سنڌ جا نوجوان قومي دفاع جي پهرين قطار ۾ آهن، سازشن کان چڱيءَ طرح باخبر آهيون: مراد علي شاهه

سنڌ جا نوجوان قومي دفاع جي پهرين قطار ۾ آهن، سازشن کان چڱيءَ طرح باخبر آهيون: مراد علي شاهه

Posted on: 16 May 2025   Tags:

ڪراچي (16 مئي 2025ع) ڀارتي جارحيت خلاف پاڪستان جي طرفان ڏنل دفاعي جواب ۽ ان جي سلسلي ۾ ملهايل قومي سطح جي "يومِ تشڪر" جي موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ٿيل جھنڊي ڦڙڪائڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي منعقد ٿيل "معرڪاءِ حق" ريلي ۾ وڏي وزير قومي جذبي کي ساراهيندي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي. وڏي وزير جي ترجمان عبدالرشيد چنا موجب جھنڊي ڦڙڪائڻ واري تقريب نيو سيڪريٽريٽ جي آڱڻ ۾ ٿي، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص معاونن، چيف سيڪريٽري، ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب دوران قومي ترانو وڄايو ويو ۽ "پاڪستان زنده باد" ۽ "ڪشمير بڻجندو پاڪستان" جا فلڪ شگاف نعرا لڳايا ويا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سندس خطاب ۾ چيو ته ڌرتي امڙ جو دفاع هر پاڪستاني جو پهريون فرض آهي. اسان جي بهادر جوانن ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو آهي ۽ سڄي قوم کي پنهنجي سپوتن تي فخر آهي. هن چيو ته شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. قوم جو جذبو حب الوطنيءَ جو مثال آهي. وطن جي عزت تي ڪڏهن به ڪو سودو نه ڪنداسين. سڄي قوم دشمن خلاف پڪي ڀت وانگر بيٺل آهي ۽ عوام سدائين پنهنجي فوج سان ڪلهي سان ڪلهو ملي بيٺل آھي. سيد مراد علي شاهه واضح ڪيو ته سنڌ جا نوجوان قومي دفاع جي پهرين قطار ۾ شامل آهن. اسان دشمن جي سازشن کان باخبر آهيون ۽ اسان جي سڄي قوم متحد آهي. سنڌ حڪومت هر محاذ تي وطن جي محافظن سان گڏ بيٺل آهي. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي اعلان موجب اڄ سڄي ملڪ ۾ "يومِ تشڪر" ملهايو پيو وڃي، ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ جھنڊي ڦڙڪائڻ واري تقريب پڻ ان ئي سلسلي جو حصو آهي. وڏي وزير ٻڌايو ته هو ملير ڪينٽ ۾ شهيدن جي يادگار تي حاضري ڏئي کين خراجِ عقيدت پيش ڪندو ۽ منجهند 3 وڳي سنڌ اسيمبلي ۾ ٿيندڙ خاص اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، جنهن جو ايجنڊو ڀارتي جارحيت خلاف تاريخي فتح ۽ قومي اتحاد تي مبني هوندو، سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته ڀارتي حملي ۾ سنڌ ڌرتيءَ تي ست سپوت شهيد ٿيا، جن مان ڇهه پاڪ فضائيه جا جوان بولاڙي ۾ ۽ هڪ شهري مختيار لغاري گھوٽڪي ۾ شهيد ٿيو. وڏي وزير اعلان ڪيو ته شهيدن جي وارثن کي هڪ، هڪ ڪروڙ رپيا ۽ زخمين کي ڏهه، ڏهه لک رپيا ڏنا ويندا. هن ٻڌايو ته ايندڙ مالي سال جو صوبائي بجيٽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري جي رهنمائي هيٺ تيار ڪيو پيو وڃي. وفاق سان به اجلاس هلي رهيا آهن ته جيئن آءِ ايم ايف جي شرطن باوجود عوام لاءِ بهتر بجيٽ پيش ڪري سگهجي. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ صاف پاڻي، نيڪالي، سولر انرجي، تعليم، صحت ۽ ٻوڏ متاثر انفراسٽرڪچر جي بحالي کي ترجيح ڏني پئي وڃي. وڏي وزير وفاق سان ناانصافين جو ذڪر ڪندي چيو ته 2013ع کان وٺي سنڌ سان مسلسل زيادتيون ٿي رهيون آهن. سکر-حيدرآباد موٽر وي جهڙين رٿائن کي عوام مفاد ۾ مڪمل ٿيڻ گهرجن. هن ٻڌايو ته وزيراعظم خاطري ڪرائي آهي ته سکر-حيدرآباد موٽر وي رٿا ٽن سالن ۾ مڪمل ڪئي ويندي. اين ايف سي ايوارڊ بابت سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته وفاق هڪ سال بعد سنڌ کان نالو گهريو، اسان 24 ڪلاڪن اندر پنهنجو نالو ڏئي ڇڏيو، پر باقي صوبن جي سنجيدگيءَ بابت ڪجهه چوڻ مشڪل آهي.

Back