سنڌ جي وڏي وزير جو دائود يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي 13هين ڪانوويڪيشن کي خطاب
سنڌ جي وڏي وزير جو دائود يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي 13هين ڪانوويڪيشن کي خطاب
Posted on: 19 Dec 2025 Tags:ڪراچي (6 ڊسمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، دائود يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي (DUET) جي 13هين ڪانوويڪيشن ۾ خطاب ڪندي چيو ته شاگردَ هڪ اهڙي دنيا ۾ داخل ٿي رهيا آهن جنهن جي جوڙجڪ صاف توانائي جي منتقلي، اسمارٽ ٽيڪنالاجين ۽ نون انجنيئرنگ جدتن سان ٿي رهي آهي تنهن ڪري هو جدت، ديانت ۽ خدمت کي پنهنجو شعار بڻائين. هن پي اي ايف آڊيٽوريم ۾ منعقد ٿيل 13هين ڪانوويڪيشن ۾ 2025ع جي ڪلاس جي 413 گريجوئيٽس کي ڊگريون عطا ڪيون ويون. مراد علي شاهه دائود يونيورسٽي جي تعليمي ۽ انفرااسٽرڪچرل بهتري کي "هڪ فخر جوڳي انجنيئرنگ اداري جي نشاة ثانيه" قرار ڏيندي چيو ته DUET جديد، شفاف ۽ اڳڀرائي ڪندڙ يونيورسٽي گورننس جو نمونو بڻجي چڪي آهي. تقريب دوران وڏو وزير، وزيرِ بلديات ۽ دي يو اي ٽي جي گريجوئيٽ ڊاڪٽر سيد ناصر حسين شاهه کي عوامي خدمتن ۽ اداري سان سندس ڊگهي وابستگي جي اعتراف ۾ اعزازي ڊاڪٽريٽ پڻ عطا ڪئي. تقريب ۾ وزيرِ بلديات ڊاڪٽر ناصر شاهه، وزير يو اينڊ بي اسماعيل راهو، هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين پروفيسر طارق رفيع، سرڪاري عملدار، سفارتڪار، فيڪلٽي، والدين ۽ گريجوئيٽس شرڪت ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ وزيراعليٰ گريجوئيٽس کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته فيبروري 2023 کان DUET جي تيز تبديلي قابل قيادت ۽ اداري جي نظم و ضبط جو نتيجو آهي. هن ٻڌايو ته DUET گهٽ وسيلن ۽ خساري واري حالت مان نڪري مالي طور تي مضبوط يونيورسٽي بڻجي چڪي آهي جيڪا پنهنجي مستقبل ۾ اعتماد سان سيڙپ ڪري رهي آهي. مراد علي شاهه ٻڌايو ته محدود جڳهه ۽ مالي ڏکائين باوجود DUET پنهنجي وسيلن مان 75 ڪروڙ رپيا اهم سهولتن جي بهتري تي خرچ ڪيا. انهن ۾ جديد آڊيٽوريم، نئون اسپورٽس گرائونڊ پويلين سان، بهتر ڪيل هاسٽلز، ميٽيريل انجنيئرنگ، پيٽروليم انجنيئرنگ، انرجِي ۽ ماحوليات جون خاص ليبارٽريون، ۽ گلبرگ ۾ فيڪلٽي آف انفارميشن اينڊ ڪمپيوٽنگ سائنسز لاءِ جديد AVR ليبون شامل آهن. هن چيو ته هي سڌارا شفافيت، مالي نظم ۽ جدت پسند حڪمت عملين جو نتيجو آهن جن شاگردن لاءِ نوان رستا کوليا آهن. هن DUET جي تيز تعليمي ترقي جو به ذڪر ڪيو جنهن ۾ QS ايشيا رينڪنگ ۾ سڌاري، يوتھ ڊولپمينٽ پروگرام ۾ اسڪور جو 53 سيڪڙو کان 84.13 سيڪڙو تائين واڌ ۽ ٽائمز هائر ايجوڪيشن جي SDGs اشاري ۾ بهتري شامل آهي. مراد شاهه پاڪستان جي تاريخ جي پهرين خاتون انجنيئرنگ وائس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر ثمرين حسين جي ادارتي سڌارن جي واکاڻ ڪئي. وڏي وزير ناستپ سلڪون ويلي ۾ DUET جي نئين ريسرچ پروجيڪٽ ڊولپمينٽ يونٽ، صنعتي روزگار پروگرام (جن جي روزگار شرح 80 سيڪڙو آهي) ۽ مائڪرو ڊگري ۽ انٽرپرينيوئرشپ پروگرامز جو به ذڪر ڪيو جن جي مدد سان ڪيترائي شاگرد ڊگري مڪمل ڪرڻ کان اڳ ئي روزگار حاصل ڪري رهيا آهن. 620 اميدوارن مان هن سال 413 شاگرد گريجوئيشن مڪمل ڪئي جن مان 66 سيڪڙو اڳ ئي نوڪري ماڻي چڪا آهن جيڪو DUET جي صنعت سان مضبوط لاڳاپن ۽ مارڪيٽ تي مبني تعليم جو ثبوت آهي. وڏي وزير گريجوئيٽس کي نصيحت ڪئي ته هو جدت، ديانت ۽ خدمت تي هلندي تيزيءَ سان بدلجندڙ دنيا ۾ مثبت ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته سکندا رهو، جرئت سان پاڻ کي وقت سان هم آهنگ ڪريو ۽ سماج کي اڳتي وڌايو. هن والدين جي حمايت ۽ فيڪلٽي ۽ عملي جي محنت جو به اعتراف ڪيو. تقريب جو آغاز تعليمي جلوس سان ٿيو جنهن کان پوءِ قرآن پاڪ جي تلاوت، قومي ترانو ۽ چانسلر پاران افتتاح ڪيو ويو. وائس چانسلر سالياني رپورٽ پيش ڪئي جنهن بعد اعزازي ڊاڪٽريٽ، پي ايڇ ڊي، ماسٽرز ۽ بيچلرز ڊگريون ۽ گولڊ ۽ سلور ميڊلز ڏنا ويا. وزير ناصر شاهه ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه جي خطابن کان پوءِ چانسلر تقريب جي پڄاڻي جو اعلان ڪيو. آخر ۾ وڏي وزير معزز مهمانن کي يادگاري شيلڊون پيش ڪيون۔