سنڌ حڪومت ڪاروبار دوست ماحول ۽ صنعتي ترقي لاءِ سيڙپڪاري ڪري رهي آهي: وڏي وزير مراد علي شاهه
سنڌ حڪومت ڪاروبار دوست ماحول ۽ صنعتي ترقي لاءِ سيڙپڪاري ڪري رهي آهي: وڏي وزير مراد علي شاهه
Posted on: 26 Sep 2025 Tags:ڪراچي (25 سيپٽمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪاروبار دوست ماحول لاءِ سيڙپڪاري ڪري رهي آهي. هن ٻڌايو ته صنعتي پارڪس، ٽرانسپورٽ، لاجسٽڪس ۽ قابلِ تجديد توانائي جا منصوبا جاري آهن جڏهنته عوام کي سهولتون ۽ روزگار ڏيڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. سيد مراد علي شاهه ڪورنگي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري (ڪاٽي) جي 55 هين سالياني ايوارڊز تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڪاٽي جي پنج ڏهاڪن کان وڌيڪ خدمتون عزم ۽ گڏيل ڪوششن سان حاصل ٿيل هڪ روشن مثال آهن. هن ڪاٽي جي قيادت، ميمبرن ۽ صنعتڪارن کي 1970 کان وٺي شاندار خدمتن تي مبارڪباد ڏني. وڏي وزير چيو ته ڪاٽي جدت، محنت ۽ ماحولياتي ذميواريءَ سان نوان معيار قائم ڪيا آهن. هن چيو ته حڪومت روڊن، ٽرانسپورٽ، لاجسٽڪس، جديد صنعتي پارڪن ۽ قابلِ تجديد توانائيءَ جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهي آهي ته جيئن صنعتن کي قابلِ اعتماد بجلي فراهم ٿي سگهي. سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته صنعتي ترقي لاءِ قاعدن ۾ آساني ۽ بيوروڪريٽڪ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جا قدم کنيا ويا آهن جيڪي نه رڳو ترقي کي تيز ڪندا پر صنعتڪارن ۽ محنت ڪشن لاءِ معاشي موقعا به پيدا ڪندا. هن يقين ڏياريو ته ڪاٽي کي حڪومت جو مڪمل سهڪار حاصل رهندو ڇاڪاڻ ته خوشحال ۽ روشن سنڌ حڪومت ۽ صنعت ٻنهي جو گڏيل مقصد آهي. وڏي وزير چيو ته صوبائي ترقياتي منصوبا موسمي رڪاوٽن جي باوجود مڪمل ڪيا ويندا. روڊن، پلن ۽ بنيادي ڍانچي جي منصوبن تي تيزيءَ سان ڪم جاري آهي ته جيئن عوام کي سهولت ۽ روزگار جا موقعا ملي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت فلاحي پروگرامز ۽ سماجي تحفظ جي منصوبن ذريعي غريب ۽ مستحق طبقي جي مدد ڪري رهي آهي، جڏهنته تعليم ۽ صحت جون سهولتون مهيا ڪرڻ به اهم ترجيح آهي. وڏي وزير زور ڏنو ته امن کان سواءِ ترقي ممڪن ناهي، ان لاءِ امن امان کي بهتر بڻائڻ واسطي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي قدم کنيا پيا وڃن. هن عزم ظاهر ڪيو ته عوامي مسئلا حل ڪرڻ ۽ صوبي جي ترقي لاءِ ڪوششون هر سطح تي جاري رهنديون.
Back