سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس، اهم پاليسين بابت فيصلا

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس، اهم پاليسين بابت فيصلا

Posted on: 08 Aug 2025   Tags:

ڪراچي (7 آگسٽ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل ڪابينا اجلاس ۾ اهم پاليسين بابت فيصلا ڪيا ويا جن ۾ قومي سڃاڻپ ڪارڊ (CNIC) جي بنياد تي گاڏين جي رجسٽريشن، ايم ڊي ڪيٽ (MDCAT) امتحان جي ذميواري آءِ بي اي سکر حوالي ڪرڻ ۽ صوبي جي 3371 محفوظ تاريخي عمارتن جو ٻيهر جائزو وٺڻ شامل آهي. ڪابينا ضبط ٿيل ۽ ڪٽ اينڊ ويلڊ چيچيندڙ گاڏين جي رجسٽريشن، گاڏين جي فٽنيس چيڪنگ سينٽرن جي قيام ۽ ڪورونا دوران ڀرتي ڪيل فني ۽ امدادي عملي جي خدمتن ۽ پگهارن ۾ توسيع جي به منظوري ڏني. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزير، صلاحڪار، خاص مددگار، چيف سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل سيڪريٽريز شرڪت ڪئي.

شناختي ڪارڊ (CNIC) تي مبني گاڏين جي رجسٽريشن ۽ پرسنلائيزڊ نمبر پليٽس:

ايڪسائيز کاتي پاران پيش ڪيل تجويز تحت ڪابينا CNIC بنياد تي گاڏين جي رجسٽريشن ۽ پرسنلائيزڊ رجسٽريشن مارڪس (PRMs) جي نظام جي اصولي منظوري ڏني. هن نظام تحت گاڏي جو نمبر پليٽ مالڪ جي شناختي ڪارڊ سان ڳنڍيل هوندو، نه ته گاڏي جي چيچس نمبر سان، جنهن سان مالڪ وڪري بعد به نمبر پليٽ ٻيهر استعمال يا محفوظ رکي سگهندو. چيچس نمبر گاڏي جي مستقل سڃاڻپ طور موجود رهندو. نئون نظام گاڏين جي حقيقي وقت ۾ ٽريڪنگ، بين الاقوامي معيارن مطابق رجسٽريشن ۽ ٽيڪس ڏيندڙن جي اثاثن جي سڃاڻپ کي آسان بڻائيندو. نادرا جي ڊيٽابيس سان انضمام پڻ شامل هوندو. وڏي وزير ايڪسائيز کاتي کي هدايت ڪئي ته هو نظام جي تياري، آزمائش، ۽ قانوني ترميمن بعد عملدرآمد جو بندوبست ڪري. نظام في الحال فوري لاڳو نه ٿيندو، پر ايندڙ اجلاس ۾ ان جي پيش رفت جو جائزو ورتو ويندو.

ضبط ٿيل گاڏين جي رجسٽريشن:

ڪابينا اهڙين ضبط ٿيل يا غير رجسٽر گاڏين جي رجسٽريشن لاءِ ايس او پيز (SOPs) تجويز ڪيا جن جا چيچس نمبر مٽايل يا ڪٽ اينڊ ويلڊ ٿيل آهن. رڳو وفاقي ۽ صوبي ادارا اهڙيون گاڏيون خاص "نان ٽرانسفر ايبل" سيريز (GPY/GPZ وفاق لاءِ ۽ GSY/GSZ صوبو لاءِ) هيٺ رجسٽر ڪرائي سگھن ٿا.

رجسٽريشن فيس گاڏي جي انوائس ويليو جي حساب سان مقرر ٿيندي. مڪمل تصديق بعد ئي رجسٽريشن ممڪن هوندي. ايڪسائيز کاتي وٽ موجود ضبط گاڏيون پاڪستان ڪسٽمز حوالي ڪيون وينديون جيڪڏهن اهي 60 ڏينهن اندر رجسٽر ٿي وڃن. وزير ايڪسائيز جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي به ٺاهي وئي جيڪا قانوني مشاورت ۽ حتمي سفارشون پيش ڪندي.

