سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران غزه فلوٽيلا تي اسرائيلي حملي کي 'انسانيت سوز' قرار ڏيندي سخت مذمت

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران غزه فلوٽيلا تي اسرائيلي حملي کي 'انسانيت سوز' قرار ڏيندي سخت مذمت

Posted on: 03 Oct 2025   Tags:

ڪراچي (2 آڪٽوبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صمود غزه فلوٽيلا تي اسرائيلي حملو سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي انسانيت سوز ۽ بين الاقوامي قانونن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي۔ وڏي وزير چيو ته خالي ھٿين ۽ پرامن قافلي تي اسرائيلي جارحيت قابلِ مذمت آهي، عالمي برادري خاص ڪري گڏيل قومون ۽ مسلم امت کي فوري طور مداخلت ڪرڻي پوندي ته جيئن فلسطين جي عوام کي تحفظ ملي سگهي۔ سيد مراد علي شاهه چيو ته دنيا هاڻي خاموش تماشائي نه رهي، اسرائيلي جارحيت جو عالمي سطح تي اثرائتو جواب ڏيڻ ضروري آهي۔ وڏي وزير فلسطيني عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ جا عوام پنهنجن فلسطيني ڀائرن جي ڏکن ۾ برابر جا شريڪ آهن۔ هن شهيدن جي پونئرن سان دلي همدردي ظاهر ڪئي ۽ زخمين جي جليدي صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي۔ وڏي وزير وڌيڪ چيو ته فلسطيني عوام جي آزاديءَ واري جدوجهد کي طاقت جي زور تي دٻائي نٿو سگهجي، وقت اچي ويو آهي ته عالمي ادارا عملي قدم کڻن۔

Back