سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران نئين سال جي موقعي تي قوم کي مبارڪباد
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران نئين سال جي موقعي تي قوم کي مبارڪباد
Posted on: 15 Feb 2026 Tags:ڪراچي (31 ڊسمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه نئين سال جي موقعي تي پاڪستان جي عوام کي دل جي گهراين سان مبارڪون ڏنيون ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سال 2026 ملڪ لاءِ ترقي، خوشحالي ۽ نيون ڪاميابيون کڻي ايندو. پنهنجي پيغام ۾ وڏي وزير سال 2025 دوران پاڪستان جي شاندار فوجي ڪاميابي جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ ملڪ پنهنجي کان ڪيترائي ڀيرا وڏن دشمنن خلاف فتح حاصل ڪري عالمي سطح تي پنهنجي طاقت ثابت ڪئي. هن 2025 کي دفاعي برتري جو سال قرار ڏيندي چيو ته 2026 معاشي ميدان ۾ اڳڀرائي جو سال هوندو. صوبائي ڪاميابين بابت ڳالهائيندي سيد مراد علي شاه چيو ته سنڌ حڪومت 2025 دوران ڪيترائي اهم سنگِ ميل حاصل ڪيا. صحت جي شعبي ۾ عالمي معيار جون سهولتون قائم ڪيون ويون ۽ دنيا جو سڀ کان وڏو هيلٿ نيٽ ورڪ تيار ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته ٻوڏ کان متاثر خاندانن لاءِ 11 لک گهر تعمير ڪيا ويا جيڪو عالمي رڪارڊ آهي جڏهن ته 2026 ۾ 20 لک گهر مڪمل ڪرڻ جو منصوبو آهي ته جيئن اهو رڪارڊ ناقابلِ شڪست بڻجي وڃي. تعليم جي شعبي ۾ اسڪولن جي مرمت، بهتري ۽ ميرٽ جي بنياد تي استادن جي ڀرتي ڪئي وئي ته جيئن تعليمي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي. زراعت ۾ هاري ڪارڊ، سبسڊي تي ڪڻڪ جي خريداري ۽ ڀاڻ جي فراهمي جهڙن قدمن ذريعي آبادگارن کي تحفظ ڏنو ويو. وڏي وزير چيو ته ڪراچي تي خاص ڌيان ڏنو ويو جتي پاڻي جي کوٽ کي اولين ترجيح بڻايو ويو. نئين حب ڪئنال جو افتتاح ۽ ڪي-فور منصوبي لاءِ مڪمل بجيٽ جي فراهمي حڪومت جي عزم جو ثبوت آهي. هن چيو ته شهر ۾ 39 ڏينهن تي ٻڌل عالمي ثقافتي ميلو منعقد ڪيو ويو جنهن دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو ۽ ڪراچي کي خوف کان آزاد، رنگن ۽ خوشين جي شهر طور ٻيهر متعارف ڪرايو. سال 2025 جي آخري ڏينهن ڊبل ڊيڪر بس سروس جو آغاز پڻ ڪيو ويو جڏهن ته بي آر ٽي ييلو، ريڊ ۽ گرين لائينون 2026 ۾ مڪمل ڪيون وينديون. آخر ۾ سيد مراد علي شاه چيو ته شاهراهه ڀٽو جهڙا ميگا منصوبا ڪراچي جي صورتِ حال کي تبديل ڪري ڇڏيندا ۽ شهر کي دنيا جي قابلِ رهائش شهرن جي صف ۾ شامل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.