سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو سکر ۽ گڊو بئراجن جو دورو، ٻوڏ سان نبرڻ لاءِ تيارين جو جائزو

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو سکر ۽ گڊو بئراجن جو دورو، ٻوڏ سان نبرڻ لاءِ تيارين جو جائزو

Posted on: 04 Sep 2025   Tags:

سکر/گڊو (31 آگسٽ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سکر ۽ گڊو بئراجن تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صوبائي حڪومت جي پهرين ترجيح انساني جانين ۽ مال مويشيءَ کي بچائڻ آهي، ان کان پوءِ صوبي جي ٽن وڏن بئراجن کي بچائڻ آهي۔ هن چيو ته اسان هڪ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي آهي۔ پهرين عوام ۽ مال مويشيءَ کي بچائينداسين، پوءِ گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج کي تحفظ ڏينداسين۔

هن سان گڏ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، جام خان شورو موجود هئا، جڏهن ته گڊو ۾ مڪيش چاولا ۽ قادرپور گھوٽڪي ۾ محمد بخش خان مهر پڻ ساڻس گڏ هئا۔

مراد علي شاهه ٻڌايو ته درياءَ راوي ۽ تريمون ۾ پاڻيءَ جي سطح وڌي رهي آهي جنهن تي سخت نظر رکي پئي وڃي۔ تريمون کان پاڻي پنج ڏينهن اندر پنجند وسيلي سنڌ ۾ داخل ٿيندو۔ اڄ رات تائين تريمون ۾ پاڻي پنهنجي بلند ترين سطح تي پهچي سگهي ٿو جنهن کان پوءِ اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ ڪيترو پاڻي داخل ٿيندو۔

وڏي وزير چيو ته متاثر ٿيندڙ ڳوٺن جي سڃاڻپ لاءِ نقشا تيار ڪيا ويا آهن۔ اسان کي چڱيءَ ريت خبر آهي ته ڪهڙي سطح تي ڪهڙا علائقا متاثر ٿيندا۔ هن خبردار ڪيو ته پنج لک کان ست لک ڪيوسڪ، ست لک کان نَو لک ڪيوسڪ يا ان کان وڌيڪ۔ جيڪڏهن وهڪرو نَو لک ڪيوسڪ کان وڌي ويو ته ٻن لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي سگهن ٿا۔

هن واضح ڪيو ته سنڌ جو جاگرافيائي ٺهڪاءُ پنجاب جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خطري وارو آهي۔ پنجاب ۾ ڪٽ لڳائڻ لاءِ مخصوص جايون آهن جتان پاڻي واپس درياهه ۾ وڃي ٿو، پر سنڌ دريائي سطح کان هيٺ آهي، تنهنڪري پاڻي پکڙجڻ کان پوءِ واپس نه ٿو وڃي۔

دريائي بندن بابت هن ٻڌايو ته ساڄي ڪناري تي ڇهه جايون حساس آهن۔ ’’ڪي ڪي بند خاص طور ڪمزور آهي، جڏهن ته کاٻي ڪناري تي شينڪ بند جوڙجڪ جي لحاظ کان ڪمزور آهي ۽ اَٺ کان نَو لک ڪيوسڪ جو دٻاءُ برداشت نه ڪري سگهندو۔‘‘ هن زور ڏنو ته ان جي باوجود اسان جي پهرين ترجيح ان کي بچائڻ آهي۔

وڏي وزير چيو ته ’’سپر فلڊ‘‘ يعني نَو لک ڪيوسڪ يا وڌيڪ پاڻيءَ جي وهڪري جي صورت ۾ تياريون جاري آهن۔ هن ٻڌايو ته 948 امدادي ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن، موبائل طبي يونٽس سرگرم آهن ۽ صوبائي پي ڊي ايم اي طبي ڪيمپون قائم ڪيون آهن جن ۾ ضروري دوائون ۽ سُرهي جي ويڪسين شامل آهي۔ هن چيو ته پاڪ نيوي، پاڪ فوج ۽ رينجرز مڪمل سهڪار ڪري رهيا آهن۔ لڳ ڀڳ 192 ريسڪيو ٻيڙيون ڪچي جي علائقن ۾ مقرر ڪيون ويون آهن۔

