سنڌ جاب پورٹل جو افتتاح، ڀرتين جو نظام هاڻي مڪمل طور تي ڊجيٽل، شفاف ۽ ميرٽ تي ٻڌل آھي؛ وڏو وزير مراد علي شاهه
سنڌ جاب پورٹل جو افتتاح، ڀرتين جو نظام هاڻي مڪمل طور تي ڊجيٽل، شفاف ۽ ميرٽ تي ٻڌل آھي؛ وڏو وزير مراد علي شاهه
Posted on: 02 Nov 2025 Tags:ڪراچي (28 آڪٽوبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ جاب پورٹل (SJP) جي افتتاحي تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو ته شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي نعري "بينظير آئي آهي، روزگار کڻي آئي آهي" جي روح مطابق سنڌ حڪومت ڀرتين جو نظام وڌيڪ شفاف، آسان ۽ ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ بڻايو آهي۔ وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن ڪو اميدوار ناڪام ٿئي ٿو ته هو امتحان ڪيترائي ڀيرا ٻيهر ڏئي سگهي ٿو ۽ هن وضاحت ڪئي ته پهريون امتحان مڪمل طور تي سنڌ حڪومت جي خرچ تي ٿيندو۔ مراد علي شاهه ٻڌايو ته ھيستائين تقريباً 3 لک 26 هزار اميدوار امتحان پاس ڪري چڪا آهن ۽ هاڻ هر مهيني امتحان منعقد ٿيندو۔ هن وڌيڪ چيو نتيجا امتحان ختم ٿيڻ بعد فوري طور تي جاري ڪيا ويندا۔ هن وضاحت ڪئي ته سڀ تعليمي سندون، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ڊوميسائل جا تفصيل آءِ بي پورٽل تي اپلوڊ ڪيا ويندا جنهن سان هڪ جامع ڊيٽابيس تيار ٿيندو۔ هن چيو امتحان پاس ڪندڙ اميدوار پوءِ سرڪاري نوڪرين لاءِ سڌو سنئون درخواست ڏئي سگهندا۔ مراد علي شاهه چيو ته هي پورٹل سنڌ حڪومت ۽ روزگار جي تلاش ڪندڙ نوجوانن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿو۔ هن چيو اسان ٻنهي کي هڪ پليٽفارم تي گڏ ڪري ڇڏيو آهي۔ هن ٻڌايو ته هر سرڪاري کاتو پنهنجي آسامن جي ضرورت پورٹل تي اپلوڊ ڪندو جيڪو نون عهدي جي اعلان سان پاڻمرادو اپڊيٽ ٿيندو۔ وزيراعليٰ وضاحت ڪئي مثال طور جيڪڏهن اڄ تعليم کاتو فيصلو ڪري ته سنڌ ۾ 100 جونيئر ڪلارڪ گهربل آهن ته ناڻو کاتو فوري طور تي فنڊز جي منظوري جو جائزو وٺندو۔ هن چيو ته ماضي ۾ اڪثر نوڪريون مالي منظوري کان اڳ اعلان ٿينديون هيون جنهن سبب دير ٿيندي هئي۔ هن چيو هاڻي سڄو عمل آن لائن ۽ هم وقت ٿيندو۔ فنانس ڊپارٽمينٽ عهدي جي منظوري ڏيندو ۽ سڀ تفصيل پورٹل تي ظاهر ٿينديون۔ مراد شاهه ٻڌايو ته اطلاعات کاتو نوڪريءَ جا اشتهار جاري ڪندو ۽ جنهن ڏينهن اشتهار اخبارن ۾ شايع ٿيندو ساڳئي ڏينهن اهو جاب پورٹل تي به موجود هوندو۔ هن زور ڏنو ته هي مربوط نظام سنڌ جي نوجوانن لاءِ ڀرتي جو عمل وڌيڪ تيز، منصفاڻو ۽ شفاف بڻائيندو۔ سندھ حڪومت پاران سندھ جاب پورٹل (SJP) جو آغاز ڪيو ويو آهي جيڪو مڪمل طور تي ڊجيٽل ۽ جديد نظام آهي جنهن جو مقصد سڀني سرڪاري کاتن ۾ ميرٽ تي ٻڌل، شفاف ۽ اثرائتو ڀرتي وارو عمل يقيني بڻائڻ آهي۔ هي منصوبو سائنس ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ ۽ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي تعاون سان تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو اي-گورننس ۽ ڊجيٽل عوامي سهولتن ڏانهن هڪ اهم قدم آهي۔ شروعات ۾ هي پورٹل گريڊ 5 کان 15 تائين جي نوڪرين لاءِ ٺاهيو ويو هو پر هاڻي اهو سڀني گريڊن لاءِ دستياب آهي۔ هي پورٹل اسڪريننگ ٽيسٽ انيشيٽو سان ڳنڍيل آهي جيڪو سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي سهڪار سان ڀرتي جي امتحانن لاءِ شروع ڪيو ويو آهي۔ اهي اسڪريننگ ٽيسٽ ميٽرڪ، انٽرميڊيٽ ۽ گريجوئيشن سطح تي ورتا وڃن ٿا جن ۾ لکين اميدوار حصو وٺي چڪا آهن۔ 2023 کان 2025 تائين 3 لک 26 هزار 368 اميدوار امتحان پاس ڪري چڪا آهن ۽ هاڻي اهي سڌي ريت سرڪاري نوڪرين لاءِ سنڌ جاب پورٹل ذريعي درخواست ڏئي سگهن ٿا۔ هي عمل نه رڳو شفافيت کي يقيني بڻائي ٿو، پر اميدوارن جو وقت ۽ خرچ به بچائي ٿو۔ سندھ جاب پورٹل ذريعي ڀرتي جو عمل 12 مهينن کان گهٽجي صرف هڪ مهيني ۾ مڪمل ٿي ويندو آهي۔ پورٹل تي نوڪريءَ جو اعلان، درخواست، انٽرويو، آفر ليٽر، ميڊيڪل ۽ پوليس تصديق، ۽ تقرري تائين سڄو عمل مڪمل طور تي ڊجيٽل آهي۔ پورٹل جا اهم فيچرز آهن: مصنوعي ذهانت (AI) تي ٻڌل نوڪري ميچنگ، اردو ۽ انگريزي ۾ وائس سرچ، ۽ ٽن ٻولين (اردو، سنڌي، انگريزي) ۾ سهولتون۔ پورٹل تي ڊپليڪيٽ نوڪري جي گنجائش ناهي ۽ اهو صحت کاتي ۽ سنڌ پوليس اسپيشل برانچ سان آن لائين تصديق لاءِ ڳنڍيل آهي۔ اميدوارن کي سڀ اپڊيٽس SMS، اي ميل ۽ پورٹل نوٽيفڪيشن ذريعي موصول ٿينديون۔ رجسٽريشن جو عمل تمام آسان ۽ محفوظ آهي۔ اميدوار پنهنجو CNIC ۽ موبائل نمبر استعمال ڪري رجسٽريشن ڪري سگهن ٿا، هڪ ڀيرو OTP ذريعي تصديق بعد پنهنجي ڊيٽا تائين رسائي حاصل ڪري سگهن ٿا۔ کاتا پنهنجي نوڪرين جي تفصيل ٺاهيندي، منظوري حاصل ڪندي اميدوار شارٽ لسٽ ڪندي، انٽرويو وٺندي ۽ تقرري جو عمل آن لائين مڪمل ڪري سگهندا۔ سندھ جاب پورٹل سان گڏ سنڌ پهريون صوبو بڻجي ويو آهي جنهن مڪمل طور تي ڊجيٽل، شفاف ۽ مربوط ڀرتي وارو نظام متعارف ڪرايو آهي جيڪو سٺي حڪمراني، شفافيت ۽ اثرائتي عوامي خدمت جو ثبوت آهي۔ وڏي وزير جو خاص مددگار علي راشد پورٽل جي ٽيڪنيڪل خوبيون بيان ڪندي چيو ته هي نظام اميدوارن لاءِ وقت ۽ خرچ ٻنهي ۾ وڏي بچت جو سبب بڻجي رهيو آهي۔ چيئف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه هن پورٽل کي ميرٽ تي ٻڌل روزگار لاءِ وڏي ڪاميابي قرار ڏنو۔ هن چيو هي هڪ وڏو چيلينج هو جنهن کي حڪومت ڪاميابي سان منهن ڏنو آهي۔ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر چيو ته سندھ جاب پورٽل پاڪستان ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون نظام آهي ۽ اهو نه رڳو اميدوارن لاءِ پر حڪومت لاءِ به بهترين ۽ ميرٽ تي ٻڌل ڀرتي وارو پليٽفارم آهي۔ هي پروگرام وزيراعليٰ هائوس جي بنڪوئٽ هال ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، ايم پي ايز، ايم اين ايز، صوبائي سيڪريٽرين ۽ ميڊيا جي نمائندن شرڪت ڪئي۔
Back