سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي چيمبر جو دورو، جشن آزادي تقريب، تاريخي عمارت تي قومي جهنڊو ڦڙڪايو
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي چيمبر جو دورو، جشن آزادي تقريب، تاريخي عمارت تي قومي جهنڊو ڦڙڪايو
Posted on: 14 Aug 2025 Tags:ڪراچي (13 آگسٽ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اربع ڏينهن ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (KCCI) جو دورو ڪيو ۽ "معرڪوءِ حق" جي عنوان سان ملهائيندڙ 78هين آزادي جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي۔ وڏي وزير ڪي سي سي آءِ جي نئين سر بحال ڪيل تاريخي عمارت تي قومي پرچم لهرائي انکي شهر جي واپاري ورثي جي علامت قرار ڏنو۔ هن عمارت جي اصلي فنِ تعمير کي محفوظ رکڻ تي چيمبر جي واکاڻ ڪئي ۽ ان جي قيادت کي سندن محنت ۽ مهارت تي مبارڪباد ڏني۔ مرحوم سراج قاسم تيلي کي خراج عقيدت پيش ڪندي وڏي وزير چيو ته هن پنهنجي زندگي صنعت جي واڌاري، واپارين جي حقن جي تحفظ ۽ معيشت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ وقف ڪئي۔ هن چيو ته ڪي سي سي آءِ ۽ واپاري طبقو معرڪءِ حق جون زندھ مثالون آهن جيڪي هر چيلينج جي باوجود معيشت جو ڦيٿو هلائيندا رهيا آهن۔ مراد علي شاهه پاڪستان پيپلز پارٽي تحت ڪاروبار دوست پاليسين لاءِ صوبائي حڪومت جي عزم کي ورجايو ۽ زور ڏنو ته هڪ مضبوط معيشت ئي مضبوط پاڪستان جي بنياد آهي۔ هن زرعي ۽ صنعتي ترقي ٻنهي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته صوبي جي خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو۔ تازي ترقياتي قدمن جو ذڪر ڪندي وڏي وزير اعلان ڪيو ته ڪي سي سي آءِ جي چوڌاري عمارتن جي به مرمت ڪئي ويندي۔ هن ٻڌايو ته ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (KMC) جوڙيا بازار جا سڀ ڳنڍيل روڊ اڳ ۾ ئي بحال ڪري ڇڏيا آهن۔ هن ڊگهي عرصي کان التوا جو شڪار ڪي-فور منصوبي کي تيز ڪرڻ جو به عزم ظاهر ڪيو۔ وڏي وزير پاڪستان جي ڀارت مٿان تاريخي فوجي فتح کي ياد ڪندي چيو ته هٿياربند فوجن مادرِ وطن جي دفاع لاءِ قوم جي عزم کي ثابت ڪري ڇڏيو۔ تقريب جي پڄاڻي تي هن آزاديءَ جو ڪيڪ ڪٽي ۽ سمورن پاڪستانين کي دلي مبارڪباد ڏني۔
Back