ڪمرشل گاڏين جي فٽنيس چيڪنگ:

ڪابينا WIL (وہ انڊسٽريز لميٽيڊ) پاران G2G بنياد تي پيش ڪيل گاڏين جي فٽنيس معائني مرڪزن جي قيام واري تجويز جو جائزو ورتو. سنڌ ۾ هن وقت 92 لک رجسٽرڊ گاڏيون آهن، جن مان 10 لک ڪمرشل آهن. مناسب فٽنيس نظام جي کوٽ سبب حادثا، آلودگي، ۽ ميڪانيڪي خرابيون وڌي رهيون آهن. ٽرانسپورٽ کاتي فٽنيس چيڪنگ کي ڊجيٽل ڪرڻ شروع ڪيو آهي، پر وڌيڪ انفراسٽرڪچر جي ضرورت آهي. WIL جي تجويز مطابق: پهرين مرحلي ۾ 7 هيوي گاڏين جا فٽنيس سينٽر (5 ڪراچي، 1 حيدرآباد، 1 سکر) قائم ٿيندا. ٻي مرحلي ۾ لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، شهيد بينظيرآباد ۽ 25 اسمال گاڏين جا سينٽر شامل ڪيا ويندا.نظام ۾ ٿرڊ پارٽي مانيٽرنگ، رئيل ٽائيم ڊيٽا ڊيش بورڊ، ۽ اسڪرو بيزڊ آمدني گڏ ڪرڻ شامل هوندو. 2015 کان غير مؤثر فيسن ۾ ترميم، خانگي گاڏين لاءِ هر 3 سال بعد فٽنيس چيڪ لازمي ڪرڻ، ۽ WIL کي واحد مجاز ادارو مقرر ڪرڻ لاءِ قانوني تبديليون تجويز ڪيون ويون. ڪابينا تجويز جي اصولي منظوري ڏني ۽ فيصلو ڪيو ته صرف ڪمرشل (هيوي ۽ لائيٽ) گاڏين جي فٽنيس چيڪنگ لازمي هوندي. ٽرانسپورٽ کاتي کي WIL سان ڳالهين ڪرڻ ۽ قانوني مسودا پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.

3371 ثقافتي ورثي واري عمارتن جو ٻيهر جائزو:

سنڌ ڪابينا صوبي ۾ 3371 محفوظ تاريخي عمارتن جو ٻيهر جائزو وٺڻ لاءِ ماهرن تي مشتمل ڪميٽي (يا ڪميٽيون) ٺاهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اهي عمارتون شروعاتي طور تي "سنڌ ڪلچرل هيريٽيج (تحفظ) ايڪٽ 1994" تحت محفوظ قرار ڏنل هيون. ان کانپوءِ 09-2008 ۾ اين اي ڊي يونيورسٽي ۽ 18-2017 ۾ ثقافت کاتي جي ٻيهر سروي بعد انهن کي باقاعده طور نوٽيفاءِ ڪيو ويو هو. تنهن هوندي وقت گذرڻ سان ڪيترين ئي عمارتن جي جوڙجڪ خراب ٿي وئي، موسم جي اثرن، غير قانوني تبديليءَ ۽ سنڀال جي گهٽتائيءَ سبب انهن جي اصل هيريٽيج حيثيت متاثر ٿي وئي. ثقافت کاتي ڪابينا اڳيان ٻيهر جائزي لاءِ ٽي مختلف تجويزون پيش ڪيون، جن ۾ آرڪيٽيڪچر، ڪنزرويشن، اربن پلاننگ، تاريخ ۽ اسٽرڪچرل انجنيئرنگ جا ماهر شامل آهن. ڪابينا انهن ماهرن تي ٻڌل ڪميٽي (يا ڪميٽين) جي جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جيڪي انهن عمارتن جو تفصيلي جائزو وٺي حڪومت کي سفارشون پيش ڪنديون. ان منصوبي جي لاءِ ڪابينا 2 ڪروڙ رپيا به منظور ڪري ڇڏيا. وڏي وزير چيو ته هي قدم صوبي جي ثقافتي ۽ تاريخي سڃاڻپ جي تحفظ لاءِ هڪ سنجيده ڪوشش آهي.

