سنڌ حڪومت جو ڊجيٽل ۽ معاشي انقلاب: مراد علي شاهه پاران شاگردن لاءِ پيپلز انفارميشن ٽيڪنالاجي پروگرام-II لاءِ 1.4 ارب رپين جو اعلان
سنڌ حڪومت جو ڊجيٽل ۽ معاشي انقلاب: مراد علي شاهه پاران شاگردن لاءِ پيپلز انفارميشن ٽيڪنالاجي پروگرام-II لاءِ 1.4 ارب رپين جو اعلان
Posted on: 19 Jul 2025 Tags:ڪراچي (18 جولائي): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ نئين تعمير ڪيل عمارتن جي افتتاحي تقريب ۽ پيپلز انفارميشن ٽيڪنالاجي پروگرام (PITP) ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ۾ ڪروم بڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي اعليٰ تعليم، ڊجيٽل بااختياري ۽ نوجوانن جي ترقي لاءِ پنهنجي حڪومت جي واعدي کي ٻيهر ورجايو. تقريب اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ ٿي جنهن ۾ سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر طارق رفيع، CIEC جي چيئرمين ڊاڪٽر سروش لوڌي، آئي ٽي چيئرمين نور احمد سمون، سيڪريٽري يونيورسٽيز ۽ بورڊز عباس بلوچ، مهراڻ يونيورسٽي، سکر آءِ بي اي ۽ اين اي ڊي جي وائيس چانسلرن، سينئر فيڪلٽي، PITP ٽيم ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. مراد علي شاهه فخر سان اعلان ڪيو ته سنڌ حڪومت هن مالي سال ۾ سرڪاري يونيورسٽين لاءِ 42 ارب رپيا رکيا آهن جيڪي ٻين سڀني صوبن کان وڌيڪ آهن جيئن ته تحقيق، انفراسٽرڪچر ۽ جدت لاءِ انهن يونيورسٽين جي ضرورتن جي پوري سرپرستي ٿي سگهي. وڏي وزير اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ ٻه وڏا انفراسٽرڪچر منصوبا پڻ افتتاح ڪيا جن ۾ فوڊ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جي نئين عمارت، جيڪا جديد ليبارٽريز سان ليس آهي ۽ ان تي 96.48 ملين رپيا لاڳت آئي. ان کانسواءِ 112 شاگردن جي گنجائش وارو انٽرنيشنل بوائز هاسٽل به افتتاح ڪيو ويو جيڪو 67.11 ملين رپين ۾ تعمير ٿيو. اهڙيءَ ريت 98.52 ملين رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيل گرلز هاسٽل بلاڪ جيڪو 52 شاگردياڻين لاءِ مخصوص آهي، انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنيڪل تعليم ۾ صنفي شموليت لاءِ اهم قدم تسليم ڪيو ويو.
پي آءِ ٽي پي: ڊجيٽل شموليت لاءِ مثالي ماڊل:
وڏي وزير PITP جي ڪاميابيءَ کي اجاڳر ڪندي ٻڌايو ته هي پروگرام اين اي ڊي، مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۽ سکر IBA جي تعاون سان شروع ڪيو ويو. انهن موجب PITP-1 تحت تربيت وٺندڙ 13565 شاگردن مان 4353 گريجوئيٽس نوڪريون حاصل ڪيون جن مان صوبي جي معيشت کي 49 ملين رپين جي سڌي آمدني حاصل ٿي. هن عورتن جي شاندار شراڪتداريءَ جي ساراهه ڪئي جتي سکر IBA ۾ 40 سيڪڙو، اين اي ڊي ۾ 36 سيڪڙو ۽ مهراڻ يونيورسٽي ۾ 33.6 سيڪرو شاگردياڻين حصو ورتو جڏهن ته مهراڻ يونيورسٽي جا 62 سيڪڙو شاگرد ڳوٺاڻن علائقن سان تعلق رکن ٿا.
ڪروم بڪ ايوارڊ:
وڏي وزير پي آءِ ٽي پي ۾ اعليٰ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ۾ شفاف ۽ ميرٽ بيسڊ طريقيڪار تحت 300 گوگل ڪروم بڪس / ليپ ٽاپس ورهايا. هن زور ڀريو ته چونڊ جو عمل مڪمل طور شفاف، انصاف تي ٻڌل ۽ هر يونيورسٽي لاءِ مقرر ڪيل معيارن موجب هو.
