سنڌ حڪومت پاران خيبرپختونخوا ۽ گلگت بلتستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ واٽر فلٽريشن پلانٽ ۽ امدادي سامان روانو
سنڌ حڪومت پاران خيبرپختونخوا ۽ گلگت بلتستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ واٽر فلٽريشن پلانٽ ۽ امدادي سامان روانو
Posted on: 21 Aug 2025 Tags:ڪراچي (16 آگسٽ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خيبرپختونخوا جي ٻوڏ متاثر خاندانن لاءِ هڪ واٽر فلٽريشن پلانٽ ۽ راشن بيگز ۽ ٻيو ضروري خوراڪ جا 10 ٽرڪ روانا ڪيا آهن۔ مراد علي شاهه خيبرپختونخوا (ڪي پي) ۽ گلگت بلتستان (جي بي) جي تازي ٻوڏ کان متاثر عوام سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي سنڌ حڪومت پاران فوري امدادي قدمن جو اعلان ڪيو۔ وڏي وزير خيبرپختونخوا حڪومت سان رابطو ڪرڻ بعد چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه کي هدايت ڪئي ته صوبائي ضرورتن مطابق هڪ واٽر فلٽريشن پلانٽ موڪليو وڃي ۽ فوري طور تي 10 ٽرڪ راشن بيگز ۽ ٻيو ضروري خوراڪ جو سامان ٻوڏ متاثر خاندانن ڏانهن روانو ڪيو وڃي۔ مراد علي شاهه چيو سنڌ حڪومت هن ڏکئي گهڙيءَ ۾ پنهنجن خيبرپختونخوا جي ڀائرن ۽ ڀينرن سان ڀرپور گڏ بيٺل آهي۔ ان کان علاوه وڏي وزير سنڌ گلگت بلتستان جي گورنر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻوڏ سبب قيمتي انساني جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو۔ وڏي وزير سنڌ سيڪريٽريٽ گلگت بلتستان جي وڏي وزير سيڪريٽريٽ سان پڻ رابطو ڪيو ته جيئن ممڪن امداد بابت هم آهنگي ٿي سگهي۔ مراد علي شاهه گلگت بلتستان ۾ انساني جاني نقصان تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي پڪ ڏياريو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت هن ڏکئي گهڙي ۾ متاثر عوام جي هر ممڪن مدد ڪندي۔ هن چيو سنڌ حڪومت گلگت بلتستان جي ڀائرن جي ڏک ۾ برابر شريڪ آهي ۽ هن وقت ضرورت مطابق هر ممڪن امداد فراهم ڪئي ويندي۔
Back