سنڌ جي وڏي وزير پاران ڀٽو هاءِ وي تي قيوم آباد پورٽ ڪوريڊور جي تعمير جو اعلان
سنڌ جي وڏي وزير پاران ڀٽو هاءِ وي تي قيوم آباد پورٽ ڪوريڊور جي تعمير جو اعلان
Posted on: 25 Jul 2025 Tags:ڪراچي (23 جولائي): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي جي انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ لاءِ قيوم آباد کان ڪراچي بندرگاهه تائين شاهراهِ ڀٽو تي نئين ڪوريڊور جي تعمير جو اعلان ڪيو آهي. هي منصوبو بندرگاهه واري ٽرئفڪ کي موٽرويز تائين مؤثر رسائي مهيا ڪندو ۽ ملڪ جي لاجسٽڪس ۽ ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ لاءِ هڪ گيم چينجر ثابت ٿيندو. اجلاس وڏي وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني، ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضيٰ وهاب، وڏي وزير جو سيڙپڪاري بابت صلاحڪار قاسم نويد، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ نجم شاهه، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، سيڪريٽري مڪاني ادارا وسيم شمشاد، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر نياز سومرو ۽ ٻيا آفيسر شريڪ ٿيا. وڏي وزير چيو ته نئين ڪوريڊور ذريعي نئشنل هاءِ وي کي موٽرويز سان ڳنڍڻ لاءِ هڪ اهم لنڪ روڊ ٺاهيو ويندو جيڪو قيوم آباد کان بندرگاهه تائين ٽرئفڪ کي سڌو موٽرويز سان جوڙي ڏيندو. سيد مراد علي شاهه چيو ته شاهراهِ ڀٽو جيڪو ڪورنگي ڪازوِي کان ڪاٺوڙ تائين وڃي ٿو، ان کي ڊسمبر 2025 جي آخر تائين عوام لاءِ کوليو ويندو جڏهن ته پورٽ قاسم، لانڍي ۽ ڪورنگي جهڙن صنعتي علائقن جي ٽرئفڪ لاءِ نئشنل هاءِ وي کان موٽرويز تائين جو لنڪ روڊ جلد مڪمل ڪيو ويندو. وڏي وزير بندرگاهه کان قيوم آباد تائين حصي جي فوري تعمير جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اهو بندرگاهه واري ٽرئفڪ کي بنا ڪنهن رنڊڪ جي موٽرويز تائين رسائي مهيا ڪندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو تھ هڪ نجي ڪمپني ڊيزائن، فنانس، آپريٽ، ٽرانسفر (DFOT) ماڊل تحت منصوبي لاءِ تجويز ڏني آهي جنهن ۾ جام صادق انٽرچينج کان بندرگاهه تائين 16.5 ڪلوميٽر ڊگهي سڙڪ ۽ 10.4 ڪلوميٽر ڊگهو فلاءِ اوور شامل آهن جيڪو قيوم آباد کي بوٽ بيسن، پوءِ ضياء الدين چوڪ ۽ ايسٽ وھارف سان ڳنڍيندو. ڪوريڊور منصوبي کانسواءِ ٽرئفڪ اسٽڊي به وڏي وزير جي هدايتن تي مڪمل ڪئي وئي آهي. هن چيو ته شاهراهِ ڀٽو هڪ مرڪزي شاهراهه طور ڪم ڪندي جيڪا هلڪي ۽ ھيوي ٽرئفڪ ٻنهي لاءِ موزون هوندي. ان تي انٽرچينجز ويجهن رهائشي علائقن لاءِ آسان رسائي ڏيندا. وڏي وزير پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (PPP) يونٽ کي هدايت ڪئي ته هو وفاقي ۽ صوبي جي لاڳاپيل ادارن کان جلد کان جلد اين او سي حاصل ڪري ۽ ماحولياتي اسٽڊي فوري طور مڪمل ڪري. ڪراچي جي انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ لاءِ حڪومت جي عزم کي ورجائيندي وڏي وزير ٻڌايو ته ريڊ لائين بي آر ٽي منصوبي جي تعمير تي ڪم تيز ڪيو ويو آهي جڏهن ته سهراب ڳوٺ چوڪ جي ٻيهر ڊيزائننگ جو عمل به جاري آهي ته جيئن ٽرئفڪ جام جو مسئلو گهٽجي سگهي.
Back