معيار: اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ تعليمي ڪارڪردگي (50 سيڪڙو)، منصوبي تي عملدرآمد (40 سڪيڙو) ۽ ملازمت لاءِ تياري (10 سيڪڙو). پهرين ٽن بيچز مان 84 شاگرد چونڊيا ويا وڌيڪ 16 شاگرد جلد چونڊيا ويندا. مهراڻ يونيورسٽي ۾ تعليمي ڪارڪردگي (70 سيڪڙو)، حاضري (20 سيڪڙو) ۽ ملازمت لاءِ تياري (10 سيڪڙو). 74 شاگرد چونڊيا ويا جڏهن ته 26 شاگردن جي چونڊ اڃا التوا ھيٺ آهي. سکر آءِ بي اي ۾ حاضري (70 سڪيڙو)، امتحاني نمبر (20 سيڪڙو) ۽ فري لانسنگ / آن لائن آمدني (10 سيڪڙو). 86 شاگرد چونڊيا ويا جڏهن ته 14 شاگرد اڃا رهيل آهن.
ڪروم بڪ حاصل ڪندڙ شاگردن لاءِ تربيت اپريل 2025ع ۾ گوگل جي پاڪستان ۾ شريڪ اداري ٽيڪ ويلي ذريعي ڏني ويندي جنهن کان پوءِ مئي 2025ع ۾ ايوارڊ ورهائڻ واريون تقريبون منعقد ٿينديون، جتي وڏي وزير يا لاڳاپيل وزير طرفان سرٽيفڪيٽس ۽ ڪروم بڪس تقسيم ڪيا ويندا.
پي آءِ ٽي پي 2:
تربيت جي رفتار کي جاري رکندي وڏي وزير باقاعدي طور تي پي آءِ ٽي پي 2 جو اعلان ڪيو، جنهن لاءِ 1.4 ارب رپين جو توسيعي بجيٽ مقرر ڪيو ويو آهي. هن توسيعي مرحلي جو مقصد وڌيڪ طلب وارن 12 آءِ ٽي شعبي ۾ 35000 شاگردن کي تربيت ڏيڻ آهي، جن ۾ ميٽرڪ، انٽرميڊيئيٽ ۽ گريجوئيٽ سطح جا شاگرد شامل هوندا (عمر جي حد 28 سال). هن مرحلي ۾ اعليٰ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ 5 سيڪڙو شاگردن کي 1750 ڪروم بڪس ڏنا ويندا. هي مرحلو 40 سيڪڙو روزگار جي شرح پيدا ڪرڻ جو امڪان رکي ٿو، جيڪو ايندڙ پنجن سالن ۾ 5.04 ارب رپين جا معاشي فائدا آڻي سگهي ٿو، يعني سيڙپڪاري تي 3.6 ڀيرا منافعو.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وائس چانسلرن ڊاڪٽر سروش لوڌي، ڊاڪٽر محمد طفيل، ڊاڪٽر طاهر حسين علي ۽ ڊاڪٽر آصف شيخ جي قيادت کي ساراهيو، گڏوگڏ پي آءِ ٽي پي جي فوڪل پرسنز ۽ ٽيڪ ويلي جي سي اي او عمر فاروق جي خدمتن جو به اعتراف ڪيو. هن سائنس ۽ آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ جي نور احمد سمون، ڊاڪٽر شاهزيب ملڪ ۽ اطهر بلوچ جي اڻٿڪ ڪوششن جي به واکاڻ ڪئي. هن چيو ته اسان رڳو شاگردن کي تربيت نٿا ڏئي رهيا آهيون پر اسان هڪ ناليج اڪانامي جوڙڻ طرف وڌي رهيا آهيون ۽ سماجي ترقي کي ممڪن بڻائي رهيا آهيون. پي آءِ ٽي پي ان جو روشن مثال آهي ته جڏهن سرڪاري يونيورسٽين تي اعتماد ڪيو وڃي ۽ انهن کي بااختيار بڻايو وڃي ته اهي ڪهڙا غيرمعمولي نتيجا ڏئي سگهن ٿيون. وڏي وزير هڪ شامل، ڊجيٽلي بااختيار ۽ معاشي طور مضبوط سنڌ لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جو اعادو ڪيو ۽ اعتماد ڏياريو ته ڪو به شاگرد پوئتي نه رهندو ۽ ڪو به خواب ايترو وڏو نه هوندو جو پورو نه ٿي سگهي.