سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو ريت ۽ ڌوڙ جي طوفانن جي عالمي ڏھاڙي تي پيغام

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو ريت ۽ ڌوڙ جي طوفانن جي عالمي ڏھاڙي تي پيغام

Posted on: 12 Jul 2025   Tags:

ڪراچي (12 جولاءِ 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ريت ۽ ڌوڙ جي طوفانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سندس پيغام ۾ چيو آهي ته اهڙا طوفان نه رڳو ماحولياتي نظام لاءِ پر انساني صحت، معيشت، خوراڪ، پاڻي ۽ روزگار لاءِ به انتهائي سنگين خطرو آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت ماحولياتي آلودگي جي خاتمي لاءِ مؤثر قدم کڻي رهي آهي ۽ گڏيل قومن جي پائيدار ترقيءَ جي مقصدن تي عمل لاءِ پرعزم آهي. ھن وڌيڪ چيو ته زمين ۽ پاڻي جي غير پائيدار استعمال ريت ۽ ڌوڙ جي طوفانن ۾ واڌ جو سبب بڻيا آهن، جن کي روڪڻ لاءِ عالمي سهڪار ضروري آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته انهن طوفانن جي شدت ۾ انساني سرگرمين جو وڏو عمل دخل آهي، تنهنڪري ماحول بابت شعور اجاگر ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ماحولياتي نظام جي بحالي لاءِ هنگامي بنيادن تي اپاءَ وٺي رھي آهي ته جيئن سنڌ جي مستقبل کي محفوظ بڻائي سگهجي.

Back