تعليمي بورڊن بابت قانون ۾ ترميم:

ڪابينا "سنڌ بورڊ آف انٽرميڊيئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن (ترميمي) ايڪٽ 2025" ۾ اهم ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن تحت هاڻي گريڊ 19 ۽ 20 جي آفيسرن کي به بورڊن جي چيئرمين طور مقرر ڪري سگهجي ٿو. ان کان اڳ رڳو گريڊ 21 جا آفيسر چيئرمين مقرر ٿي سگھندا هئا، پر مناسب آفيسرن جي کوٽ سبب بورڊن جا انتظامي معاملا متاثر ٿي رهيا هئا.

هاڻي سيڪشن 15(1) ۾ ترميم کان پوءِ گريڊ 19/20 جي آفيسرن کي تبادلي جي ذريعي چيئرمين مقرر ڪري سگهجي ٿو، جن جي مدت 3 سال هوندي ۽ هو ٻيهر مقرري جا اهل به هوندا. ڪنٽرولنگ اٿارٽي کي سڌي ڀرتي يا تبادلي جي ذريعي چيئرمين مقرر ڪرڻ جو اختيار هوندو. هي ترميم بورڊن جي انتظامي سڌاري ۽ مؤثر گورننس کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪئي وئي آهي.

پاڪستان ٽيڪسٽائيل سٽي جا شيئر وڪڻڻ:

ڪابينا پاڪستان ٽيڪسٽائيل سٽي لميٽيڊ (PTCL) ۾ سنڌ حڪومت جي 16 سيڪڙو شيئرز بابت مختلف تجويزن جو جائزو ورتو. هي منصوبو پورٽ قاسم تي 1,250 ايڪڙ زمين تي قائم هڪ ناڪام صنعتي منصوبي طور سڃاتو وڃي ٿو. پورٽ قاسم اٿارٽي (PQA) سڀني شيئر هولڊرن کان في شيئر 10 رپين جي شرح سان شيئر خريد ڪرڻ ۽ ڪمپني جا سمورا واجبات سنڀالڻ جي آڇ ڪئي آهي. سنڌ حڪومت پاڪستان ٽيڪسٽائيل سٽي ۾ 20 ڪروڙ رپيا بطور ايڪويٽي سيڙپڪاري ڪئي، جڏهن ته ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن (KW\&SC) ذريعي 27 ڪروڙ 10 لک رپيا انفراسٽرڪچر تي خرچ ڪيا ويا. ان حوالي سان حڪومت ٽن تجويزن تي غور ڪيو آهي: 1. زمين جي صورت ۾ معاوضو: 16 سيڪڙو حصي جي برابر 200 ايڪڙ زمين واپس وٺي، ان کي مستقبل ۾ ترقي لاءِ استعمال ڪيو وڃي؛ 2. مالي معاوضو: زمين، ايڪويٽي سيڙپڪاري، ۽ انفراسٽرڪچر تي خرچن سميت نفعو شامل ڪري ڪل 12.48 ارب رپيا وصول ڪيا وڃن؛ 3. مستقبل جي منصوبن ۾ حصيداري: جيڪڏهن ساڳي زمين تي ڪو نئون منصوبو شروع ٿئي ته سنڌ حڪومت کي ان ۾ 16 سيڪڙو ايڪويٽي ڏني وڃي. مالي ۽ قانوني کاتن انهن تجويزن کي تجارتي ۽ قانوني طور قابلِ عمل قرار ڏئي انهن جي حمايت ڪئي. ڪابينا وزيرِ صنعت، وزيرِ قانون ۽ وزيراعليٰ جي خاص مددگار سليم بلوچ تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جي جوڙجڪ جي منظوري ڏني، جيڪا انهن تجويزن جو جائزو وٺي سفارشون ڏيندي. وڏي وزير ڪميٽي کي هدايت ڪئي ته هو ٽيڪسٽائيل انڊسٽري سان لاڳاپيل صنعتڪارن سان به صلاح مشورا ڪن، ته جيئن ٽيڪسٽائيل سٽي منصوبي کي ٻيهر فعال بڻائي سگهجي.

