سنڌ حڪومت جو خصوصي ماڻهن لاءِ جامع سهولتن ۽ برابر موقعن جي فراهميءَ لاءِ پر عزم، وڏي وزير مراد علي شاهه جو خطاب

سنڌ حڪومت جو خصوصي ماڻهن لاءِ جامع سهولتن ۽ برابر موقعن جي فراهميءَ لاءِ پر عزم، وڏي وزير مراد علي شاهه جو خطاب

Posted on: 14 Aug 2025   Tags:

ڪراچي (13 آگسٽ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اعلان ڪيو آهي ته سندس حڪومت معذور ماڻهن لاءِ جامع تعليم کي وڌيڪ ھٿي وٺرائندي، قابل رسائي اسڪولن ۽ خاص مرڪزن جو نيٽ ورڪ وڌائيندي، عوامي هنڌن ۽ ٽرانسپورٽ جون سهولتون وڌيڪ قابل رسائي بڻائيندي ۽ صحت، ٽيڪنالاجي ۽ روزگار جي شعبن ۾ وڌيڪ موقعا فراهم ڪندي۔ هن اھڙن خيالن جو اظھار اربع ڏينهن ڪلفٽن جي النور پارڪ ۾ ڊي اي پي ڊي طرفان منعقد ڪيل خاص ٻارن جي گرينڊ فيسٽيول ۾ خطاب دوران ڪو جيڪو شموليت، برابري ۽ انساني وقار جي جذبي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ منعقد ڪيو ويو هو۔ ان موقعي تي صوبائي وزير ذوالفقار شاهه، رياض شاهه شيرازي، سينيٽر وقار مهدي، سيڪريٽري ڊي اي پي ڊي طه فاروقي، خاص مددگار سليم بلوچ، صوبائي سيڪريٽري فياض جتوئي، سهيل قريشي، خير محمد ۽ ٻيا عملدار موجود هئا۔ وڏي وزير خاص ٻارن جي مرڪزن ۽ رنگين ماحول کي "دل موهيندڙ" قرار ڏيندي چيو ته اهي ٻار سنڌ جا "چمڪندڙ ستارا ۽ الهام جو ذريعو" آهن۔ هن چيو ته اهو فيسٽيول صوبي جي ان عزم جي علامت آهي ته هر فرد لاءِ شموليت، برابري ۽ عزت کي يقيني بڻايو ويندو۔ هن چيو اڄ جو ڏينهن رڳو جشن نه پر سنڌ جي عزم جو اعلان آهي. ۽ وڌيڪ چيو ته 1973ع جو آئين، جيڪو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ويزن جو نتيجو آهي، سڀني شهرين لاءِ برابري ۽ ڀلائي جي ضمانت ڏئي ٿو۔ مراد علي شاهه آئين جي آرٽيڪلن 25 ۽ 38 جو حوالو ڏيندي چيو ته اهي معذور ماڻهن جي حقن جا محافظ آهن ۽ رياست جي ان عزم کي ورجائين ٿا ته انهن جي ڀلائي کي يقيني بڻايو وڃي۔ وڏي وزير چيو خاص ٻارن ۽ سندن والدين جي همت، صبر ۽ صلاحيتن کي ساراهئيندي چيو ته "معذوري ڪا رڪاوٽ نه پر انسانيت جي تنوع جو قيمتي پهلو آهي"۔ وڏي وزير ڊي اي پي ڊي، اين جي اوز ۽ خاص ماڻهن کاتي جي ڪوششن کي به ساراهيو جن هن فيسٽيول جو انعقاد ڪيو جنهن ۾ 87 اسٽال لڳايا ويا جتي خاص ٻارن جون مهارتون ۽ صلاحيتون پيش ڪيون ويون۔ مراد علي شاهه تقريب جي روح کي آزادي جي جشن سان ڳنڍيندي چيو "اسان ڀارت کي اهڙي شڪست ڏني جنهن اسان جي آزادي جي جذبي کي ٻيهر زنده ڪيو ۽ اسان فيصلو ڪيو آهي ته 14 ڏينهن آزادي جا جشن ملهايا ويندا۔ سڀاڻي مان مزار قائد تي حاضري ڏيندس۔" هن عزم ظاهر ڪيو ته حڪومت صوبي جي ماڻهن جي خدمت جاري رکندي سڀني شهرين کي برابري جا موقعا فراهم ڪندي، ڀلي انهن جي جسماني صلاحيت ڪا به هجي ۽ قائداعظم جو خواب هر ٻار ۽ شخص لاءِ حقيقت بڻائيندي۔ ان کان اڳ وڏي وزير مختلف اين جي اوز جي لڳايل اسٽالن جو دورو ڪيو جيڪي خاص ٻارن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن۔ هن خاص ٻارن سان ملاقات ڪئي، انهن جو تيار ڪيل کاڌو کاتو، انهن سان وقت گذاريو، کين ڀاڪر پاتا، شفقت جو اظهار ڪيو ۽ سيلفيون ڪڍيون۔

Back