سنڌ حڪومت ۽ ورلڊ بينڪ وچ ۾ ٻھراڙين ۾ صاف پاڻي، صفائي ۽ اسٽنٽنگ خلاف STARS-WASH منصوبي تي صلاح مشورا

سنڌ حڪومت ۽ ورلڊ بينڪ وچ ۾ ٻھراڙين ۾ صاف پاڻي، صفائي ۽ اسٽنٽنگ خلاف STARS-WASH منصوبي تي صلاح مشورا

Posted on: 03 Oct 2025   Tags:

ڪراچي (2 آڪٽوبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ عالمي بئنڪ جي وفد سان هڪ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن جي اڳواڻي ڪنٽري ڊائريڪٽر مس بولورما آمگابازار ڪئي۔ اجلاس ۾ ڳوٺاڻن علائقن ۾ پاڻي، صفائي ۽ صحت (WASH) سان لاڳاپيل مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ ٻارن ۾ غذائي کوٽ سبب قد ۾ واڌ گهٽجڻ لاءِ تجويز ڪيل سنڌ ٽرانسفارميشنل ايڪسيليريٽيڊ رورل واٽر سپلاءِ، سينيٽيشن اينڊ هائجين سروسز (STARS-WASH) منصوبو جو جائزو ورتو ويو۔ اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ آبپاشي واري وزير جام خان شورو، چيـف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، پي اينڊ ڊي چيئرمين نجم شاهه ۽ پيپلز هائوسنگ پروجيڪٽ جو سي اي او خالد شيخ شرڪت ڪئي۔ عالمي بئنڪ جي وفد ۾ ليڊ واٽر ريسورس مينيجمينٽ اسپيشلسٽ مسٽر بڪيلي ديبيلي نيگيوو، پريڪٽس مينيجر مسٽر مائيڪل هيني، سينيئر واٽر سپلاءِ اينڊ سينيٽيشن اسپيشلسٽ محمد فرحان الله سمي، سينيئر ايگزيڪيوٽو اسسٽنٽ وليد انور، سينيئر سوشيل ڊولپمينٽ اسپيشلسٽ ڪامران اڪبر ۽ آپريشن آفيسر حنا سليم لوطيه (زوم ذريعي آن لائن) شامل هئا۔ عالمي بئنڪ جي وفد هڪ مهيني جي صلاح مشورن ۽ فيلڊ ورڪ کان پوءِ پنهنجا نتيجا ۽ تجويزون پيش ڪيون۔ وڏي وزير ۽ عالمي بئنڪ جي وفد زور ڏنو ته محفوظ پاڻي ۽ صفائي تائين رسائي ٻارن ۾ اسٽنٽنگ جي شرح سان سڌو سنئون لاڳاپيل آهي تنهن ڪري رڳو انفراسٽرڪچر ٺاهڻ بدران پائيدار خدمتي ماڊل اختيار ڪرڻ ضروري آهي۔ اهو پڻ ٻڌايو ويو ته صوبي جا 90 سيڪڙو ڳوٺاڻا گهر پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي پاڻ ڪن ٿا ۽ گهڻو ڪري آلوده زميني پاڻي تي ڀاڙين ٿا۔ ماضي جا WASH منصوبا گهڻو ڪري رڳو اثاثا ٺاهڻ ۽ پوءِ مقامي ادارن يا ڪميونٽين حوالي ڪرڻ تائين محدود رهيا جنهن سبب آپريشن ۽ مينٽيننس (O&M) جا وڏا مسئلا پيدا ٿيا۔ ڄاڻايل STARS-WASH فريم ورڪ تحت جامع پاليسي ۽ حڪمتِ عملي تجويز ڪئي وئي آهي جنهن ۾ سروس اسٽينڊرڊز، فراهمي جا ماڊل ۽ O&M لاءِ مالي مدد شامل آهي۔ منصوبي جي پهرين مرحلي ۾ 20 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي فائدو پهچايو ويندو ۽ ٻئي مرحلي ۾ باقي آبادي تائين وسعت ڏني ويندي۔ ان سان گڏ سنڌ پيپلز هائوسنگ فائونڊيشن (SPHF) جي WASH پروگرام سان به انضمام ڪري پاڻي ۽ صفائي جي فراهمي کي مربوط ڪيو ويندو۔ روڊ ميپ مطابق وڏن ڳوٺن (300 کان وڌيڪ گهرن وارا) کي پائپ لائين نيٽ ورڪ، اوور هيڊ ٽينڪ، ڊيسنٽرلائيزڊ گندگي پاڻي جي صفائي جا پلانٽ ۽ پروفيشنل يوٽيلٽي ڪمپنين يا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي O&M فراهم ڪيو ويندو۔ وچولي سائيز وارن ڳوٺن (150 گهرن وارا) کي صاف پاڻي لاءِ اسٽينڊ پوسٽ يا هينڊ پمپ، انجنيئرڊ سيپٽڪ سسٽم ۽ ڪميونٽي ڊرائيو ڊولپمينٽ ماڊل فراهم ڪيا ويندا، جڏهن ته ننڍن ڳوٺن (150 کان گهٽ گهرن وارا) ۾ ڪميونٽي ليڊ ڊيزائن ۽ هلڪي ٽيڪنيڪي مدد سان نظام هلائڻو پوندو۔ سڌارن ۾ سنڌ رورل واٽر سپلاءِ اينڊ سينيٽيشن ايڪٽ جو قيام، هڪ نيم-ريگيوليٽري اٿارٽي ۽ مالي سهڪار لاءِ صوبي جي فنڊز جي منتقلي جون تجويزون شامل آهن۔ عالمي بئنڪ جي وفد زور ڏنو ته پاڻي، صفائي، صحت ۽ خوراڪ جون حڪمتِ عمليون گڏيل طور لاڳو ڪرڻ اسٽنٽنگ تي ضابطو آڻڻ ۽ ڊگهي مدي وارا اثر پيدا ڪرڻ لاءِ لازمي آهي۔ وڏي وزير ۽ عالمي بئنڪ اتفاق ڪيو ته ايندڙ مشن نومبر 2025ع ۾ ٿيندو جنهن ۾ وڌيڪ ڳالهه ٻولهه کانپوءِ منصوبي کي حتمي شڪل ڏني ويندي۔

 

Back