سنڌ جي وڏي وزير پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس، مالي دٻاءُ باجود ترقياتي اٿائن جو اعلان

سنڌ جي وڏي وزير پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس، مالي دٻاءُ باجود ترقياتي اٿائن جو اعلان

Posted on: 14 Jun 2025   Tags:

ڪراچي (14 جون): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بجٽ کانپوءِ هڪ تفصيلي پريس ڪانفرنس ڪندي صوبي لاءِ هڪ پُرعزم مالي ۽ ترقياتي ايجنڊو پيش ڪيو، ساڳئي وقت مالي چئلينجن ۽ وفاقي حڪومت پاران ڪٽوتين تي به روشني وڌي. مراد علي شاهه پنهنجي خطاب جي شروع ۾ ايران تي تازي اسرائيلي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. هن ٻڌايو ته هو ان حملي جي خلاف پنهنجو احتجاج سنڌ اسيمبلي جي بجٽ اجلاس ۾ ئي ظاهر ڪري چڪو هو ۽ فوري طور هڪ اجلاس گهرائي ان جارحيت خلاف ٺهراءُ به منظور ڪرايو. وڏي وزير مخالف ڌر پاران ان ٺهراءُ جي منظوري دوران پيدا ڪيل هنگامي صورتحال تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ سوال ڪيو ته اپوزيشن ان جي مخالفت ڇو ڪئي؟ هن حڪومت جي دهشتگردي خلاف سخت موقف کي به ورجايو.وڏي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجو 17هون مسلسل صوبائي بجٽ پيش ڪيو آهي جيڪو سياسي استحڪام ۽ مؤثر حڪمراني جو ثبوت آهي. ان موقعي تي هن وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته هن پنهنجي مالي واعدن تي عمل نه ڪيو آهي. مراد علي شاهه انڪشاف ڪيو ته بجٽ پيش ٿيڻ کان صرف هڪ ڏينهن اڳ سنڌ حڪومت کي اطلاع ڏنو ويو ته متوقع 105 ارب رپيا روڪيا ويندا. سندس چوڻ هو ته سنڌ کي گذريل سال کان وٺي هاڻ تائين 1478.5 ارب رپيا وفاقي قابل ورڇ فنڊ مان مليا آهن جڏهن ته 422.3 ارب رپيا اڃا تائين واجب الادا آهن جن جي ادائيگي جي اميد هن مهيني جي پڄاڻي تائين ڪئي پئي وڃي. مراد علي شاهه چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام تحت سخت مالي ضابطا هجڻ جي باوجود سنڌ حڪومت هن سال 590 ارب رپيا ترقياتي منصوبن لاءِ رکي رهي آهي. مجموعي طور تي بجٽ جو حجم 3.45 کرب رپيا آهي، جنهن مان هڪ کرب رپيا ترقياتي خرچن ۽ 2.15 کرب رپيا جاري خرچن لاءِ رکيا ويا آهن. قابل ذڪر ڳالهه اها آهي ته پگهارن ۽ رٽائرمنٽ جي مد ۾ 1.1 کرب رپيا رکيا ويا آهن جڏهن ته هيٺيئن گريڊ جي ملازمن جي پگهارن ۾ 12 سيڪڙو ۽ مٿئين گريڊ جي ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي.

سيڪٽر وائيز بجٽ ۾ نمايان واڌ:

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هلندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ تعليم جي شعبي لاءِ 18 سيڪڙو ۽ صحت جي شعبي لاءِ 11 سيڪڙو واڌ سان اضافي فنڊز رکيا ويا آهن جڏهن ته زراعت، آبپاشي ۽ بلدياتي منصوبن لاءِ به بجٽ ۾ نمايان اضافو ڪيو ويو آهي. ڪراچي جي انفراسٽرڪچر منصوبن لاءِ 236 ارب رپيا رکيا ويا آهن جن ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هلندڙ منصوبا به شامل آهن. وڏي وزير خاص طور تي ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي فراهمي سميت سنڌ جي سماجي ڀلائي جي ڪاميابين کي اجاڳر ڪيو. هن ٻڌايو ته هيستائين 5 لک گهر تعمير ٿي چڪا آهن جڏهن ته وڌيڪ 8.5 لک گهر اڃا تعمير هيٺ آهن جيڪي گڏجي 13 لک گهرن تائين پهچي وڃن ٿا. هن چيو ته هن تيز رفتار عمل کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو آهي، ۽ اهو نيپال ۾ زلزلي کانپوءِ ڪيل قدمن کان به وڌيڪ اثرائتو آهي. ڳوٺاڻي علائقن ۾ زندگيءَ جو معيار بهتر بڻائڻ لاءِ مراد علي شاهه 600 ارب رپين جي واٽر اينڊ سينيٽيشن منصوبي جو اعلان ڪيو جنهن مان 45 لک ديهي ماڻهو فائدو وٺندا. هي منصوبو موجوده حڪومت جي دور ۾ مڪمل ڪيو ويندو، جنهن ۾ ڳوٺاڻا پنهنجن علائقن ۾ مقامي اين جي اوز جي سهڪار سان بنيادي ڍانچو ٺاهيندا ته جيئن پاڻيءَ سان لاڳاپيل بيمارين تي ضابطو آڻي سگهجي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هن منصوبي کي "انقلابي قدم" قرار ڏنو آهي.

