سنڌ حقن تي ٻڌل قانونسازيءَ ۾ اڳواڻ آهي، سيد مراد علي شاهه

سنڌ حقن تي ٻڌل قانونسازيءَ ۾ اڳواڻ آهي، سيد مراد علي شاهه

Posted on: 23 Nov 2025   Tags:

ڪراچي (4 نومبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گڏيل قومن جي آبادي فنڊ (UNFPA) پاران منظم ڪيل پنجاب جي پارلياماني وفد سان ملاقات دوران چيو ته سندس حڪومت پاڪستان ۾ حقن تي ٻڌل قانونسازيءَ ۾ اڳواڻ جو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ مختلف سرڪاري کاتن ۽ ترقياتي ڀائيوارن سان گڏجي انهن قانونن جي اثرائتي عملداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائي رهي آهي۔ ملاقات عورتن ۽ ٻارن جي تحفظ سان لاڳاپيل قانونن ۽ سنڌ جي انهن رهنمائي ڪندڙ قدمن تي هئي جيڪي سماج جي ڪمزور طبقن خاص طور عورتن ۽ ٻارن جي حقن جي حفاظت لاءِ ڪيا ويا آهن۔ وزيراعليٰ هائوس ۾ سومر ڏينهن ٿيل هن اجلاس ۾ صوبائي وزير سعيد غني، شاهينه شير علي، طارق تلپور، وڏي وزير جو اقليتن بابت خاص مددگار راجوير سنگھ، گھرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، سيڪريٽري قانون احمد علي بلوچ ۽ ٻيا آفيسر موجود هئا۔ پنجاب مان آيل اسمبلي ميمبرن ۾ علي گيلاني، احمر ڀٽي، رانا محمد ارشد، ذوالفقار علي شاهه، محمد اويس دریشڪ، شهباز احمد، ساره احمد، عشرت اشرف، پي ڊي يو جو عطاالله اويس، مس اسفا، سلطان داؤد، اسامه خاور، پي ڊي يو، يو اين ايف پي اي جي ڊپٽي نمائنده ۽ ٻيا شامل هئا۔ وڏي وزير وفد کي بريفنگ ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت صنفي برابريءَ جي واڌاري، ٻارن کي استحصال کان بچائڻ ۽ عورتن کي سماجي ۽ معاشي طور بااختيار بڻائڻ لاءِ جامع قانوني ۽ ادارياتي قدم کنيا آهن۔ هن چيو ته سنڌ سدائين حقن تي ٻڌل قانونسازيءَ ۾ اڳڀري رهي آهي ۽ حڪومت ڀائيوارن سان گڏجي انهن قانونن تي اثرائتو عملدرآمد يقيني بڻائي رهي آهي۔ ملاقات دوران وڏي وزير حڪومت جي گذريل ڏهاڪي جي اهم قانونسازيءَ تي روشني وڌي۔ هن ٻڌايو ته سندھ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي ايڪٽ 2011 ٻارن جي تحفظ ۽ فلاح لاءِ هڪ باقاعده ادارياتي نظام مهيا ڪري ٿو۔ سندھ چائلڊ ميريجيز ريسٽرينٽ ايڪٽ 2013 تحت نابالغ شادين تي پابندي مڙهيل آهي جيئن ننڍي ڄمار جي نياڻين کي جبري ۽ ابتدائي شادين کان بچائي سگهجي۔ هن وڌيڪ چيو ته ڊوميسٽڪ وائلنس (پروينشن اينڊ پروٽيڪشن) ايڪٽ 2013 عورتن، ٻارن ۽ ڪمزور ماڻهن کي هر قسم جي گهريلو تشدد کان بچائڻ لاءِ قانوني تحفظ فراهم ڪري ٿو ۽ ان ۾ رپورٽنگ، تحفظ ۽ انصاف جا مؤثر طريقا مهيا ڪيا ويا آهن۔ وڏي وزير ٻڌايو ته سندھ ڪميشن آن دي اسٽيٽس آف وومين ايڪٽ 2015 ذريعي هڪ قانوني ادارو قائم ڪيو ويو آهي جيڪو عورتن جي سياسي، معاشي ۽ سماجي حقن جي واڌاري لاءِ ڪم ڪري ٿو ۽ قومي ۽ بين الاقوامي صنفي مساوات جي واعدن تي عملدرآمد جي نگراني ڪري ٿو۔ ان سان گڏ ويمن ايگريڪلچرل ورڪرز ايڪٽ 2019 تحت زراعت ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي باقاعده مزدور تسليم ڪيو ويو آهي جن کي مناسب اجرت، بهتر ڪم جون حالتون ۽ سماجي تحفظ جون سهولتون حاصل ٿين ٿيون۔ پنجاب جي پارلياماني وفد سان ڳالهه ٻولهه دوران هندو شادين بابت به تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ٿي۔ وڏي وزير ٻڌايو ته سنڌ حڪومت سندھ هندو ميجريج ايڪٽ 2016 پاس ڪيو جيڪو هندو برادري ۾ شاديءَ جي رجسٽريشن لاءِ قانوني فريم ورڪ مهيا ڪري ٿو ۽ اقليتي عورتن جي خانداني ۽ وراثتي حقن جي حفاظت کي يقيني بڻائي ٿو۔ سيد مراد علي شاهه چيو ته هي سڀئي قانون سنڌ جي هڪ ترقي پسند، شامل ۽ برابريءَ تي ٻڌل سماج جي ويزن جي عڪاسي ڪن ٿا۔ هن وڌيڪ چيو ته صوبائي حڪومت قانونسازيءَ سان گڏ عملدرآمد لاءِ به آگاهي مهمون، تربيت ۽ سول سوسائٽيءَ سان گڏ اقوامِ متحده جي ادارن سان ڀائيواريءَ تي ڌيان ڏئي رهي آهي۔ وفد سنڌ حڪومت جي عورتن ۽ ٻارن جي تحفظ لاءِ ڪيل قدمن کي ساراهيو ۽ چيو ته سنڌ جا ڪيترائي قانون ٻين صوبن لاءِ ماڊل طور اختيار ڪري سگهجن ٿا۔ يو اين ايف پي اي جي نمائندن صنفي انصاف ۽ انساني حقن جي واڌاري لاءِ سنڌ جي عزم جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته هي قدم پائيدار ترقي جي مقصدن (SDGs) سان هم آهنگ آهن خاص طور هدف نمبر 5، جيڪو صنفي برابريءَ سان لاڳاپيل آهي۔ ملاقات جي پڄاڻيءَ تي شرڪت ڪندڙن انساني حقن جي قانونسازيءَ تي بين الصوبائي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ يو اين ايف پي اي سان پاليسي ڊائيلاگ، فني سهڪار ۽ ادارياتي صلاحيت وڌائڻ لاءِ گڏيل عزم جو اظهار ڪيو۔

Back