دهشتگردي جي خاتمي بابت ايڪٽ 1997 ۾ ترميمون:

سنڌ ۾ دهشتگردي جي ڪيسن کي وڌيڪ مؤثر ۽ واضح بڻائڻ لاءِ، گهرو کاتي پاران "دهشتگردي جي خاتمي جو ايڪٽ 1997" ۾ اهم ترميمون تجويز ڪيون ويون آهن. وفاقي سطح تي لاڳو قانون ۾ انسداد دهشتگردي عدالتن (ATCs) جي ڪم سان لاڳاپيل ڪيترن ئي اهم پهلوئن تي وضاحت جي کوٽ آهي، خاص طور تي ججن جي عمر جي حد، مدو وڌائڻ، ۽ عدالتن جي منتقلي يا بي اثر ڪرڻ (de-notify) بابت طريقيڪار موجود نه آهي. انهن مسئلن جي حل لاءِ سنڌ ڪابينا ايڪٽ جي شق 13(1) ۽ شق 28(1) ۾ ترميمن جي منظوري ڏني، جيڪي عدالتن جي قيام ۽ ڪيسن جي منتقلي سان لاڳاپيل آهن. ڄاڻايل ترميمن تحت عدالتن جي ججن لاءِ عمر جي حد ۽ مدو وڌائڻ جا اصول مقرر ڪيا ويندا. عدالتن کي منتقل ڪرڻ يا غير مؤثر قرار ڏيڻ لاءِ باقاعده طريقيڪار لاڳو ڪيو ويندو، جنهن سان ڪيسن جي انتظام ۽ سيڪيورٽي هم آهنگي (coordination) بهتر ٿيندي. انهن سڌارن جو مقصد صوبي اندر دهشتگردي سان لاڳاپيل ڪيسن جي ٻڌڻي ۾ عدالتي ڪارڪردگي، قانوني وضاحت ۽ تسلسل کي بهتر بڻائڻ آهي. ڪابينا کان منظوري بعد، هي ترميمون سنڌ اسيمبلي ڏانهن موڪلي ڏنيون ويون آهن.

خصوصي تعليم جي عملي کي BPS-14 ۾ اپگريڊ ڪرڻ جي منظوري:

سنڌ ڪابينا هڪ اهم قدم کڻندي، اسپيشل ايجوڪيشن ۽ بحالي مرڪزن جي مختلف تدريسي ۽ تربيت ڏيندڙ اساميون، جيڪي اڳ گريڊ 08، 09، 11 ۽ 12 ۾ هيون، انهن کي اپگريڊ ڪري بي پي ايس-14 ۾ آڻڻ جي منظوري ڏني آهي. اهو فيصلو انهن مستقل ملازمن لاءِ هڪ وڏو قدم آهي، جيڪي سالن کان واڌويجھ جا موقعا نه هجڻ سبب جمود ۽ مايوسي جو شڪار هئا. هي اپگريڊ، صوبي جي 66 فعال مرڪزن ۾ ڪم ڪندڙ 170 استادن ۽ انسٽرڪٽرن کي فائدو ڏيندو، جيڪي ڌار ۽ ترقيءَ کان محروم اساميين تي ڪم ڪري رهيا هئا. جيڪي عهدا اپگريڊ ڪيا پيا وڃن انهن ۾ شامل آهن: ووڪيشنل ٽيچر، قرآن ٽيچر، ميوزڪ ٽيچر، بريل ٽيچر، ڊرائنگ ٽيچر، پي ئي آٽي، انڌن، ٻوڙن ۽ گونگن ٻارن جا استاد، جسماني معذور ٻارن جا استاد، سلائي، ڪارپيٽ بُنڻ، ڪاٺ جو ڪم، سوئي ڌاڳو، مارڪيٽنگ انسٽرڪٽر ۽ ليب اسسٽنٽس شامل آھن. اهي سڀ عهدا خصوصي نوعيت جا آهن ۽ معذور ٻارن جي تعليم ۽ بحاليءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، پر ان جي باوجود گهٽ گريڊ ۾ رکيا ويا هئا. وسيلن جي مؤثر استعمال لاءِ وڏي وزير "بااختيار معذور ماڻهن جي کاتي" (DEPD) کي هدايت ڪئي ته هو 73 غيرضروري اساميون ختم ڪري ۽ اپگريڊ جو عمل موجوده مالي حدن اندر مڪمل ڪري، ته جيئن صوبي جي خزاني تي ڪو اضافي بار نه پوي.

