سڌارن جو دائرو وڌائي رهي آهي جنهن ۾ ڊوميسائل جاري ڪرڻ، سماجي تحفظ جا نظام، صحت جا رڪارڊ، لائسنسنگ ۽ اي پيمينٽس جهڙيون خدمتون هڪ محفوظ ۽ مربوط ڊجيٽل پليٽفارم تي آنديون وينديون۔ هن چيو سنڌ حڪومت عوامي سهولت لاءِ ڊجيٽل سڌارن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ نادرا چيئرمين ۽ سندن ٽيم جي تعاون تي شڪريو ادا ڪيو۔ صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو وڏي وزير کي ٻڌايو ته اهي 769 صحت مرڪز جتي 85 سيڪڙو پيدائش جي ڊجيٽل رجسٽريشن ٿيندي، ايپ ذريعي ڪم ڪري رهيا آهن۔ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه چيو ته وڏي وزير جو ڊجيٽل سنڌ پروگرام شفافيت ۽ درستگي کي يقيني بڻائيندو۔ ڊي جي نادرا امير علي خان وڏي وزير کي ايپ ۽ ان جي خصوصيتن بابت جامع بريفنگ ڏني۔ تقريب دوران لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ ۽ نادرا وچ ۾ CRMS موبائل ايپليڪيشن جي تعينات لاءِ هڪ باضابطا ايگريمينٽ ايڊينڊم تي به دستخط ڪيا ويا۔ معاهدي ۾ تصديق ڪئي وئي ته نوان سسٽم نادرا جي ڊيٽا سيڪيورٽي ۽ پرائيويسي پاليسين جي ماتحت هوندا۔ يادداشت جي سمورين اڳوڻين شقن کي برقرار رکيو ويو۔ دستاويز تي ڊائريڪٽر جنرل نادرا امير علي خان ۽ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ وسيم شمشاد دستخط ڪيا۔
Back