سنڌ جي 64 يونيورسٽين ۾ "معرڪهءِ حق" تحت آزادي جو ڏهاڙو ڀرپور انداز ۾ ملهايو ويندو: وڏي وزير مراد علي شاهه

سنڌ جي 64 يونيورسٽين ۾ "معرڪهءِ حق" تحت آزادي جو ڏهاڙو ڀرپور انداز ۾ ملهايو ويندو: وڏي وزير مراد علي شاهه

Posted on: 01 Aug 2025   Tags:

ڪراچي (31 جولائي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ هڪ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبي جي 64 يونيورسٽين جي وائس چانسلرن شرڪت ڪئي. انهن مان 30 سرڪاري ۽ 34 نجي يونيورسٽيون هيون. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آزادي جو ڏهاڙو "معرڪهءِ حق" جي عنوان سان ڀرپور نموني ملهايو ويندو جنهن لاءِ هڪ جامع پروگرام ترتيب ڏنو ويندو. وڏي وزير تعليم، ثقافت، راندين ۽ ادبي سرگرمين تي زور ڏنو ته جيئن نوجوانن ۾ حب الوطني جو جذبو وڌي. اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه، سعيد غني، محمد بخش مهر، ذوالفقار شاهه، وڏي وزير جو سيڪريٽري محمد رحيم شيخ ۽ سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين پروفيسر طارق رفيع به شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوجن پنهنجي بهادري سان قوم کي فخر جو موقعو ڏنو آهي. هن چيو ته قوم جي ڪاميابي ۽ آزادي جي خوشي کي ٻيڻو ڪرڻ لاءِ حڪومت هڪ جامع منصوبو جوڙيو آهي. مراد علي شاهه اعلان ڪيو ته آزادي جون تقريبون پهرين آگسٽ کان شروع ٿينديون. سڀ يونيورسٽيون پنهنجي عمارتن ۽ ڪلاس رومن کي قومي وقار موجب سينگارين ۽ لاڳاپيل پروگرام منعقد ڪن. وڏي وزير اهو به اعلان ڪيو ته جيڪو به ادارو، يونيورسٽي، دڪاندار يا ٻي ڪا جاءِ بهترين سينگاريندو ان کي انعام ڏنو ويندو. وڏي وزير يونيورسٽين کي هدايت ڪئي ته راندين، ثقافت، مباحثن ۽ ادبي سرگرمين جا شيڊول ترتيب ڏيو. ساڳئي وقت هن سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز عباس بلوچ ۽ چيئرمين هائير ايجوڪيشن ڪميشن سنڌ طارق رفيع کي هدايت ڪئي ته هو الڳ ۽ بين اليونيورسٽي پروگرامز جو اهتمام ڪن. اجلاس جي ايجنڊا ۾ يونيورسٽين جون تجويزون شامل ڪيون ويون جڏهن ته صوبي ڀر ۾ وڻڪاري مهم هلائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو ته جيئن ماحولياتي تحفظ کي هٿي ملي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سرڪاري ۽ نجي ادارن ۾ تجويز ڪيل پروگرامز تي بريفنگ ڏني. اجلاس ان عزم سان پورو ٿيو ته آزادي جو ڏهاڙو ڀرپور جذبي ۽ وقار سان ملهايو ويندو.

Back