سنڌ جي وڏي وزير برساتن دوران لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو

سنڌ جي وڏي وزير برساتن دوران لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو

Posted on: 21 Aug 2025   Tags:

ڪراچي (19 آگسٽ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هدايت ڪئي آهي ته صوبي ۾ جاري ڳري برساتن جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سمورا لاڳاپيل ادارا هر وقت هاءِ الرٽ رهن.

وڏي وزير برساتن دوران قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي برساني ندي نالن جي سخت نگراني جي هدايت ڪئي ته جيئن شهري علائقن ۾ پاڻي نه بيهي. هن چيو ته برساتي پاڻي جي فوري نيڪاي لاءِ ضروري مشينري ۽ عملي کي تيار حالت ۾ رکيو وڃي. وڏي وزير ميئر ڪراچي کي خاص هدايت ڪئي ته مشينري مڪمل طور تي فعال هجي ۽ عملي کي متحرڪ رکيو وڃي.

سخت موسمي حالتن کي نظر ۾ رکندي عوام کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي. وڏي وزير زور ڏنو ته ضلعي انتظاميا، پوليس ۽ بلدياتي ادارن جي وچ ۾ هر وقت ڀرپور هم آهنگي برقرار رکڻ لازمي آهي.

هن ٽريفڪ پوليس کي به هدايت ڪئي ته هيٺاهين ۽ گهڻي رش وارن علائقن ۾ چوڪس رهي ڪري عوام جي رهنمائي ڪن، جڏهن⁠تہ شهرين کي بجلي جي ٿنڀن ۽ ڪمزور ڍانچن کان پري رهڻ جي اپيل ڪئي.

سيد مراد علي شاهه موجب موسم جي صورتحال بابت شهرين کي بروقت آگاهه رکڻ لاءِ مانيٽرنگ سسٽم کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي.

Back