ٽيڪس ۾ رعايتون؛

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هن سال جي بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽيڪس لاڳو ناهي ڪيو ويو بلڪه ڪيترن ئي ٽيڪسن کي ختم يا گهٽايو ويو آهي. هن ٻڌايو ته تفريحي ٽيڪس کي مڪمل طور ختم ڪيو ويو آهي جڏهن ته ريسٽورنٽن تي لاڳو ٽيڪس ۾ به گهٽتائي آندي وئي آهي. ٿرڊ پارٽي گاڏي انشورنس تي اسٽامپ ڊيوٽي کي گهٽائي 50 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته انشورنس ٽيڪس کي 15 سيڪڙو مان گهٽائي 5 سيڪڙو ڪيو ويو آهي. آءِ ايم ايف جي هدايتن مطابق ٽيڪس کان مستثنيٰ شين جي فهرست جلد شايع ڪئي ويندي.

گورننس ۾ جدت:

مراد علي شاهه ٻڌايو ته سنڌ حڪومت زمينن جي ريڪارڊ کي بلاڪ چين ٽيڪنالاجي ذريعي ڊجيٽل بڻائي رهي آهي جيئن ماڻهن کي آسانيءَ سان رسائي ملي سگهي. هن چيو ته ننڍن زميندارن کي مفت ليزر ليولر فراهم ڪيا ويندا، جڏهن ته وڏن زميندارن لاءِ سبسڊي فراهم ڪئي ويندي. ڪلسٽر فارمنگ ٽيڪنالاجي به متعارف ڪرائي پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ اهم اڳڀرائي طور 34 هزار نوان ڪاسٽ سينٽر قائم ڪيا پيا وڃن جڏهن ته هيڊ ماسٽرن کي انتظامي خرچن لاءِ بجيٽ مهيا ڪيو ويندو. معذور ماڻهن لاءِ سهولتن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، ذهني بحالي لاءِ مرڪز ۽ هر ضلعي ۾ يوٿ ڊيولپمينٽ سينٽر قائم ڪيا ويندا. سندس چوڻ هو ته سنڌ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ جي تحت ٻارن جي صحت لاءِ هڪ جامع نيٽورڪ قائم ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سنڌ هاري ڪارڊ پروگرام تحت زميندارن لاءِ 8 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

