سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان وفاقي انشورنس محتسب ممتاز علي شاهه جي ملاقات

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان وفاقي انشورنس محتسب ممتاز علي شاهه جي ملاقات

Posted on: 16 Jul 2025   Tags:

ڪراچي (15 جولائي): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان وفاقي انشورنس محتسب ممتاز علي شاهه وزيراعليٰ ھائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ سڄي ملڪ ۾ انشورنس پاليسي هولڊرن جي حقن جي تحفظ بابت سالياني رپورٽ پيش ڪئي وئي. محتسب ٻڌايو ته سال 2024 دوران کين 6116 شڪايتون وصول ٿيون جن مان 5827 يعني 95.27 سيڪڙو شڪايتن جو ازالو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته باقي 289 شڪايتن تي ڪارروائي جاري آهي. وڏي وزير وفاقي انشورنس محتسب جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي هدايت ڪئي ته عوام ۾ آگاهي مهم کي وڌايو وڃي ته جيئن پاليسي هولڊر پنهنجن حقن کان واقفيت حاصل ڪري سگهن ۽ انشورنس ڪمپنين سان لاڳاپيل مسئلا حل ڪرائي سگهن.

Back