سنڌ جي وڏي وزير پاران جشن آزادي ۽ حق جي فتح جو ڏھاڙو گڏيل طور ملھائڻ جو اعلان
سنڌ جي وڏي وزير پاران جشن آزادي ۽ حق جي فتح جو ڏھاڙو گڏيل طور ملھائڻ جو اعلان
Posted on: 12 Jul 2025 Tags:ڪراچي (11 جولاءِ 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل هڪ اهم اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو ته ھن سال پاڪستان جو آزادي ڏھاڙي 14 آگسٽ ۽ حق جي فتح جو ڏينھن 15 آگسٽ تي گڏيل طور وڏي شان و شوڪت سان ملهايا ويندا. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن؛ شرجيل انعام ميمڻ، سعيد غني، محمد بخش مهر ۽ ذوالفقار شاهه رڪت ڪئي، جڏهن ته ميئر ڪراچي مرتضى وهاب، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، ايڊيشنل آءِ جي جاويد عالم اوڍو، صوبائي سيڪريٽريز، ڪمشنر سکر فياض عباسي، ڪور فاءِ، ڪوم ڪار ۽ سدرن ايئر ڪمانڊ جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. حيدرآباد، ميرپورخاص، شهيد بينظيرآباد ۽ لاڙڪاڻي جي ميئرن ۽ ڪمشنرن ويڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پاڪستان جي ڀارت تي تاريخي فتح تي فخر آهي ۽ ان جي خوشيءَ ۾ ھن سال آزاديءَ جي ڏھاڙي سان گڏ حق جي فتح جون تقريبون به وڏي پيماني تي رٿيون وينديون. ھن اعلان ڪيو ته 14 ۽ 15 آگسٽ تي خاص پروگرام منعقد ٿيندا. سيد مراد علي شاهه چيو ته تقريبات ۾ پاڪ فوج کي ڀيٽا پيش ڪرڻ، ثقافتي شو، راندين جا مقابلا ۽ موسيقيءَ جا پروگرام شامل ڪيا ويندا. ھي سرگرميون پهريائين آگسٽ کان شروع ڪيو وينديون. وڏي وزير ان سلسلي ۾ ھڪ خاص ڪميٽي قائم ڪئي آھي، جنھن جي اڳواڻي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪندو، اھا ڪميٽي راندين، ثقافت، مڪاني ادارن جي وزيرن سميت سڀني ميئرن تي مشتمل ھوندي. ڪميٽي مڪمل پروگرام ترتيب ڏئي وڏي وزير کي منظوري لاءِ پيش ڪندي. ھي فيصلو سنڌ حڪومت جي انھيءَ عزم جي عڪاسي ڪري ٿو ته پاڪستان جي آزاديءَ کي سڄي صوبي ۾ جذبي، اتحاد ۽ قومي فخر سان ملھايو ويندو.
Back