مراد علي شاهه خاطري ڏني ته امدادي ڪيمپن ۾ پچيل کاڌو ڏنو ويندو ۽ ڪچي ۾ تباهه ٿيل گهرن کي بعد ۾ مٿاھين زمين تي ٻيهر تعمير ڪيو ويندو۔ هن چيو ته اسان جي مڪمل ڪوشش هوندي ته انساني جاني نقصان گھٽ کان گھٽ ٿئي۔

 

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ماضي جي ٻوڏن جو حوالو ڏيندي چيو ته 2010 ۾ گڊو بئراج مان 11 لک ڪيوسڪ پاڻي گذريو هو۔ پر هن جو مشاهدو هو ته هن ڀيري نَو لک کان ڏهه لک ڪيوسڪ به وڏو چئلينج هوندو۔ 24 آگسٽ تي گڊو مان پنج لک پنجاهه هزار ڪيوسڪ پاڻي گذري چڪو آهي، جنهن بندن کي ڇهيو ۽ ڪجهہ علائقن ۾ فصلن کي نقصان رسيو۔ جيڪڏهن وهڪرو محدود رهيو ته نقصان قابو ۾ رهندو، پر فصلون بچڻ مشڪل ٿينديون۔

وڏي وزير چيو ته سڀئي وزير، اسيمبلي ميمبر ۽ سرڪاري آفيسر هنگامي ڊيوٽيءَ تي مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڪور ڪمانڊر ۽ ڊي جي رينجرز جي سهڪار سان حفاظتي انتظام پڪ سان ڪيا پيا وڃن۔ هن وڌيڪ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مسلسل رابطو ۾ آهي، صدر آصف علي زرداري هدايتون ڏئي رهيا آهن ۽ صوبي جو صدر نثار کوڙو ڪارڪنن کي متحرڪ ڪري رهيو آهي۔

هن چيو ته اسان جي قيادت، جماعت ۽ صوبائي حڪومت عوام کي بچائڻ لاءِ متحد آهي۔ مان ميڊيا کي درخواست ڪيان ٿو ته خاميون اجاگر ڪن پر خوف نه ڦهلائين۔ سنڌ مڪمل طور الرٽ آهي، تياريون مڪمل آهن ۽ اسان جي ترجيح عوام، مال مويشي ۽ بئراجن جو تحفظ آهي۔

ان کان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گڊو ۽ سکر بئراجن جو دورو ڪيو ته جيئن پاڻيءَ جي وهڪري، بندن جي حالت ۽ جاري بحالي منصوبن جو جائزو وٺي سگهن۔

*گڊو بئراج جي صورتحال*

گڊو بئراج تي وزير آبپاشي جام خان شورو ۽ سيڪريٽري آبپاشي ظريف کيڙو وڏي وزير کي ٻڌايو ته 2017 ۾ شروع ٿيل بحالي ۽ جديدڪاري منصوبي ۾ 72.6 سيڪڙو عملي ۽ 78.6 سيڪڙو مالي اڳڀرائي ٿي چڪي آهي۔ هي منصوبو چين جي ڪمپني ’’نيو ايرا ڊولپمينٽ گروپ‘‘ جي تحت جاري آهي ۽ هاڻي مارچ 2026 تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي۔ وڏي وزير هدايت ڪئي ته منصوبو مقرر مدي اندر مڪمل ڪيو وڃي ۽ معيار تي سمجهوتو نه ڪيو وڃي۔

*سکر بئراج جي صورتحال*

سکر بئراج جي دوري دوران وڏي وزير کي سنڌ بئراجز امپرومينٽ پروجيڪٽ (ايس بي آءِ پي) تي بريفنگ ڏني وئي، جيڪو سنڌ حڪومت ۽ ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان جاري آهي۔ کيس ٻڌايو ويو ته منصوبي تي ڪم منصوبا بندي موجب جاري آهي ۽ جون 2027 تائين مڪمل ٿيندو۔

