سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ شاهراه ڀٽو رٿا بابت اجلاس
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ شاهراه ڀٽو رٿا بابت اجلاس
Posted on: 04 Jun 2025 Tags:ڪراچي (3 جون): سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ شاهراهِ ڀٽو منصوبي تي اڳڀرائي بابت جائزو اجلاس ٿيو جنهن ۾ منصوبي ۾ نمايان اڳڀرائي ۽ عيد کان پوءِ فوراً ٽرئفڪ لاءِ هڪ اهم سيڪشن کولڻ جو اعلان ڪيو ويو. اهو اجلاس وڏي وزير هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، وڏي وزير جو خاص مددگار سيد قاسم نويد، ميئر ڪراچي مرتضىٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري بلديات محمد وسيم، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر شاهراهِ ڀٽو نياز سومرو ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ منصوبي جي مختلف حصن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ باقي ڪم تيزيءَ سان مڪمل ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اجلاس دوران وڏي وزير کي منصوبي جي صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڄاڻايو ويو ته شاهراهِ فيصل کان قائدآباد انٽرچينج تائين شاهراهِ ڀٽو تي ڪم تقريباً مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ وڏي وزير جي هدايت مطابق شاهراه عيد کانپوءِ ٽرئفڪ لاءِ کولڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي. اهو به ٻڌايو ويو ته جام صادق کان شاهراهِ فيصل تائين وارو سيڪشن اڳ ۾ ئي چيئرمين بلاول ڀٽو جي هٿان افتتاح ٿي چڪو آهي. جام صادق پل جي داخلي رستي تي تقريباً 50 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته باقي ڪم يلو لائين منصوبي جي بنيادي ڍانچي جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ مڪمل ڪيو ويندو. اي بي ايم انٽرچينج جو ڪم 100 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ قائدآباد انٽرچينج جي ڏکڻئين حصي جو 98 سيڪڙو ڪم مڪمل آهي. سمون ڳوٺ ۾ 4 ڪلوميٽر ڊگھي ايليويٽيڊ ايڪسپريس وي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي جنهن مطابق 556 پائلن مان 517 لڳائي ويون آهن ۽ 39 باقي آهن. ان کان علاوه 1380 گرڊرز مان 520 لڳايا ويا آهن جڏهن ته 860 باقي آهن. ان سيڪشن جو لڳ ڀڳ 44.4 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه ڪم جي رفتار وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي عملدارن کي زور ڏنو ته جام صادق ۽ قائدآباد انٽرچينج جي مڪمل ٿيڻ کي ترجيح ڏني وڃي ته جيئن عوام کي جلد کان جلد سهولت ملي سگهي.
Back