ايم بي بي ايس ۽ بي ڊي ايس ۾ داخلا لاءِ ايم ڊي ڪيٽ پاليسي جي منظوري:

سنڌ ڪابينا ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۾ ايم بي بي ايس ۽ بي ڊي ايس پروگرامن ۾ داخلا لاءِ هڪ جامع ايم ڊي ڪيٽ (MDCAT) داخلا پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اها پاليسي پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (PMDC) ايڪٽ 2022 ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هدايتن جي روشني ۾ تيار ڪئي وئي آهي. ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ۽ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا جو سمورو نظام صحت کاتي سنڌ جي نگراني هيٺ هلندو. پي ايم ڊي سي ايڪٽ جي مطابق، صوبي ۾ هر سال هڪ ئي يونيفارم ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ وٺڻ لازمي آهي، جنهن لاءِ صوبن کي باقاعده پاليسي ٺاهڻ ضروري آهي. پاليسي جا اهم نقطا هيٺ ڏجن ٿا: پي ايم ڊي سي پاران مقرر ڪيل ضابطا، ميرٽ جو تعين، پاسنگ پرسنٽيچ، ۽ اهل هجڻ جا اصول. درخواست ڏيندڙ لاءِ سنڌ جو ڊوميسائل لازمي قرار ڏنو ويو آهي، جنهن جي تصديق جووينائل ڪارڊز ۽ بايو ميٽرڪ سسٽم ذريعي ڪئي ويندي. سرڪاري ۽ نجي ميڊيڪل ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ سيٽن جي ورهاست سالياني پراسپيڪٽس ۾ واضح طور شايع ڪئي ويندي، جيڪا ڪنهن به اداري پاران تبديل نه ڪري سگهبي. سکر آءِ بي اي ٽيسٽنگ ايجنسي (SIBA) کي ايم ڊي ڪيٽ 2024 جي ڪامياب انعقاد جي بنياد تي موجوده ٽيسٽنگ ايجنسي طور مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايندڙ لاءِ ايجنسي جو انتخاب ڪارڪردگي جي بنياد تي ٿيندو. صحت کاتو اهو اختيار رکي ٿو ته داخلا وارو عمل سڌو سنئون يا ڪنهن نامزد ميڊيڪل يونيورسٽي ذريعي مڪمل ڪرائي. جيڪڏهن عمل يونيورسٽي ذريعي مڪمل ٿئي ته صحت کاتو هڪ نگراني ڪميٽي مقرر ڪندو جيڪا ان عمل جي نگراني ڪندي.

ڪووڊ-19 ايمرجنسي اسٽاف جي پگهارن ۾ آخري واڌ ۽ مرحليوار خاتمي جو منصوبو:

سنڌ ڪابينا ڪووڊ-19 ايمرجنسي رسپانس دوران ڀرتي ڪيل ٽيڪنيڪل ۽ سهائتا ڪندڙ عملي جي خدمتن ۽ پگهارن ۾ آخري ڀيرو واڌ جي منظوري ڏني آهي. اهو خاص طور تي انهن عملي لاءِ آهي، جيڪي صوبي جي ويڪسينشن سينٽرن ۽ ٽئريٽري ڪيئر اسپتالن ۾ مقرر هئا.