ڪي فور منصوبي بابت ۽ وفاق تي تنقيد؛

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي پريس ڪانفرنس دوران ڪي فور واٽر پروجيڪٽ جي جوڙجڪ تي روشني وجهندي چيو ته وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي ته هو ڪينجهر ڍنڍ مان پاڻي فراهم ڪري جڏهن ته سنڌ حڪومت ان پاڻي جي ورهاست جي ذميوار آهي جنهن لاءِ ضروري فنڊز رکيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته فيڊر لائين لاءِ 20 ارب رپيا رکيا ويا آهن جڏهن ته هڪ مهانگو، پنج ملين گيلن روزاني گنجائش وارو سامونڊي پاڻي کي مٺي پاڻي ۾ تبديل ڪرڻ وارو پلانٽ به منصوبي جو حصو آهي. مراد علي شاهه تسليم ڪيو ته جيتوڻيڪ وفاقي فنڊز جي کوٽ ۽ آءِ ايم ايف جون شرطون چئلينج پيدا ڪري رهيون آهن تڏهن به سنڌ حڪومت ترقي، سماجي ڀلائي ۽ مالي نظم و ضبط تي قائم آهي. وڏي وزير ٻڌايو ته گريڊ 1 کان 4 تائين 20 هزار کان 25 هزار نوڪريون خالي پيل آهن جن کي جلد ڀريو ويندو. گريڊ 5 کان 7 تائين جون ڀرتيون آءِ بي اي ٽيسٽ جي ذريعي ڪيون وينديون جڏهن ته گريڊ 16 جي مٿين نوڪرين لاءِ به مقرريءَ جو عمل شروع ڪيو پيو وڃي. مراد علي شاهه وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته جڏهن پي ڊبليو ڊي جون اسڪيمون صوبن حوالي ڪيون ويون ته سنڌ کي رڳو 18 منصوبا ڏنا ويا جيڪو واضح ناانصافي آهي. هن وفاقي بجيٽ جي مشروط حمايت جو اعلان ڪندي چيو ته جيڪڏهن ترقياتي منصوبن جي منصفاڻي ورڇ ۽ تعليمي ادارن جي فنڊنگ بحال نه ڪئي وئي ته پاڪستان پيپلز پارٽي بجيٽ جي حمايت نه ڪندي. وڏي وزير ٻڌايو ته يونيورسٽين جي فنڊنگ ۾ 4 ارب رپين مان ڪٽوتي ڪري ان کي رڳو 2 ارب رپيا ڪيو ويو آهي جنهن خلاف احتجاج جاري آهي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سکر-حيدرآباد موٽروي بابت به پنهنجا خدشا ظاهر ڪندي چيو ته هن اهم منصوبي لاءِ وفاق پاران فنڊز 30 ارب رپين مان گهٽائي 15 ارب رپيا ڪيا ويا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن وفاق 25 ارب رپين جو برابر حصو ڏئي ته سنڌ حڪومت به اهڙي رقم ڏيڻ لاءِ تيار آهي پر وفاقي حڪومت اها تجويز رد ڪري ڇڏي آهي. هن ٻڌايو ته اسلامي ترقياتي بئنڪ منصوبي جي ٽن حصن لاءِ فنڊنگ ڏيڻ تي راضي ٿي وئي آهي جڏهن ته باقي حصن لاءِ عالمي مالي ادارن سان ڳالهيون جاري آهن. وڏي وزير افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته وڏا منصوبه وفاقي پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (PSDP) ۾ شامل ئي ناهن ڪيا ويا ۽ سولر پينلن تي 18 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ کي ناانصافي قرار ڏنو. هن واضع طور تي چيو ته جيڪڏهن اهي مسئلا حل نه ٿيا ته پيپلز پارٽي وفاقي بجيٽ جي حمايت نه ڪندي.

ترقياتي قدم ۽ چيلنج؛

ترقياتي قدمن ۽ چئلينجن بابت ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي بجيٽ کان پوءِ پريس ڪانفرنس دوران اعتراف ڪيو ته ڪراچي لاءِ 150 بسن جي آمد ۾ دير وسيلن جي کوٽ سبب ٿي، بهرحال، انفراسٽرڪچر ۽ صفائي ستھرائي جا ڪيترائي منصوبا هلي رهيا آهن. مراد علي شاهه ٻڌايو ته زمينن جو رڪارڊ مڪمل طور ڊجيٽلائيز نه ٿي سگهيو آهي پر بلاڪ چين منصوبو ماتلي ۽ سکر ۾ تجربي جي بنياد تي شروع ڪيو ويو آهي. سيف سٽي منصوبي جو پهريون مرحلو سيپٽمبر يا آڪٽوبر 2026 تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي، جيڪو ڪراچي جي اهم علائقن تي مشتمل هوندو. ابتدائي نتيجا حوصلا افزا آهن ۽ لڳايل ڪئميرائون سيڪيورٽي خدشن جي نشاندهي ڪري رهيا آهن. منصوبي جي ٻئي مرحلي لاءِ 2026 جي بجيٽ ۾ فنڊز رکيا ويا آهن. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي عوام جي سامهون آهي، جنهن جي ڪري پاڪستان پيپلز پارٽي جا ووٽ وڌيا آهن. هن دعويٰ ڪئي ته عالمي مالي ادارا وفاقي حڪومت جي ڀيٽ ۾ سنڌ حڪومت تي وڌيڪ اعتماد ڪن ٿا. آگسٽ 2022 جي ٻوڏ کانپوءِ ورلڊ بئنڪ سنڌ حڪومت تي اعتماد ڪندي هنگامي فنڊز فوري طور تي جاري ڪيا، جيڪو ان اعتماد جو ثبوت آهي.

وفاقي حڪومت ۾ شامل ناهيون:

مراد علي شاهه واضع طور تي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت جي باقاعده اتحادي ناهي، البت سنڌ حڪومت تاريخي فنڊن جي کوٽ بابت موثر موقف پيش ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ کي ٻين صوبن جي برابر آڻڻ لاءِ 86 ارب رپيا ڏنا ويا.

