سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران چين جي پيپلز لبريشن آرمي جي 98هين سالگرهه تي واڌايون
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران چين جي پيپلز لبريشن آرمي جي 98هين سالگرهه تي واڌايون
Posted on: 16 Jul 2025 Tags:ڪراچي (15 جولاءِ 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چين جي پيپلز لبريشن آرمي جي 98هين سالگرهه جي موقعي تي چين جي حڪومت ۽ عوام کي دل جي گهراين سان واڌايون ڏنيون آهن۔ سندس پيغام ۾ هن چيو ته هي ڏينهن پاڪستان ۽ چين جي امر دوستي جو عڪس آهي۔ مراد علي شاهه چيو ته پيپلز لبريشن آرمي جي ڪاميابين کي وڏي ساراهه سان ڏسون ٿا، ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط فوجي ۽ سفارتي لاڳاپا قائم آهن۔ هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت چين سان هر شعبي ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ چاهي ٿي، ۽ اسان مستقبل ۾ به هن ڀائراڻين لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون۔
Back
Dr. Ziauddin Ahmed Road, Karachi, Pakistan
009299202051
09:00 A.M to 05:00 P.M
2026 © Chief Minister's Secretariat