سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ وفاقي معاون خاص هارون اختر جي وچ ۾ اهم اجلاس
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ وفاقي معاون خاص هارون اختر جي وچ ۾ اهم اجلاس
Posted on: 15 Feb 2026 Tags:ڪراچي (12 جنوري): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر وچ ۾ ٿيل هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ صوبي اندر ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن (اسمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائزز) جي ترقي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ اسٽرٽيجڪ ڀائيواري قائم ڪرڻ تي غور ڪيو ويو۔ اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزير صنعت ڄام اڪرام ڌاريجو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو سيڙپڪاري بابت خاص مددگار سيد قاسم نويد ۽ وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ شريڪ هئا۔ وفاقي حڪومت جي وفد ۾ وفاقي سيڪريٽري براءِ صنعت ۽ پيداوار سيف انجم، ڊائريڪٽر جنرل فريدون اڪرم، اسمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائزز ڊولپمينٽ اٿارٽي (SMEDA) جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ناديا جهانگير ۽ ٻيا عملدار شامل هئا۔ اجلاس دوران محدود مالي وسيلن تائين رسائي، وڌندڙ پيداوار خرچن جهڙن چئلينجن تي ضابطو آڻڻ ۽ صنعتي ترقي لاءِ صوبائي قدمن مان فائدو حاصل ڪرڻ بابت تفصيلي خيال ونڊ ڪيا ويا۔ اجلاس جي هڪ اهم اڳڀرائي سنڌ جي شهر ڪنري ۾ ريڊ چلي پروسيسنگ (ڊي هائيڊريشن) يونٽ جي بحالي لاءِ گڏيل عزم هو۔ هي منصوبو اسمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائزز ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ سنڌ انٽرپرائز ڊولپمينٽ فنڊ جي بورڊن کان باضابطه منظوري حاصل ڪري چڪو آهي۔ وڏي وزير موجب هن ڀائيواري جو مقصد مرچ جي ويليو چين کي جديد بڻائڻ آهي، جيڪا سنڌ جي هڪ اهم زرعي ڪلسٽر جي بنيادي ضرورت آهي۔ سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ انٽرپرائز ڊولپمينٽ فنڊ کي صوبي جي معاشي حڪمت عملي جو اهم ستون سمجهيو وڃي ٿو۔ هن چيو ته ضمانت جي کوٽ، پيچيده طريقيڪار ۽ اسمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائزز لاءِ مخصوص بينڪنگ نيٽ ورڪ جي غير موجودگي قرضن تائين رسائي ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي۔ هن نشاندهي ڪئي ته جون 2025 کان اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان اسمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائزز لاءِ اهي ريفائنانس اسڪيمون ختم ڪري ڇڏيون آهن، جن تحت ڇهه سيڪڙو شرح تي سبسڊي وارا قرض ڏنا پئي ويا۔ وڏي وزير وڌيڪ چيو ته مختلف ادارن پاران اسمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائزز جون مختلف تعريفون هجڻ سبب مونجهارو ۽ تعميلي بار وڌي رهيو آهي جڏهن ته پيچيده ٽيڪس نظام، خاص ڪري پيداواري يونٽن جي رجسٽريشن، واڌ ويجهه جي حوصلا شڪني ڪري ٿو۔ هن چيو ته توانائي جي وڌندڙ اگهن، خام مال جي قيمتن ۽ لاجسٽڪس خرچن ۾ اضافي سبب منافعي جا مارجن سخت دٻاءَ هيٺ آهن۔ وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر پڻ تسليم ڪيو ته ملڪ ۾ بجلي وافر موجود آهي ۽ جيڪڏهن اگهن ۾ گهٽتائي يا اسمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائزز لاءِ خاص پيڪيجن تي اتفاق ٿي وڃي ته ننڍيون صنعتون ترقي ڪنديون ۽ وڌيڪ يونٽ قائم ٿيندا۔ وڏي وزير افسوس ظاهر ڪيو ته ڪيترن ئي اسمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائزز کي بقا لاءِ پنهنجون سرگرميون محدود ڪرڻ يا ملازمن کي فارغ ڪرڻو پيو آهي۔ هن چيو ته ڪيترائي ادارا پراڻي مشينري سان ڪم ڪري رهيا آهن ۽ جديد پيداواري ٽيڪنالاجي تائين رسائي نٿا رکن، جڏهن ته مارڪيٽنگ، انتظاميا ۽ عالمي ڪاروباري طريقن بابت افرادي قوت جي تربيت به ناڪافي آهي۔ اجلاس ۾ اهو به مشاهدو ڪيو ويو ته مختلف ادارن جي اختيارن ۾ اوورليپ سبب اسمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائزز جي سهولتڪاري ڏکيو بڻجي وئي آهي جڏهن ته صوبائي ۽ وفاقي ادارن وچ ۾ رابطي جي کوٽ پاليسين جي نفاذ ۾ دير جو سبب بڻجي ٿي۔ مراد علي شاهه چيو ته سنڌ انٽرپرائز ڊولپمينٽ فنڊ خانگي شعبي مان 30.8 ارب رپين کان وڌيڪ سيڙپڪاري ڪاميابي سان متحرڪ ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ 3880 کان وڌيڪ سڌا روزگار جا موقعا پيدا ٿيا آهن۔ هن وڌيڪ چيو ته هي فنڊ تجارتي طور قابلِ عمل منصوبن جي مدد لاءِ سڃاتو وڃي ٿو ۽ ان جا غير فعال قرض ٻڙي آهن۔ هاڻ تائين سنڌ انٽرپرائز ڊولپمينٽ فنڊ 214 اسمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائزز جي مدد ڪئي آهي جن ۾ 25 عورت ڪاروباري شخصيتون به شامل آهن جڏهن ته پٺتي پيل علائقن ۾ عورتن لاءِ 9500 مائڪرو قرضن تي سبسڊي فراهم ڪئي وئي آهي۔ وڏي وزير وضاحت ڪئي ته ضمانت جي کوٽ ۽ قرض جي پيچيده طريقيڪار جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت جديد مالي حل متعارف ڪرايا آهن۔ حبيب بينڪ لميٽيڊ سان ڀائيواري ذريعي اسمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائزز کي 10 ملين رپين تائين جا قرض صرف 5 سيڪڙو مقرر منافع جي شرح تي ڏنا پيا وڃن جڏهن ته ڪراچي انٽربينڪ آفرڊ ريٽ سان ڳنڍيل سود جو حصو سنڌ انٽرپرائز ڊولپمينٽ فنڊ برداشت ڪري رهيو آهي۔ صوبائي وزير صنعت ڄام اڪرام ڌاريجو چيو ته سنڌ بزنس ون اسٽاپ شاپ جي قيام سان هڪ ئي ڇت هيٺ ريگيوليٽري طريقيڪار کي آسان بڻايو ويو آهي ۽ بيوروڪريٽڪ دير ۾ به نمايان گهٽتائي آئي آهي۔ هن ٻڌايو ته سنڌ ۾ هن وقت 9 خاص اقتصادي زونز ۽ 10 صنعتي اسٽيٽس موجود آهن، جتي ٽيڪس ۾ ڇوٽ ۽ مراعتون ڏنيون پيون وڃن ته جيئن ڪاروبارن کي رسمي دائري ۾ آندو وڃي۔ وڏي وزير چيو ته ٽيڪنالاجي ۽ مهارتن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ صوبائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي۔ هن ٻڌايو ته پيپلز انفارميشن ٽيڪنالاجي پروگرام تحت 48 هزار کان وڌيڪ نوجوانن کي مفت، صنعت سان لاڳاپيل انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تربيت ڏني پئي وڃي۔ هن وڌيڪ چيو ته اسٽارٽ اپس، انڪيوبيٽرز ۽ ايڪسيليريٽرز لاءِ شروع ڪيل قدمن تحت نون ڪاروبارن کي رهنمائي ۽ گرانٽس مهيا ڪيون پيون وڃن ته جيئن اهي پنهنجي سرگرمين کي وڌائي سگهن۔ اجلاس ۾ اسمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائزز ڊولپمينٽ اٿارٽي کان مطالبو ڪيو ويو ته هو سنڌ ۾ پنهنجن منصوبن جو دائرو وڌائي، ڇاڪاڻ تہ هن وقت مڪمل ٿيل 31 منصوبن مان رڳو چار سنڌ ۾ آهن۔ وڏي وزير جون 2025 ۾ ختم ڪيل اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي ريفائنانس اسڪيمون ٻيهر متعارف ڪرائڻ جي تجويز ڏني ته جيئن لڳ ڀڳ 6 سيڪڙو شرح تي سبسڊي وارا قرض ٻيهر بحال ٿي سگهن۔ هارون اختر چيو ته هو هي معاملو وزيراعظم آڏو کڻندا، جيڪي اسمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائزز جي فروغ جا خواهشمند آهن۔ توانائي جي وڌندڙ اگهن کي منهن ڏيڻ لاءِ اجلاس ۾ تجويز ڏني وئي ته متبادل يا شمسي توانائي جا منصوبا اختيار ڪندڙ اسمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائزز کي ٽيڪس ۽ ڪسٽمز ۾ ڇوٽ ڏني وڃي جنهن ۾ درآمدي ڊيوٽي کي ٻُڙي سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز به شامل آهي۔ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته حتمي فيصلي لاءِ هي معاملو وزيراعظم سان غور هيٺ آندو ويندو۔