هيلي ڪاپٽر ۽ گاڏين جي خريدار تي وضاحت؛

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، چيف منسٽر آفيس لاءِ هيليڪاپٽر ۽ گاڏين جي خريداري تي ٿيندڙ تنقيد جو جواب ڏيندي چيو ته موجوده هيليڪاپٽر 36 سال پراڻو آهي جڏهن ته گاڏيون به ڪيترن ئي سالن کان اپڊيٽ نه ٿيون ويون آهن. هن اعلان ڪيو ته ايندڙ مالي سال ۾ غير ضروري خرچن کي روڪڻ لاءِ نون گاڏين جي خريداري تي پابندي لڳائي وئي آهي. هن ٻڌايو ته حڪومت زرعي شعبي ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ ڏانهن وڌي رهي آهي پر مقامي هارين جي نيٽ ورڪ کي شامل ڪري شفاف شراڪت کي يقيني بڻايو پيو وڃي. مراد علي شاهه بي قابو ٿيندڙ آبادي کي سنڌ جو اهم مسئلو قرار ڏنو ۽ ٻڌايو ته صحت ۽ پاپوليشن ويلفيئر وارن کاتن کي ضم ڪيو ويو آهي ته جيئن بهتر سهولتون مهيا ڪري سگهجن. هن چيو ته وفاقي حڪومت اڃا تائين وڏن ڊيمن لاءِ ڪا رقم نه رکي آهي جڏهن رکندي ته پوءِ ڏسنداسين. مراد علي شاهه وزيراعظم پاران تڪراري ڊيم منصوبن جي مخالفت کي ساراهيو. وڏي وزير انڪشاف ڪيو ته سنڌ حڪومت 25 ارب رپين جا سولر منصوبا رکيا آهن ۽ وڻڪاري مهم به شروع ڪئي پئي وڃي. هن اعتراف ڪيو ته ان سلسلي ۾ اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن واضح ڪيو ته سرڪاري نوڪرين لاءِ عمر جي بالائي حد 35 سال سپريم ڪورٽ مقرر ڪئي آهي ۽ ڪو به صوبو ان کي تبديل نه ٿو ڪري سگهي.

هن انڪشاف ڪيو ته سنڌ حڪومت موسمياتي تبديليءَ سان مقابلو ڪرڻ لاءِ 25 ارب رپين جا سولر منصوبا مقرر ڪيا آهن بهرحال هن اعتراف ڪيو ته صوبي ۾ غربت ۾ واڌ ٿي رهي آهي جنهن جو وڏو سبب آءِ ايم ايف پروگرام تحت سرڪاري خرچن تي لڳايل پابنديون آهن. هن دعويٰ ڪئي ته بجيٽ ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو ويو آهي ۽ اپوزيشن کي بريفنگ پڻ ڏني وئي جيتوڻيڪ ڪجهه تجويزن کي شامل نه ڪرڻ تي تنقيد ڪئي پئي وڃي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسرائيلي جارحيت خلاف قرارداد تي پيدا ٿيل تڪرار بابت به کلي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته اپوزيشن پارٽين هن حساس معاملي کي سياسي فائدي لاءِ استعمال ڪيو، جڏهن ته انهن جو رويو حقيقي عملن بدران رڳو شور شرابي ۽ گوڙ تي ٻڌل هو. هن الزام لڳايو ته اپوزيشن احتجاجن دوران حقيقتن کي بگاڙي پيش ڪيو ۽ اسرائيلي جارحيت جهڙي انساني مسئلي کي به سياسي هٿيار طور استعمال ڪيو. مراد علي شاهه واضع ڪيو ته سنڌ حڪومت اپوزيشن سان رابطو رکڻ ۽ انهن جا خدشا ٻڌڻ چاهي ٿي پر افسوس سان چيو ته گهڻو ڪري ڳالهه ٻولهه ذاتي شڪايتن جي ور چڙهي وڃي ٿي. هن چيو ته بجيٽ سازي جي عمل ۾ اپوزيشن سان باقاعده مشاورت جو ڪو طئي ٿيل نظام موجود ناهي جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت انهن سان ڳالهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پريس ڪانفرنس جي پڄاڻي تي مراد علي شاهه واضع اعلان ڪيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي، پاڪستان تحريڪ انصاف يا ايم ڪيو ايم جي ڪنهن به دٻاءَ يا بليڪ ميلنگ کي ڪو به اهميت نه ڏيندي ۽ عوامي مفادن جو تحفظ ئي حڪومت جي اولين ترجيح رهندي.

Back