صحت کاتي جون تجويزون ۽ ڪابينا جي منظوري:

صحت کاتي سفارش ڪئي آهي ته ڪورونا ويڪسين مرڪزن (CVCs) ۾ مقرر ٿيل 2423 ماهر ۽ مددگار عملي جون خدمتون 30 جون 2025 تائين جاري رکڻيون وڃن. هن عملي ۾ انڊر گريجوئيٽ ميڊيڪل شاگرد، ڪميونٽي ورڪر ۽ ڊيٽا انٽري آپريٽرز شامل آهن، جيڪي روزانو 600 رپيا اجرت تي ڪم ڪري رهيا آهن. مالي سال 2025-26 لاءِ هن مد ۾ 530.637 ملين رپيا مختص ڪيا ويا آهن. ڪابينا، ڪراچي جي پنج اهم سرڪاري اسپتالن — جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر (JPMC)، سول اسپتال، لياري جنرل اسپتال، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل ڪاليج (SMBBMC) ۽ غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج اسپتال سکر (GMMMCH) — ۾ ڪم ڪندڙ 335 پيراميڊيڪل عملي جي نوڪرين ۾ جون 2025 تائين واڌ جي منظوري ڏني، جن جي پگهارن لاءِ 112.560 ملين رپيا رکيا ويا آهن. ان سان گڏ، سروسز اسپتال ڪراچي جي 88 پيراميڊيڪل عملي لاءِ، جن جي توسيع اڳين منظوريءَ ۾ شامل نه هئي، اپريل 2023 کان جون 2025 تائين واپسيءَ واري منظوري (retrospective approval) ڏني وئي، جنهن لاءِ 61.600 ملين رپيا منظور ڪيا ويا.

ماحولي تحفظ ۽ ڪاربان مارڪيٽ:

سنڌ ڪابينا، ماحوليات، آبهوا جي تبديلي ۽ سامونڊي ترقي واري کاتي کي صوبائي ڪاربان مارڪيٽ ۽ ڪاربان فنانسنگ قدمن لاءِ مرڪزي اختيار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اهو فيصلو UNFCCC جي آرٽيڪل 6 تحت ڪيو ويو، جيڪو پاڪستان جي 2024 جي قومي پاليسي هدايتن سان هم آهنگ آهي. هن عمل جو مقصد سنڌ کي عالمي ماحولياتي فنانسنگ ۾ سرگرم بڻائڻ آهي. انهيءَ تحت سنڌ حڪومت درختن جي پوکائي، آلودگي گهٽائڻ جهڙن ماحول دوست منصوبن عيوض ڪاربان ڪريڊٽس جي بدلي بين الاقوامي مالي فائدا حاصل ڪندي، جيڪي مقامي برادرين لاءِ سبز سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ڪندا.

فارماڪوويجيلنس سينٽر:

وفاقي حڪومت جي سفارش تي ڪابينا صوبائي فارماڪوويجيلنس سينٽر کي باقاعدي طور نوٽيفاءِ ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. هي مرڪز دوائن جي نقصانڪار اثرن جي رپورٽنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا، ۽ گڏيل ڊيٽا جي تجزيي سان ممڪن نقصانن کان بچاءُ ۾ مدد ملندي.

سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس ۽ نادرا لاءِ زمين جي منظوري:

ڪابينا، ضلع ٺٽو جي ديهه مڪلي ۾ سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس جي قيام لاءِ 100 ايڪڙ زمين ڏيڻ جي منظوري ڏني. اھڙي ريت نادرا کي ضلع سکر جي ديهه ناصر آباد (نيو سکر) ۾ ريجنل هيڊ آفيس لاءِ 38 گهنٽا زمين الاٽ ڪئي وئي.

ٻيا فيصلا:

برگيڊيئر (ر) انعام الحق کي سيڪيورٽي يونٽ ۾ انٽرنل سيڪيورٽي اسپيشلسٽ طور مقرر ڪرڻ جي منظوري. سنڌ جي جيلن ۾ 1045 نئين جايون پيدا ڪرڻ جي منظوري جن ۾ ASIs، هيڊ وائرليس آپريٽرز، هيڊ ڪانسٽيبل ڊرائيورز ۽ جيل ڪانسٽيبل شامل آهن.

عبدالرشيد چنا

ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ

Back