سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو جرمن يونٽي ڊي جي تقريب کي خطاب
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو جرمن يونٽي ڊي جي تقريب کي خطاب
Posted on: 23 Nov 2025 Tags:ڪراچي (12 نومبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جرمني جي وحدت کي عزم، اميد ۽ ٻڌيءَ جي هڪ طاقتور مثال قرار ڏيندي چيو ته هي واقعو دنيا کي اهو سيکاري ٿو ته ڪيئن قومون گہري ورهاستن کان مٿي ٿي گڏيل مفاهمت، تعاون ۽ ترقيءَ جي جذبن سان اڳتي وڌي سگهن ٿيون۔ جرمن قونصليٽ ڪراچي ۾ يومِ وحدتِ جرمني جي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته جرمني سنڌ ۽ پاڪستان جو طويل مدي وارو ۽ بااعتماد دوست رهيو آهي ۽ اڄ جي اها تقريب ٻنهي ملڪن جي مضبوط لاڳاپن ۽ گڏيل عزمن جي عڪاسي ڪري ٿي۔ وڏي وزير زور ڏنو ته قومن کي موجوده عالمي چيلينجن خاص طور تي موسمي تبديلي ۽ عدم استحڪام جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ تعاون ۽ باهمي سمجھه جا پُل تعمير ڪرڻا پوندا۔ هن آزاديءَ جي شروعاتي دور کان وٺي پاڪستان ۽ جرمني جي مضبوظ لاڳاپن جو ذڪر ڪندي چيو ته سنڌ ۾ هي رشتو تعليم، قابلِ تجديد توانائي، فني تربيت، صحت ۽ موسمياتي استحڪام جهڙن شعبن ۾ گڏيل ڪوششن سان وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي۔ وڏي وزير ڪراچي ۾ ڪم ڪندڙ جرمن ڪاروباري ادارن ۽ ترقياتي ڀائيوارن جي ڪوششن کي ساراهيو، جن ٻنهي ملڪن جي معاشي ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي مضبوط بڻايو آهي۔ سيد مراد علي شاهه سنڌ جي قديم روايت سخاوت ۽ مهمان نوازي کي اجاگر ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت جرمني سان تعاون کي وڌيڪ گهاٽو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي خاص طور تي گرين گروٿ، نوجوانن جي تعليم، جدت آفريني ۽ پائيدار شهري ترقي جي شعبن ۾۔ خطاب جي پڄاڻيءَ تي مراد علي شاهه جرمني، سنڌ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دوستي ۽ ڀائيواري جي وڌيڪ استحڪام جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ امن، گڏيل عمل ۽ ترقيءَ جي گڏيل قدرن جو جشن ملهائيندي جرمن عوام کي يونيٽي ڊي جي مبارڪباد ڏني۔ هن جرمن قونصليٽ ڪراچي جو شڪريو ادا ڪيو جنهن هن خوشيءَ واري تقريب جي ميزباني ڪئي۔
Back