سنڌ جي وڏي وزير سان ورلڊ بئنڪ وفد جي ملاقات، واش پروجيڪٽ ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن بابت ڳالھيون
سنڌ جي وڏي وزير سان ورلڊ بئنڪ وفد جي ملاقات، واش پروجيڪٽ ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن بابت ڳالھيون
Posted on: 24 May 2025 Tags:ڪراچي (24 مئي 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ ورلڊ بئنڪ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر انا بيجراڊ جي اڳواڻيءَ ۾ آيل وفد سان اهم ملاقات ڪئي. ملاقات دوران واٽر، سينٽيشن اينڊ هائجين (WASH) پروجيڪٽ جي شروع ڪرڻ ۽ ٻوڏ متاثرن جي لاءِ جاري رهائشي رٿائن تي ڳالهيون ڪيون ويون. وفد ۾ ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بنھسين، آپريشن مئنيجر گيليس ڊي ڊراگولِس، ڊيزاسٽر رِسڪ مئنيجمينٽ اسپيشلسٽ بلال خالد، حنا سليم لوٽيا ۽ فنڪ پئٽرڪ شامل هئا. اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، ناصر حسين شاهه، ڄام خان شورو، علي حسن زرداري، ڪراچي شھر جو ميئر مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه شرڪت ڪئي. واش (WASH) پروجيڪٽ: اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو ته 270 ملين ڊالرن جي لاڳت سان واش پروجيڪٽ جي شروعات ڪئي ويندي، جنهن سان سنڌ جي 3200 ٻوڏ متاثر ڳوٺن ۾ صاف پاڻي، نيڪالي ۽ صفائي جون سهولتون مهيا ڪيون وينديون. رٿا سان 15 لک ماڻهن کي فائدو حاصل ٿيندو. ان لاءِ فنڊنگ ۾ ورلڊ بئنڪ کان 75 ملين ڊالرز، اسلامي ترقياتي بئنڪ کان 13 ملين ڊالرز، ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان 100 ملين ڊالرز ۽ سنڌ حڪومت پاران 100 ملين ڊالرز شامل آهن.
ٻوڏ متاثرن لاءِ رهائشي رٿا:
اجلاس ۾ سنڌ پيپلز هائوسنگ رٿا بابت به ڳالهيون ٿيون، جيڪو بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن تحت شروع ڪيو ويو آهي. وڏي وزير ٻڌايو ته 2022ع جي ٻوڏ 70 سيڪڙو سنڌ کي متاثر ڪيو، جنهن ۾ 1.2 ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا ۽ 21 لک گهر تباھ ٿيا. منصوبي هيٺ 15 ملين ڳوٺاڻن جي لاءِ گهر تعمير ڪيا پيا وڃن. هن وقت تائين 120000 ٻوڏ متاثرن جا بئنڪ اڪائونٽ کوليا ويا آهن، ساڍا يارنھن لک ماڻهن کي مالي امداد ڏني وئي آهي، ساڍا ست لک گهرن جا بنياد مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ پنج لک گهر آخري مرحلي ۾ آهن. 9 لک زمين جا مالڪي سرٽيفڪيٽ عورتن جي نالن تي جاري ڪيا ويا آهن. وڏي وزير ٻڌايو ته ھن رٿا تحت ڏھھ لک کان وڌيڪ نوجوانن کي نوڪين جا موقعا فراھم ٿيا آھن.
ثقافتي دورو:
دوري دوران ورلڊ بئنڪ وفد وزيراعليٰ هائوس جو دورو ڪيو، جتي کين محترمه فاطمه جناح سميت پاڪستان جي ناليوارين عورتن ۽ پاڪستان کان اڳ ۽ پوءِ جي وڏن وزيرن جي تصويرن جي گئلري ڏيکاري وئي. وفد ان تاريخي عمارت جي فنِ تعمير جي پڻ واکاڻ ڪئي.
Back