سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي چيني قونصل جنرل سان ملاقات، چين جي دورو کان اڳ اسٽريٽجڪ شراڪتداريءَ تي ڳالهيون
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي چيني قونصل جنرل سان ملاقات، چين جي دورو کان اڳ اسٽريٽجڪ شراڪتداريءَ تي ڳالهيون
Posted on: 10 Jul 2025 Tags:ڪراچي (9 جولاءِ 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچيءَ ۾ مقرر چيني قونصل جنرل يانگ يونڊونگ سان اربع ڏھاڙي وزيراعليٰ ھائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ چين جي دورو کان اڳ گڏيل اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ تفصيلي ڳالهيون ڪيون. ملاقات ۾ پرنسپال سيڪريٽري آغا واصف ۽ چين جو ڊپٽي قونصل جنرل زانگ هائو پڻ موجود هئا. وڏي وزير چيو تھ سندس سيپٽمبر ۾ چين جو دورو ڪندو، جتي ھُو سنڌ حڪومت جا مختلف پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) رٿائون پيش ڪندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت اسپيشل اڪنامڪ زونز (SEZs) قائم ڪري رهي آهي، جتي چيني سيڙپڪاري انتهائي فائديمند ثابت ٿي سگھي ٿي. وڏي وزير سي پيڪ رٿائن ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي (ڪي سي آر) بابت اڳڀرائي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ڪي سي آر رٿا عملي طور تي ڪم ڪيو وڃي ته جيئن ڪراچي جا شھرين کي سفر جون بھتر سهولت حاصل ٿي سگھن. وڏي وزير چيو تھ ڪراچيءَ ۾ پاڻي جي صفائي (واٽر ٽريٽمينٽ) ۽ سامونڊي پاڻي کي مٺو بڻائڻ لاءِ پلانٽس جون رٿائون پڻ چين جي سيڙپڪارن کي آڇ ڪيون وينديون. سيد مراد علي شاهه خصوصي ماڻهن لاءِ ڪراچي ۾ "انڪليوسو سٽي" جي تعمير لاءِ به چيني سهڪار جي آڇ ڪئي، جيڪو پاڪستان ۾ هڪ ماڊل ادارو هوندو. هن چيو ته شنگھائي ۽ هوبئي حڪومتن سان ڀائيواريءَ ذريعي چين جي تجربي مان فائدو وٺي سگهجي ٿو ته جيئن خصوصي ماڻھن کي معاشري ۾ مرڪزي جاءِ ملي. وڏي وزير صحت، پاڻي جي وسيلن ۽ زرعي ترقيءَ جھڙن شعبن ۾ پي پي پي ماڊل تحت چين سان شراڪت قائمڪرڻ تي زور ڀريو. هن هائبرڊ ٻج، جيڪي گهٽ پاڻي سان وڌيڪ پيداوار ڏين ۽ ماحول دوست ميون ۽ ڀاڄين لاءِ به چين جي سھڪار جي خواھش ظاھر ڪئي. هن سيڙپڪاري واري کاتي کي هدايت ڪئي ته چين جي دورو کان اڳ تفصيلي پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ رٿائون تيار ڪيون وڃن.
Back