سنڌ حڪومت جو وڏو قدم: ڪيٽي بندر ۽ شاهه بندر ۾ منی فِش هاربرز قائم ڪرڻ جو فيصلو، هڪ ارب 35 ڪروڙ رپين جو منصوبو 3 سالن ۾ مڪمل ٿيندو

سنڌ حڪومت جو وڏو قدم: ڪيٽي بندر ۽ شاهه بندر ۾ منی فِش هاربرز قائم ڪرڻ جو فيصلو، هڪ ارب 35 ڪروڙ رپين جو منصوبو 3 سالن ۾ مڪمل ٿيندو

Posted on: 23 Oct 2025   Tags:

ڪراچي (18 آڪٽوبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لائيواسٽاڪ اينڊ فشريز کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته ڪيٽي بندر (ضلع ٺٽو) ۽ شاهه بندر (ضلع سجاول) ۾ منی فِش هاربرز قائم ڪرڻ جي تجويز تيار ڪئي وڃي، جيئن ننڍي پيماني تي ماھيگيرن کي هٿي ملي، مقامي روزگار ۾ واڌارو ٿئي ۽ ڪراچي فِش هاربر تي وڌندڙ دٻاءُ گهٽجي. وڏي وزير ٻڌايو ته ٻنهي هاربرز جي گڏيل لاڳت تقريباً هڪ ارب 35 ڪروڙ رپيا هوندي ۽ منصوبو ٽن سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو جنهن جي مالي مدد صوبائي ۽ غير ملڪي ذريعن سان ڪئي ويندي. اهي هدايتون وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران لائيواسٽاڪ اينڊ فشريز کاتي جي وزير محمد علي ملڪاڻي ۽ سيڪريٽري فشريز ڊاڪٽر ڪاظم جتوئي سان ملاقات دوران ڏنيون ويون. وڏي وزير چيو ته ڪراچي فش هاربر جيڪو صوبي جو سڀ کان وڏو مڇي مرڪز آهي، پنهنجي گنجائش کان وڌي چڪو آهي جنهن ڪري ماھيگيرن کي تاخير، رش ۽ شڪار کانپوءِ نقصان کي منھن ڏيڻو پوندو آهي. لڳ ڀڳ اڌ مڇي ۽ جهينگن جي پيداوار دير ھجڻ ۽ گهٽ پاڻي سبب خراب ٿي وڃي ٿي جنهن سان انهن جي برآمدي قيمت متاثر ٿئي ٿي. انهن مسئلن جي حل لاءِ لائيواسٽاڪ اينڊ فشريز کاتي مالي سال 2025-26 جي ترقياتي پروگرام تحت منی فِش هاربرز جي قيام لاءِ ابتدائي منصوبا تيار ڪيا آهن. انهن هاربرز ۾ جديد آڪشن هال، اسٽوريج ۽ ڊاڪنگ جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. سيڪريٽري فشريز ڊاڪٽر ڪاظم جتوئي وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته منصوبو ڊائريڪٽوريٽ آف فشريز (ميرين) ڪراچي عمل ڪرائيندو. منصوبو ننڍن ماھيگيرن جي مدد، مڇي سنڀالڻ جي نظام کي بهتر ڪرڻ ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. شاهه بندر جي منی هاربر ۾ ننڍين ٻيڙين لاءِ برٿنگ ايريا، ريفريجيريٽيڊ اسٽوريج، فيولنگ ۽ مرمت جون سهولتون ۽ ماحول دوست انتظام جو نظام شامل هوندو. جديد آڪشن هال شفاف واپار ۽ منصفاڻي قيمتن کي يقيني بڻائيندو. وزير ماھيگيري محمد علي ملڪاڻي چيو ته هي قدم مقامي ماھيگيرن جي معيشت کي مضبوط ڪندو، پائيدار ماھيگيري کي ھٿي وٺرائيندو ۽ ماحول دوست سامونڊي ترقيءَ لاءِ نئون رستو کوليندو. شڪار کانپوءِ انتظام، ڪوآپريٽو سوسائٽين جي قيام ۽ پائيداري بابت تربيتن جا ورڪشاپ به منعقد ڪيا ويندا. محمد علي ملڪاڻي وڌيڪ چيو ته ڪيٽي بندر ۽ شاهه بندر ۾ منی فِش هاربرز جو قيام سنڌ جي سامونڊي معيشت لاءِ هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندو. اهو ڪراچي فِش هاربر تي دٻاءُ گهٽ ڪندو، مقامي ماھيگيرن کي هٿي ڏيندو ۽ سامونڊي برادرين کي مالي استحڪام فراهم ڪندو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪيٽي بندر ۽ شاهه بندر قدرتي بندرگاهون آهن جن ماضي ۾ به هن علائقي جي خدمت ڪئي آهي. پهرين مرحلي ۾ صوبائي حڪومت منی فِش هاربرز تعمير ڪندي جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ مڪمل بندرگاهه قائم ڪئي ويندي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ٻئي ضلعا شهر جي ويجهو آهن ۽ موٽر وي ۽ نيشنل هاءِ وي ذريعي ڳنڍيل آهن. وڏي وزير چيو ته هي منصوبو سنڌ جي وڏي وِژن جو حصو آهي جنهن جو مقصد ماحولياتي طور پائيدار، شموليت تي ٻڌل ۽ ترقي يافته سامونڊي معيشت کي هٿي ڏيڻ آهي. هن قدم سان سنڌ جي انڊس ڊيلٽا علائقي ۾ ماھيگيري، واپار ۽ سياحت جا ڊگهي مدي وارا فائدا حاصل ٿيندا.

Back