سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو قوم جي ناءُ آزادي ڏهاڙي تي پيغام
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو قوم جي ناءُ آزادي ڏهاڙي تي پيغام
Posted on: 14 Aug 2025 Tags:ڪراچي (14 آگسٽ 2025): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 14 آگسٽ 2025 جي موقعي تي آزادي جي ڏهاڙي جي مناسبت سان قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هي ڏينهن پاڪستاني قوم لاءِ فخر، عزت ۽ قربانين جي ياد جو ڏينهن آهي. هن چيو ته 14 آگسٽ 1947 تي اسان جي بزرگن انتھڪ جدوجهد، بي مثال قربانين ۽ ناقابل شڪست جذبي سان هڪ آزاد ۽ خودمختيار رياست جو خواب پورو ڪيو. وڏي وزير چيو ته آزادي جو ڏينهن صرف جشن جو ڏينهن نه پر نئين عزم جي تجديد جو ڏينهن آهي ـ اهڙو عزم جيڪو وفاداري، خدمت ۽ ترقي جي رستي تي هلڻ جو پابند بڻائي ٿو. اسان کي پنهنجي دلين ۾ هي عزم نئون ڪرڻو پوندو ته اسان پنهنجي ملڪ جي ترقي، خوشحالي، سالميت ۽ بقا لاءِ سڀ وسيلن ۽ صلاحيتن کي وقف ڪنداسين. سيد مراد علي شاهه باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناحؒ جي فڪر کي مشعل راهه قرار ڏيندي چيو ته قائد جو پيغام "ڪم، ڪم، ۽ صرف ڪم" اڄ به اسان جي ڪاميابي جي اهم ڪنجي آهي. هن چيو ته اسان کي انهن اصولن کي پنهنجي ذاتي ۽ اجتماعي زندگيءَ جو حصو بڻائڻو پوندو ته جيئن پاڪستان ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ اچي. وڏي وزير چيو ته سنڌ جي ڌرتي جيڪا هزارين سالن کان تهذيبن ۽ تمدن جي امين رهي آهي، پاڪستان جي قيام کان وٺي اڄ تائين هر وقت ملڪ جي خدمت لاءِ اڳڀري رهي آهي. سنڌ جي عوام هميشه ڀائپي، رواداري، جمهوريت ۽ آئيني بالادستي جا اصول اپنائڻ ۾ اڳڀري رهي آهي. سيد مراد علي شاهه سنڌ جي عوام جي قربانين، جذبي ۽ حب الوطني کي ڀيٽا ڏيندي، آزاديءَ لاءِ جان ڏيندڙ شهيدن کي ياد ڪيو. اسان انهن سپاهين، بزرگن، مائرن، ڀينرن، نوجوانن ۽ ٻارن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن پنهنجي جانين جا نظرانا ڏنا. هي ڏينهن انهن ئي جي جدوجهد جو نتيجو آهي. وڏي وزير چيو ته پاڪستان کي اڄ جن چئلينجن جو سامهون آهي، انهن ۾ دهشتگردي، انتهاپسندي، فرقيواريت، غربت ۽ جهالت شامل آهن ـ انهن مسئلن جو حل صرف قومي اتحاد، اتفاق ۽ اجتماعي ڪوششن سان ممڪن آهي. اسان کي گهرجي ته پنهنجن صفن ۾ اتحاد پيدا ڪريون، رواداري جو مظاهرو ڪريون، ۽ پاڪستان کي هڪ پرامن، ترقي يافته ۽ خوشحال ملڪ بڻايون. پنهنجي پيغام ۾ وڏي وزير نوجوانن، شاگردن، عورتن، پورهيتن، واپاري برادري ۽ هر طبقوءِ فڪر سان اپيل ڪئي ته هو پنهنجي پنهنجي سطح تي ملڪ جي بهتري لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته حڪومت سنڌ عوامي خدمت جي مشن تي گامزن آهي. اسان تعليم، صحت، صاف پاڻي، زراعت، روزگار ۽ بنيادي ڍانچي جي بهتري لاءِ اهم قدم کنيا آهن، جن جا فائدا عوام تائين پهچي رهيا آهن. هن چيو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته پاڪستان کي جديد تقاضائن سان هم آهنگ، مضبوط ۽ مستحڪم رياست بڻايو وڃي، جتي هر شهري کي برابري جا موقعا حاصل ٿين. پيغام جي پڄاڻيءَ تي سيد مراد علي شاهه دعا ڪئي ته الله پاڪ اسان جي پيارين ڌرتي پاڪستان کي هميشه سلامت رکي، ترقي عطا فرمائي، ۽ اسان کي ايمانداري، اخلاص ۽ استقامت سان پنهنجا فرض نڀائڻ جي توفيق ڏي.
Back