سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو اميد جي عالمي ڏھاڙي تي اھم پيغام

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو اميد جي عالمي ڏھاڙي تي اھم پيغام

Posted on: 12 Jul 2025   Tags:

ڪراچي (12 جولاءِ 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اميد جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي سندس پيغام ۾ چيو آهي ته اميد اهو ڏيئو آهي، جيڪو نااميدي ۽ اونداهين ۾ روشني آڻي ٿو. اها ئي روشني فرد، سماج ۽ قوم جي سڌاري جو رستو ڏيکاري ٿي. سيد مراد علي شاهه چيو ته معاشري ۾ برداشت، ڀائيچاري ۽ بهتري لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون. اسان جا نوجوان پاڪستان جي روشن مستقبل جي اميد جو ڪرن آهن ۽ سنڌ جا نوجوان تبديلي جا معمار آهن. اسان جو فرض آهي ته انهن جي رهنمائي، ھمت افزائي ۽ سهولتون مهيا ڪيون وڃن. هن اميد جي عالمي ڏھاڙي تي زور ڏنو ته مثبت سوچ کي عملي قدمن ۾ تبديل ڪيو وڃي ۽ پنهنجي ڀرپاسي وارن لاءِ اميد جو وسيلو بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. وڏي وزير چيو ته ننڍڙا اپاءَ به وڏو فرق آڻي سگهن ٿا، تنهنڪري اڄ ڪنهن جي زندگي ۾ اميد جو ڏيئو ٻاريو. نوجوانن کي مخاطب ٿيندي وڏي وزير چيو ته علم، ڪردار ۽ خدمت جي ذريعي معاشري ۾ اميد پيدا ڪريو. سنڌ حڪومت اميد، امن ۽ يڪجهتي جي سوچ سان اڳتي وڌي رهي آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته گڏيل سوچ، مثبت بڻجي ۽ مستقبل کي بهتر بڻائي سگھجي ٿو. ھن وڌيڪ چيو تھ ”سرڪل آف هوپ“ جهڙا مڪالما مثبت تبديليءَ جي شروعات ٿي سگهن ٿا.  آخر ۾ هن چيو ته خدمت، همدردي ۽ خيالن جي ڏي وٺ اميد کي زندهه رکن ٿا، ڏکئي وقت ۾ پڻ اميد جو آسرو نه ڇڏيو، ڇو ته اميد ئي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي طاقت آهي.

Back