سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران اسماعيل راهو سان ڀيڻ جي روڊ حادثي ۾ لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران اسماعيل راهو سان ڀيڻ جي روڊ حادثي ۾ لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار
Posted on: 02 Nov 2025 Tags:ڪراچي (24 آڪٽوبر 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو سان سندس ڀيڻ حسنا راهو جي روڊ حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبائي وزير اسماعيل راهو ۽ سندس وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت ڪندي دعا ڪئي ته ربِ ڪائنات مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري ۽ وارثن کي صبر عطا فرمائي. سيد مراد علي شاهه چيو ته اسين هن ڏک واري گهڙيءَ ۾ راهو خاندان جي غم ۾ برابر جا شريڪ آهيون.
Back
Dr. Ziauddin Ahmed Road, Karachi, Pakistan
009299202051
09:00 A.M to 05:00 P.M
2026 © Chief Minister's Secretariat