وڏي وزير بئراجن جي بحالي کي ’’تاريخي سنگ ميل‘‘ قرار ڏنو ۽ چيو ته ان جي بروقت مڪمل ٿيڻ سان پائيدار آبپاشي، بهتر ٻوڏ نظام ۽ لکين خاندانن جو تحفظ ممڪن ٿيندو۔

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه درياءَ سنڌ کان بچاءَ جي قدمن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪشمور-ڪنڌڪوٽ (ڪي ڪي) بند ۽ قادرپور شينڪ بند جو معائنو ڪيو۔

ڪي ڪي بند تي سيڪريٽري آبپاشي وڏي وزير کي ٻڌايو ته درياهه 1995 کان هي جوڙجڪ متاثر ڪري رهيو آهي۔ 2010 جي سپر فلڊ کان پوءِ اسٽڊز ۽ اسپُرز لڳايا ويا ۽ 2021 ۾ ميل 11 کان 18 جي وچ ۾ ست نوان ڍانچا مڪمل ڪيا ويا، پر هاڻي ميل 18 جي ڊائون اسٽريم حصي کي درياهه کان خطرو آهي۔ هنگامي قدم طور پٿر اڇلائڻ، ذخيرو ڪرڻ ۽ 24 ڪلاڪ نگراني جاري آهي۔

قادرپور، گھوٽڪي ۾ وڏي وزير شينڪ بند جو معائنو ڪيو، جيڪو پنج هزار ايڪڙ ڪچي جي زمين ۽ قادرپور لوپ بند کي تحفظ ڏئي ٿو۔ هي بند ڪيترن ڏهاڪن کان ڪمزور آهي ۽ 2022 ۾ ان ۾ وڏو گھارو پيو هو، جيڪو طوفاني آندهيءَ جي نتيجي ۾ 550 فُٽ تائين ويڪرو ٿي ويو۔ وڏي وزير جي هدايت تي تيار ڪيل ريموٽ سينسنگ نقشن مطابق چار هزار انتيهه ايڪڙ مان 739 ايڪڙ پاڻي هيٺ اچي ويو هو۔

مراد علي شاهه آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي ته نگراني ۽ مضبوط ڪرڻ جي ڪم ۾ تيزي آندي وڃي، ڇاڪاڻ ته ڪي ڪي بند ۽ قادرپور بند سنڌ جي عوام، زراعت ۽ معيشت جي تحفظ لاءِ انتهائي اهم آهن۔

*صوبائي آفات منيجمنٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي)*

وڏي وزير کي صوبائي وزير مخدوم محبوب زمان ۽ ڊي جي سلمان شاهه گڊو ۽ سکر بئراجن تي ٻوڏ جي تيارين بابت بريفنگ ڏني، جتي پاڻيءَ جو وهڪرو نَو لک ڪيوسڪ کان وڌي سگهي ٿو۔

بريفنگ موجب، سپر فلڊ جي صورت ۾ 15 ضلعن، 167 يوسي ۽ هڪ هزار 651 ڳوٺ متاثر ٿي سگهن ٿا، جنهن سان 16 لک 30 هزار کان وڌيڪ ماڻهو (273,148 خاندان) خطري ۾ اچي سگهن ٿا۔ ان خطري کي نظر ۾ رکندي متاثر علائقن ۾ 948 امدادي ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن۔

گڊو ۽ سکر بئراجن جي وچ ۾ خطري وارن علائقن ۾ 1,01,343 ماڻهو گھوٽڪي ۾، 1,94,569 سکر ۾، 2,24,900 ڪشمور ۾ ۽ 2,64,542 شڪارپور ۾ متاثر ٿي سگهن ٿا۔ لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن ۾ به ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن۔

وڏي وزير هدايت ڪئي ته متاثر ڪميونٽين کي مڪمل سهولتون ڏنيون وڃن، ڪيمپن ۾ ضروري شيون موجود هجن ۽ عوام سان ويجهو رابطو رکيو وڃي۔ هن چيو: ’’مون وزيرن کي رليف ۽ بحاليءَ جي ڪم جي نگراني لاءِ مقرر ڪيو آهي ۽ مان پاڻ به صورتحال جي مانيٽرنگ ڪري رهيو آهيان۔‘‘

Back