سنڌ حڪومت ڪڻڪ رليز پاليسي تيار ڪرڻ جو فيصلو، 12 لک ٽن سرڪاري ۽ 6 لک ٽن نجي ذخيرا موجود آھن: وڏي وزير مراد علي شاهه

سنڌ حڪومت ڪڻڪ رليز پاليسي تيار ڪرڻ جو فيصلو، 12 لک ٽن سرڪاري ۽ 6 لک ٽن نجي ذخيرا موجود آھن: وڏي وزير مراد علي شاهه

Posted on: 03 Oct 2025   Tags:

ڪراچي (30 سيپٽمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪڻڪ رليز پاليسي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي مستحڪم ۽ وافر فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، جيئن اٽي ۽ ماني جي اگھن ۾ استحڪام برقرار رهي. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزير زراعت محمد بخش مهر، وزير مخدوم محبوب الزمان، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين  ايس بي آر واسع ميمڻ، سيڪريٽري زراعت زمان ناريجو، سيڪريٽري خوراڪ بچل راهپوٽو، اسپيشل سيڪريٽري ناڻو اصغر ميمڻ ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير مراد شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي مستحڪم فراهمي کي يقيني بڻائيندي ته جيئن اٽي ۽ ماني جون قيمتون ڪنٽرول ۾ رهن. هن نشاندهي ڪئي ته هن وقت سنڌ ۾ 12 لک ٽن ڪڻڪ جا ذخيرا موجود آهن جڏهن ته نجي شعبي وٽ به وڌيڪ 6 لک ٽن ڪڻڪ موجود آهي. وزير خوراڪ مخدوم محبوب جي مطابق اهي ذخيرا ايندڙ ساڍا چار مهينن لاءِ ڪافي آهن جنهن دوران نئين فصل مارڪيٽ ۾ اچي ويندي. وڏي وزير وزير خوراڪ کي هدايت ڪئي ته ڪڻڪ رليز پاليسي جو مسودو تيار ڪري منظوري لاءِ پيش ڪيو وڃي. هن چيو مان چاهيان ٿو ته هن هفتي اندر ئي ڪڻڪ رليز پاليسي کي حتمي شڪل ڏجي ۽ قيمت به مقرر ڪئي وڃي. وزير خوراڪ مخدوم محبوب اجلاس کي آگاهي ڏني ته عام طور هر مهيني تقريباً 2 لک 50 هزار ٽن ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ جاري ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته نئين پاليسي لاءِ هو پنهنجي سفارشون وڏي وزير کي منظوري لاءِ پيش ڪندو. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته پيداوار ۾ اضافي لاءِ حڪومت 25 ايڪڙ يا ان کان گهٽ زمين رکندڙ آبادگارن جي مدد ڪري رهي آهي. مراد علي شاهه چيو اسان انهن آبادگارن کي هڪ بيگ ڊي اي پي ۽ ٻه بيگ يوريا ڀاڻ فراهم ڪري رهيا آهيون ۽ وڌيڪ چيو مان سپورٽ پرائس مقرر ڪرڻ چاهيان ٿو ته جيئن ڪڻڪ جي بهتر فصل کي يقيني بڻائي سگهجي.

Back