سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو سياحت جي عالمي ڏينهنِ تي پيغام

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو سياحت جي عالمي ڏينهنِ تي پيغام

Posted on: 30 Sep 2025   Tags:

ڪراچي (27 سيپٽمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سياحت جي عالمي ڏھاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هن سال ڏينهنِ سياحت "سياحت ۽ پائيدار تبديلي" جي عنوان سان ملهايو پيو وڃي جيڪو اسان کي ياد ڏياريندو آهي ته سياحت نه رڳو معاشي ترقي پر سماجي خوشحالي جي به ضمانت آهي۔ وڏي وزير چيو ته سنڌ جي سڃاڻپ موئن جو دڙو، رني ڪوٽ قلعو، گورک هِل، هاليجي، ڪينجهر ۽ منڇر ڍنڍ ۽ صحرا ٿر جهڙا تاريخي ۽ قدرتي ماڳ آهن۔ سنڌ جا سمنڊ، دريا، ڪارونجهر ۽ کيرٿر جون پهاڙيون ڌرتي جي خوبصورتي کي اجاگر ڪن ٿيون۔ هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت سياحتي ماڳن تي بنيادي ڍانچي ۽ سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو آهي جڏهن⁠ته ايڪو ٽورازم جي واڌاري لاءِ ماحولياتي تحفظ کي اولين ترجيح ڏني وئي آهي۔ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ لاءِ سياحت سان لاڳاپيل منصوبا شروع ڪيا ويا آهن ۽ نوجوانن ۽ عورتن کي هن شعبي ۾ تربيت ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن۔ وڏي وزير جو چوڻ هو ته سنڌ جي ثقافتي سڃاڻپ جهڙوڪ ميلا، لوڪ گيت، صوفي ڪلام، موسيقي ۽ دستڪاريون هميشه سياحن کي پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪرائينديون آهن۔ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت نوان سياحتي منصوبا شروع ڪيا پيا وڃن ۽ جديد ڊجيٽل پليٽفارمز ذريعي سنڌ جي سياحت کي عالمي سطح تي اجاگر ڪيو پيو وڃي۔ سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي سياحت پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي۔ وزيراعليٰ سنڌ پنهنجي پيغام ۾ چيو اچو! سڀ گڏجي سنڌ کي دنيا جي سياحتي شاهڪار بڻايون۔

Back